شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

برهمچاري ڀڳت چاندارام

(1946ع کان 2005-2-20) آگ لگي آڪاش ڪو، جهڙجهڙي پڙي انگار، سنت نه هووي سنسار ۾، تو جل جاوي سنسار. سنڌ جي هن سونهاري ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي درويشن، سامين، ڀڳتن ۽ ساڌو سنتن جنم وٺي وقت به وقت ڀٽڪيل، ڀليل ۽ وهم وسوسن سان ڀريل ماڻهن کي پرڀوءَ سان ناتو جوڙي، سنئين راهه تي آڻڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀايو آهي. انهن مان ڀڳت چاندارام پڻ هن ڪٺ سمي جو هڪ مثالي ڪردار ٿي گذريو آهي. ميگهواڙ قبيلي جي فرد ڏوڏارام ولد نارائڻ، ويٺل شهر اسلام ڪوٽ تعلقه اسلام ڪوٽ، ضلع ٿرپارڪر جي گهر ۾ سال 1946ع ۾ هڪ ٻالڪ جو جنم ٿيو. سندس ماتا جو نالو شريمتي کينيان هيو. ٻالڪ جو نالو چاندو رکيو ويو. مائٽ غريب گهراڻي سان وابسطه هيا ۽ تعليم جو لاڙو تمام گهٽ هئڻ ڪري، اسڪول ۾ داخل نه ڪرائي سگهيا، پر ڪجهه سالن کان پوءِ پنهنجيون ٻڪريون هيون، جيڪي ڪاهي جهنگ ۾ چارڻ ويندا هئا، جتي هڪ پدم پري نالي ٻاوو (سوامي) رهندو هو، جنهن کان ڪجهه جهاڙيون سکيا ۽ انهي ٻاوي سان گڏجي چارڻ نالي فقير هيو، جنهن سان ملڻ ويندا هئا. چارڻ فقير علم جو ڄاڻو هيو، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو روپ بدلائي باندر جو روپ ڌاري، چاندو وارن کي درشن ڪرائيندو هيو. اڄ پڻ اسلام ڪوٽ کان ڏکڻ طرف ڳوٺ ملهو ڀيل لڳ چارڻ فقير جو آستان آهي، جتي هر سال بڊي مهيني جي چنڊ جو ميلو لڳندو آهي. چانڊو جهاڙين کي پڪو ڪندي ڪندي، ڪنهن ازغيبي اثر هيٺ اچي ويو، ۽ چرين وانگي رڙيون ڪندي ڊوڙون پائيندو هيو. هڪ ڏينهن ڀڄندي ڀڄندي سنت شري نيڻورام جي شرڻ پهتو، ۽ اتي پهچڻ کان پوءِ جيڪا به تڪليف هئس، انهيءَ کان نجات مليس ۽ پوءِ سنت وٽ رهي، آشرم ۾ شيوا ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جهاڙيون وغيره ساجهڻ ڇڏي، ڀڄن سکڻ ۽ ڳائڻ شروع ڪيائين. سنت نيڻورام، ڪبير، ميران ٻائي ۽ مهاراج ڏونگر پوري جي ڀڄنن جا شيدائي هيا. انهي ڪري چاندو پڻ اهڙائي ڀڄن ڳائڻ لڳو ۽ ان وقت ڌينو مل ولد ٽلو مل پڻ گڏ ڀڄن ڳائيندو هيو. ڀڄن ڳائڻ روز جو معمول هيو ۽ خاص ڪري ساڳيا ئي ڀڄن روزانو سنت نيڻورام ٻڌندا هيا. ڳائڻ کان پوءِ چاندو ڀڳت چاندارام جي نالي سان سڏجڻ لڳا، ۽ ڀڄنن جي پريم ۾ رچي، ستگرو ڀاوارام جي شرڻ ۾ پهتا، جنهن پنهنجي ڪرپا سان کيس چيلو تسليم ڪري سٻنڌ سڻايو ۽ ڀڳت چاندارام پنهنجي ڪرڻي ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا. سنت نيڻورام سان ويهه سال گڏ رهيا، ۽ سنت جي پرلوڪ پڌارڻ کانپوءِ به پندرهن سال آشرم ۾ رهيا ۽ رهندي رهندي هنومان جي شيوا ڪندا هيا، انهي ڪري نيڻورام آشرم جي اوڀر ۽ اتر واري ڪنڊ تي ٻاوي جي ترائي جي ڪپ تي، هڪ ڪکائين ڪُٽيا ٺاهي رهڻ لڳا ۽ اتي هنومان جون مورتيون رکي شيوا ڪرڻ لڳا، ۽ آهستي آهستي ڪُٽيا جي چوطرف ڪنڊن جي واڙ ڏيڻ شروع ڪيائون، ۽ پنهنجي هٿن سان ڍڳين جو ڇيڻو گڏ ڪري اڱڻ تيار ڪيائون. انهي وچ ۾ سنڌي ۽ شاشتري ٻولي سکي ورتائون. ايتريقدر جو پنهنجي ڪجهه مخصوص انداز ۾ لکي پڻ ويندا هئا جيڪي عام ماڻهو ته پڙهي سگهي يا نه، پر پاڻ چڱي ريت پڙهي ويندا هيا. ڪجهه ٻوليون لکڻ ۽ پڙهي وڃڻ کانپوءِ سنڌي، گجراتي ۽ شاستري ٻولين ۾ ڪتابن جو ذخيرو پڻ گڏ ڪرڻ شروع ڪيائون. ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ روز جو معمول هيو، مختلف ڪتابن ۾ جيڪي به ڀڄن وغيره دل کي وڻندا هيس، اهي پاڻ پنهنجي ۽ ٻيا ڪجهه شيواڌاري ڇوڪرا ايندا هئا، انهي جي هٿ اکرين لکرائي وٺندا هيا. تعليم يافته نه هوندي به ذهن ايترو تيز ۽ سالم هوندو هو، جو ڀڄن ڳائيندي ٻُڌي ٻُڌي ياد ڪري وٺندا هيا. گڏوگڏ هنومان جو آستان پڻ وڌندو ۽ ترقي ڪندو رهيو، ڪجهه ڪچيون ڪجهه پڪيون لانڍيون ۽ ڪمرا وغيره پڻ تيار ٿيڻ لڳا، ۽ ستسنگ ڀاو وغيره چالو رهيو. خاص ڪري نو راتا (جيڪي سال ۾ ٻه دفعا هجن ٿا هڪ اسو مهيني ۽ ٻيا چيٽ مهيني ۾ اچن ٿا) يعني نو راتيون ستسنگ ۽ پرشاد وغيره جو بندوبست رکندا هئا، جنهن ۾ ڪافي شهر جا لهاڻا برادري ۽ خاص ڪري مکي ڇوڪرا وڏي شوق سان حصو وٺندا رهيا آهن. جيڪڏهن شاگرد يعني چيلن جو ذڪر ڪبو ته تمام ٿورا ماڻهو اهڙا آهن، جنهن کي پنهنجو شش يعني چيلو بنايائون. مثال طور هريش، مالو، ڀڳڙو ڀڳت وغيره. انهن سڀني مان هريش مالو کيس وڌيڪ ويجهو هو، ۽ شيوا پڻ ڪندو هيو. انهي ڪري پاڻ پنهنجي هٿ اکرين لکي ويا آهن ته منهنجي چولي مٽائڻ کانپوءِ، صرف هريش مالو ئي هن آشرم جي مالڪي ڪرڻ يا سنڀالڻ جو حقدار آهي، ۽ ڀڳڙو ڀڳت (جيڪو ڀڳت چاندارام جي آشيرواد سان ريڊيو ۽ ٽي. وي. جو بهترين فنڪار ٿي اڀريو) کي هنومان آشرم جو معمول موجب ستسنگ هلائڻ لاءِ لِکت ۾ وصيعت ڪري ويا آهن. ڀڳت کينپار مل وانڪواڻيءَ جي پٽن ۽ ڪجهه ٻين شيواڌارين آشرم جي جاءِ ٺاهڻ ۾ مالي ساهتا ڪئي، ۽ هڪ رنگين TV ۽ فرج پڻ آشرم جي حوالي ڪئي. مزي جھڙي ڳالهه اها هئي ته ڀڳت چاندارام فرج جو پاڻي پاڻ ڪڏهن به استعمال نه ڪندا هئا. پلاسٽڪ جي بوتل يا بادلو، جنهن تي اونهاري ۾ ڪپڙو ٻڌي ڇڏيندا هيا، انهيءَ جو پاڻي استعمال ڪندا هئا ۽ ڪو به غريب ايندو هو، ته انهيءَ کي برف ۽ ٿڌي پاڻيءَ جي آڇ ڪندا هئا. ڪافي دفعا ڏٺو ويو ته ڪولهين جا ٻارڙا، جيڪي مٽي ۽ دز سان ڀريل ڪپڙا پائي ايندا هئا، انهي کي پيار وچان سڏ ڪري اندر ڪمري ۾ ويهاريندا هئا، ۽ TV لڳائي چوندا هئا ته هاڻي توهان آرام سان ويهي TV جا پروگرام ڏسو. جڏهن ڪير پڇندو هو ته ڀڳت صاحب، توهان انهن کي ڇو ايتريقدر قدر جي نگاهه سان ڏسندا آهيو، هي ڪولهين جا ٻار آهن، انهن کي ڪهڙي خبر ته TV جا پروگرام ڇا هوندا آهن؟ جواب ڏيندا هيا ته ٻيا ته جيڪي پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ TV ڏسندا آهن، پر انهن غريبن وٽ اها سهوليت نه آهي، پر انهن جي دلين ۾ اها حسرت ضرور هوندي، ته اسان جي گهر ۾ به اهڙي سهوليت هجي، ته اسين به ڪجهه قدر لطف اندوز ٿيون، سو انهي حسرت کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، جيئن اهي به ڪجهه گهڙين لاءِ پنهنجي من کي وندرائي سگهن. انهيءَ مان سندن انسان دوست هئڻ جو ثبوت ملي ٿو، ۽ پاڻ هي ڀڄن پڻ وڏي شوق سان ڳائيندا هيا ته: ”پريم ڪر انسان سان، جي ملڻو اٿئي ڀڳوان سان.“ شيواڌاري ۽ ڀڳت صاحب جا شاگرد ته ڪافي آهن؛ جيڪي ڀڄن سکي ڳائيندا رهيا آهن پر جيتري قدر شوق سان مکي ڇوڪرن شيوا ڪئي آهي، اها ساراهه جوڳي آهي. اڄ به ڀڳڙو مل ناچيز، ڀڳت ڌينو مل، ڀڳت ڀيرو مل، چيتن داس، ڀيمون مل، مکي گووند عرف گڊو (جيڪو ڳائڻ سان گڏ دلو پڻ بهترين وڄائي داد حاصل ڪندو آهي) ڪچرو ڀڳت، نارو ڀڳت مٺڙيو، پورو مل کاکڻهيار ڀڄن ڳائي پريمين کي جهومائيندا رهندا آهن. اسلام ڪوٽ ۽ آسپاس جا ماڻهو جڏهن به ڪنهن ٻار يا ٻڍي کي سائيءَ جي بيماري ٿيندي هئي، ته ڀڳت صاحب وٽ ڀڳڙا کڻي ايندا هئا، ۽ ڀڳت صاحب جاپ وسيلي اهي ڀڳڙا پڙهي ڏيندا هئا، جيڪي کائڻ سان مريض صحتياب ٿي پوندو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي نظر لڳندي هئي ته پاڻي پڙهي ڏيندا هئا، ۽ ڌاڳو پڻ وٽي ڏيندا هئا. وڇون جي ڏنگيل کي جهاڙ وسيلي سُور کان نجات ڏياريندا هئا. مال مويشي غائب ٿيڻ جي صورت ۾ ماڻهو ڀڳت صاحب کان پڇا ڪندا هئا، ته انهن کي پڻ گس لڳائيندا هئا. هنومان مندر کي سنوارڻ جو شوق ايترو هو، جو رات جي وقت پڻ لوڙهو ٺاهڻ يا ديوار وغيره ٺاهڻ ۾ مشغول هوندا هئا. آخرڪار هنومان جو ڏيهرو پڻ ٺهرائي راس ڪيائون، جنهن ۾ گلاب ميگهواڙ جي ڪاوشن سان تيار ڪيل هنومان جي مورتي پڻ استاپن ڪئي ويئي، ۽ هڪ ڪمرو ۽ وارنڊو پڻ تيار ڪرايائون. ڀڳت صاحب هنومان تي ڪجهه ڀڄن پڻ جوڙيا هيا، جنهن ۾ ڪجهه مشهور ڀڄن اڄ پڻ سندس شاگرد ڳائيندا رهن ٿا، مثال طور؛ هنومان منهنجي ساٿ ۽ ٻلوان منهنجي ساٿ ۾، ستگرو حاضر ڏسان هنومان حڪم تي هلان. * ذري ذري جو جواب وٺندا، ليکو چوکو صحيح ڪرڻو آ، ويهي ڪر ويچار مسافر اڳتي هلڻو آ. آخري وقت ۾ طبيعت ڪافي ناچاق ٿي پئي، شيواڌارين علاج وغيره جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر دنيا جي دستور مطابق هڪ ڏينهن اهو پڻ آيو، جو ڀڳت ڀڳڙو مل ۽ پورو مل سمجهي ويا هئا، ته سنت اڄ پنهنجو سواسو سميٽي رهيا آهن تنهن ڪري ٻئي ڄڻا واري واري ڪبير صاحب جا ٻول پنهنجي پنهنجي آواز ۾ بنا سازن جي جهونگاري رهيا، ته ٺيڪ 12:20 وڳي منجهند، بروز آرتوار مورخه 2005-02-20 جو هيءُ سنسار ڇڏي پرڀوءَ سان لين ٿي چڪا هئا. ڪافي ماڻهو انهي وقت موجود هئا پر جيئن ئي اها خبر شهر ۾ پهتي، ته مرد ۽ مايون سڀئي اچي سنت جو ديدار ڪرڻ لڳا، ڪو به رت جو رشتو ويجهو نه هوندي به پنهنجا لڙڪ لڪائي نه سگهيا، ۽ زار و قطار روئيندا رهيا، ۽ عجيب و غريب ماحول جڙي چڪو هو. جيئن جيئن ماڻهو گڏ ٿيندا ويا ته شاميانا پڻ آندا ويا ۽ ستسنگ چالو ڪيو ويو. سڄي رات ماڻهو جاڳندا رهيا ۽ سنت کي سماڌيءَ لاءِ آسڻ ڏيئي ويهاريو ويو، ۽ شيواڌاري اگر بتيون واس ڪندا رهيا، ٻئي ڏينهن صبح سوير وئينڪٽ تياري ڪري، ڀڳت صاحب کي پوري شهر جو چڪر ڏياريو ويو ۽ ڀڳت سوميا ڪري اڳيان اڳيان هلندا رهيا، واپسيءَ ۾ جڏهن آشرم پهتاسين، ته ڪجهه ماڻهن ڇڪتاڻ ڪئي ته ڀڳت صاحب کي آشرم ۾ سماڌي نه ڏيو، ڪنهن ٻي جاءِ تي سماڌي ڏني وڃي پر مالو ۽ ٻيا ڪجهه شيواڌاري انهي ڳالهه تي اٽڪي بيهي رهيا، ته ڀڳت صاحب جي حڪمن موجب آشرم جي ڏکڻ ۽ اولهه واري ڪنڊ تي، پنهنجي هٿن سان ڪيل سيندر جي نشاني وٽ سماڌي ڏني ويندي. آخرڪار 2005-02-20 صبح 9:30 وڳي ڀڳت صاحب کي ايشور جي استوتين سان سماڌيءَ ۾ ويهاريو ويو. جيئن ئي سماڌي کي بند ڪري رهيا هئا ته ڀڳت صاحب جي پاليل باندر، هڪ ڏينهن اڳ بيمار ٿيڻ ڪري پنهنجا پراڻ تياڳيا، جنهن کي پڻ آشرم اندر سماڌي ڏني ويئي. اڄ ڪلهه ته ڪافي اڏاوت ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ هڪ وڏو ستسنگ هال ۽ ڀڳت صاحب جو ڏيهرو نمايان آهن. هر مهيني جي ساهي ٻارس جو ستسنگ ڪري لنگر هلايو ويندو آهي، ۽ هر سال ماگهه مهيني جي ساهي ٻارس جو ٻه ڏينهن، ۽ هڪ رات ستسنگ ۽ لنگر هلندو آهي، جنهن ۾ ڪافي سٺا سٺا ڀڳت، جيڪي اسلام ڪوٽ کان ٻاهران ايندا آهن، ستسنگ وسيلي پريمين کي پريم رس پياري، وري پنهنجي ماڳ موٽي ويندا آهن.