شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ڀڳت سومجي ڀاٽيا

ڀڳتي ڪري پاتال ۾، پرگهٽ هووي آڪاس، رجب تينون لوڪ ۾، نهين ڇپي هري ڪا داس. موسيقي، شاعري ۽ سُرن جي سنگم جو ٻيو نالو آهي. ڪائنات جي حسناڪي موسيقيءَ سان جُڙيل آهي. ويدن کان وٺي لطيف سرڪار جي شاعريءَ تائين، لطيف کان وٺي اياز جي گيتن تائين، سنڌي شاعري موسيقيءَ سان ٽمٽار رهي آهي. سنڌ جو هڪ پنهنجو صوفياڻو رنگ آهي. ساڌ ٻيلي کان وٺي ساڙدڙي تائين، پير پٿوري جي ماڙيءَ کان وٺي پار برهم تائين، لطيف جي نگري توڙي ساڙدڙي جي آستاني ۾ جڏهن راڳين ۽ ڀگتيءَ جو آواز ٻڌجي ٿوته انهي مهل سنڌ جو تصوف مون کي دنيا جي تصوف کان بلڪل نرالو نظر ايندو آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ بارود جي بوءِ اچي رهي آهي، ۽ دنيا ۾ هر هنڌ رت جي هولي کيڏي پئي وڃي، ته اُتي ڀڳت ڪنور رام ۽ سومجي ڀاٽيه جھڙن ڪلاڪارن کي ٻڌي زندگيءَ ۾ گهڙي پل سڪون ضرور ملي ٿو. اڄ انهي مهان راڳي ميگهه ونس سومجي ڀاٽيا جو ذڪر ڪريان ٿو، جنهن جو جنم سال 1932ع ۾ ڳوٺ مسڻ وڏي تعلقه ٽنڊو الهيار ۾ سرڳواسي جالو رام نُک ڀاٽيا جي گهر ٿيو. سندس ماتا شري جو نالو بيکان ٻائي، ڌي رامو مل ذات سيجو، ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي تعلقه ڪوٽ غلام محمد جي هئي. پاڻ انگريزي پڙهي سگهي ٿو. ڪانگريسي اسڪول ۾ ABC پڙهيو هو. سندس شروعاتي ڌنڌو ٻيڙي ٻڌڻ ۽ ان کانپوءِ ٽيلر ماستر ٿي 1960ع ۾ مسڻ وڏي کان لڏي اچي ميرپورخاص ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اڄ تائين رهن پيا. پاڻ شادي سال 1948ع ۾ شريمتي ڌيما ديوي ڌي ڪرنا رام، ذات پنوار ڳوٺ ڪنڊياري تعلقه سانگهڙ سان ڪئي، جنهن مان کيس اولاد ست نياڻيون ۽ هڪ پُٽ وڪرم داس، جيڪو VII ڪلاس ۾ پڙهي پيو. کيس ننڍي هوندي کان ڳائڻ جو شوق هو ۽ سندس ڏاڏو هڪ سنت هو، ۽ پوءِ ويرو مل پونم رام کان ڳائڻ جي سکيا ورتائين. سال 1978ع ۾ هن پهريون دفعو ريڊيو پاڪستان تي ڳائڻ شروع ڪيو، ۽ استاد خان صاحب منظور علي خان کان باقاعدي راڳ جي سکيا ورتي، ۽ پنهنجو راڳ وديا گرو ڪيائين، ۽ 1950ع ۾ سنت اميدرام گڍڙو چارڻ واسيءَ کي پنهنجو روحاني گرو ڪيائين. 1980ع ۾ پير پٿوري صاحب جي مهما جي ڀڄنن کي ڪيسٽ جي صورت ۾ رڪارڊ ڪرايائين، جنهن کي پوري ميگهه ونس جاتيءَ ساراهيو ۽ مشهوري ماڻي. هن وقت 32 راڳڻيون ڳائي سگهي ٿو. سندس پسنديده راڳڻيون، ملهار، ڀوپالي، مالڪوس، ڀيم ڪلياڻ، پهاڙي، ڪاموڏ ۽ سورٺ شوق سان ڳائيندو آهي.سندس پسنديده گلوڪار خانصاحب استاد منظور علي خان، صالحورام راجوخاناڻي آهن. شاعرن ۾ برهمانند، ڪبير صاحب، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ميران ٻائي سندس پسنديده شاعر آهن. 1976ع ۾ انٽرڪانٽينينٽل هوٽل لاهور ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان ملاقات ٿي. ppp جي پهرين ڪنويشن ۾ شرڪت ڪئي، جنهن لسٽ ۾ سندس نمبر 74 هو ۽ پارٽيءَ جو بنياد رکيو ويو ۽ بنگلاديش تسليم ڪرڻ وقت به سومجي ڀاٽيا ذوالفقار ڀٽو صاحب سان گڏ هو. 1990ع ۾ 500 ماڻهن جي جٿي سان گڏ تيرٿ ياترا لاءِ انڊيا ويو. جتي دهليءَ ۾ هُن جٿي جي اڳواڻي ڪئي ۽ اٽل بهاري واجپائيءَ سان ملاقات ڪئي. هٿ ملايو انهي کانپوءِ راجيو گانڌيءَ سان دهليءَ ۾ سندس بنگلي تي، جٿي جا سڀ ماڻهو مليا ۽ هٿ ملايو. انڊيا ياترا دوران راءِ پور ۾ ساڌرام آسارام تي ڳايو، ۽ اُتي اسٽيج تي ڳائيندڙ ڪلاڪارن جي خاص فرمائش تي سنڌي ڪلام ڳائي ويٺلن کي جهومائي وڌو، ۽ کيس سارهايو ويو ۽ ڪافي انعام سان نوازيو ويو. انهيءَ کانسواءِ امراوتيءَ ۾ لال سائين اڏيرو جي ميلي وقت، جو چيٽي چنڊ تي لڳندو آهي، اُتي چار ڀڄن ڳائي داد حاصل ڪيو. انهي کانسواءِ هري دُئار ۾ شري رام ڪاليج ۾ پڻ ڀڄن ڳاتا، جيڪي ڪافي پسند ڪيا ويا. انهيءَ کان اڳ ۾ سال 1980ع ۾ هنگلاج ماتا جي ياترا ڪري آيا. اُتي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري مهانتا حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح ڀڳت سومجي ڀاٽيا پنهنجي عمر جا 45 سال راڳ کي ارپي ڇڏيا، اڃا به ڳائي رهيو آهي. ڪيترن ستسنگن ۾ گهرايو وڃي ٿو ۽ سريلي ۽ مٺي آواز سان ماڻهن کي موهي وجهي ٿو. گڏوگڏ ڌرمي پرچار ڪندا رهن ٿا. تعليم لاءِ ٻارن جي پڙهائڻ لاءِ خاص تاڪيد ڪندا رهن ٿا، ۽ نشي وغيره کان دور رهڻ جا درس ڏيندا رهن ٿا. ڪبير سنگت ساڌڪي، جيون گندي ڪا داس، جو ڪڇهه گندي دي نهين، تو پي واس سواس.