شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

سُريندر ولاسائي

چڱا ڪن چڱائيون، مٺايون مٺن، جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن. هن سنسار ساگر ۾ اها کليل حقيقت آهي، ته تاريخ شخصيتون ته ٺاهينديون آهن، پر شخصيتون تاريخن کي اڏينديون آهن. تاريخ جي مالها ۾ ڪي اهڙا غير معمولي فرد، جرڪندڙ املهه موتين جيئن هوندا آهن، جيڪي صدين تائين جرڪندا ۽ اتهاس جي آڳنڌ تي روشنائي ڦهلائيندا رهندا آهن. اهوته ڀٽائي صاحب جو بيت جھڙو سچ آهي، ته تاريخ هميشه عظمت جو تاج دنيا جي انهن فردن جي سر تي رکيو آهي، جن جي پيرن جي هيٺان ڪنهن معاشرتي تبديلي، ۽ انساني ڀلائيءَ جي جدوجهد جي پنڌ جا نشان مليل آهن. اُهي ماڻهو جن هن سماج ۾ ڪنهن عام ماڻهو جيئن زندگيءَ جا پل گذاريندي به، پنهنجي ڪردار جي ڪائنات کي وسيع بنايو هجي، اُهي ماڻهو مهانتا جي منزل جا راڻا چئي سگهجن ٿا. اهڙو املهه ۽ راڻو انسان، جنهن اربابن جي راڄڌاني واري علائقي ۾ جنم ورتو، جنهن جو نالو سريندر ولاسائي آهي. اهڙا ڪيئي ڪردار اڪثر جنم وٺندا رهندا آهن، جن جي جدوجهد کي تاريخ جي پنن تي مانائتي انداز ۾ تحرير ڪيو ويندو آهي، پر اهڙا گهٽ ڪردار پيدا ٿيندا آهن، جن ۾ ايتري ته سگهه هوندي آهي، جو اُهي تاريخ جي وهڪري جو رخ موڙي ڇڏيندا آهن. انهن ۾ ناممڪن کي ممڪن بنائڻ جو حوصلو هوندو آهي، ۽ اهڙن ڪردارن تي تاريخ ناز ڪندي آهي، جنهن ۾ لهوءَ جي گرميءَ ۾ غلاميءَ کان نفرت هوندي آهي. اهڙي املهه انسان ساڌو مل سريندر ولاسائي، تعلقي ڏيپلي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ لالو وهنداڻي ۾، هيمنداس ولاسائي جي گهر ۾ ،تاريخ 11 آگسٽ 1968ع تي جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو سجنا ٻائي، ڌي ٽمون مل گهلڙو، ڳوٺ کيتلاري تعلقه ڏيپلو جي آهي. ننڍپڻ جي راند روند جا ڏينهن ڳوٺ لالو وهنداڻي ۾ ئي گذاريا، جنهن دوران سندس والد پنهنجي اولاد کي بهتر تعليم ڏيارڻ خاطر، ڪلوئي شهر ۾ 1971ع کان رهائش اختيار ڪئي. سريندر ولاسائي 1973ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪلوئي ۾ پهرين درجي ۾ داخل ٿيو، سندس پرائمري اسڪول ۾ پهريون استاد ڀوڄو مل ٽي جئپال هو، جنهن شروعاتي تعليم دوران سندس اخلاقي تربيت ۽ بهتر سماجي رابطن جي بهتري لاءِ رهنمائي ڪئي، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مان پنج درجا پاس ڪري، مڊل اسڪول ڪلوئي مان 8 درجا مڪمل ڪيا، جنهن بعد کيس گهرو معاشي حالتن جي مدنظر، ڪجهه وقت لاءِ سندس والد جي رازڪي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻو پيو، پر سندس چاچي لڌارام ولاسائي جي مداخلت تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو ۾، نائين ڪلاس ۾ داخلا وٺرائي ڏني ويئي، جتي هن شروعاتي ڪجهه ڏينهن هاسٽل ۾ گذاريا، ۽ ڏهين درجي دوران پنهنجي ويجهي مائٽ وٽ رهائش اختيار ڪئي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو مان 1983ع ۾ ڏهون پاس ڪيو، يارهون ۽ ٻارهون پڙهڻ لاءِ سندس مامي پروفيسر هوتچند گهلڙو سان گڏ ڪراچي آيو، جنهن گورنمينٽ سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾، پري ميڊيڪل ۾ داخلا وٺرائي ڏني. ٻارهون ڪلاس سٺن نمبرن ۾ پاس ڪرڻ بعد، پاڻ انگلش اخبار ”دي ايڪسپريس“ ۾ پروف ريڊر جي طور ڪم شروع ڪيو، ڪجهه عرصي بعد 1994ع کان 1996ع تائين ”دي مسلم“ جو اسٽاف رپورٽر بڻجي ويو، پر جلد 1997ع کان وٺي 2004ع تائين ”ڊيلي فنانشل پوسٽ“ ڪراچيءَ جو نيوز ايڊيٽر بڻيو. ان کان اڳ مارچ 1993ع کان وٺي فيبروري 1994ع تائين ڪوئيٽا جي اخبار بلوچستان ايڪسپريس جو پڻ نيوز ايڊيٽر ٿي رهيو، 2010ع ڌاري ”سنڌ ٽربيون“ ڪراچيءَ ۾ ايڊيٽر جي طور ڪم سرانجام ڏنو، 1997ع کان وٺي بلاول هائوس ڪراچيءَ ۾ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر جي حيثيت سان پڻ ڪم سرانجام ڏيندو رهيو. 2003ع ۾ شيڊيول ڪاسٽس فيڊريشن آف پاڪستان جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي ۽ ٻين دلت ذاتين سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف، ميڊيا ۽ لاڳاپيل ادارن سان خط و ڪتابت پڻ ڪندو رهيو، اڪثر مسئلا حل ڪرائڻ کان سواءِ، سک ۽ آرام وساريو ڇڏي، ايتري حد تائين جو شيڊيول ڪاسٽس جي نوجوانن کي پاڪ آرميءَ ۾ ڀرتي ڪرائڻ لاءِ صحافيءَ جي حيثيت سان پڻ اعلي قيادت کي خط لکيا ۽ وقتن به وقتن ياد ڏياريندو رهيو، ته دلت واحد محب وطن آهن، جن جون هزارين سالن کان هڏيون هن مٽيءَ ۾ دفن آهن، ۽ هنن ڪڏهن به پنهنجي خطي کان ٻاهر لڏپلاڻ ناهي ڪئي، سندس موقف کي تسليم ڪندي، شيڊيول ڪاسٽس جي نوجوانن کي قومي دفاعي ادارن ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو ويو. سريندر ولاسائي شادي، فيبروري 1994ع ۾ شريمتي نيڻو ٻائي، ڌي گلو مل ٻوچيو، شهر ڪڍڻ ضلع بدين سان ڪئي، جنهن مان کيس اولاد ٻه نياڻيون ۽ ٻه پٽ 1. اندر سريندر ولاسائي، 2. نيل سريندر ولاسائي آهن. سندس سمورو اولاد پڙهي رهيو آهي. سريندر ولاسائي جي جريئت ۽ جاکوڙ کي جس آهي، جنهن ٿر جي هنر کي عالمي سطح تي هٿي ڏيارڻ لاءِ، سندس ننڍي ڀاءُ جي گهر واري آنجهاني ليلان ٻائيءَ جي نالي تي ”ليلان هينڊي ڪرافٽس اينڊ آرٽيسنس“ جو بنياد رکيو ۽ ٿر ۾ تيار ٿيندڙ رلين، وهاڻن، چادرن، شو ڪيس، ٽيبل ڪور، پردن، کٿن ۽ ٻين شين کي آمريڪا، ڪئنيڊا، دبئي، آسٽريليا ۽ برطانيا کان ويندي دنيا جي ڪيئي ملڪن ۾ متعارف ڪرايو. جولاءِ 2011ع ۾ آمريڪا جي شهر سانتافيءَ ۾ ٿيندڙ، فوڪ آرٽ انٽرنيشنل جي عالمي نمائش ۾ سندس گهر واري، نيڻو ٻائي سان گڏ ٿر جي ثقافتي لباس ۾ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ ڏسندي دنيا جي ايڪسپورٽرن وڏو مان ڏنو، ايئن سريندر ولاسائي ٿر جي هُنر کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ ۾ وڏي سڦلتا سان واپس موٽيو. اهڙيءَ ريت جولاءِ 2013ع ۾ ٻيو ڀيرو سينٽافيءَ ۾ ٿيندڙ نمائش ۾ شرڪت لاءِ کيس خاص دعوت نامه اماڻيا ويا، جنهن ۾ به سڦلتا سان شريڪ ٿيو، 30 جنوري 2014ع تي آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ پڻ، نيويارڪ انٽرنيشنل گفٽ فيئر جي آرٽيسن ريسورس جي نمائش ۾ ٿر جي رلين ۽ ٻي ڀرت سميت شريڪ ٿي، ٿر جي هنر کي عالمي سطح تي پذيرائي ڏياري. ان نمائش بعد پاڻ نيويارڪ ۾ پيپلز پارٽي نيويارڪ جي اڳوڻي صدر، چوڌري اعجاز فرخ پاران سندس مانَ ۾ ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪئي، جتي پارٽيءَ سان گڏ ٿر جي هنر ۽ اتان جي ثقافت بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ نمائش دوران سندس گهر واري نيڻو ٻائي اُتان جي عورتن کي ڀرت ڀرڻ کان آگاهه ڪيو، ۽ پريڪٽيڪل ڪري ڏيکاريو، جنهن تي سڄي نمائش ۾ ٿر جي هنر کي واکاڻيو ويو، سريندر ولاسائي جي ٿنڪ ٽينڪ ذهنيت ۽ اڻ ٿڪ محنت تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين، بلاول ڀٽو زرداري 4 جنوري 2014ع تي هڪ ليٽر جاري ڪندي، کيس اقليتي معاملن بابت خاص صلاحڪار مقرر ڪيو. سريندر ولاسائي ذاتي طور تي قلندري طبيعت جو ماڻهو آهي، ڪيئي فقير فقرا ساڻس ملڻ لاءِ هردم آتا رهندا آهن، بنا مفاد ڀلائي ڪرڻ سندس طبيعت جو حصو بڻيل آهي. ناحق، ناجائزي، ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ خلاف جنگ کي جاري رکندڙ هن ماڻهو، ڪڏهن به هار ناهي کاڌي، نه ئي صبر ۽ سهپ کي پنهنجي هٿان وڃائڻ ڏنو اٿس. سندس والد هيمن داس ولاسائي جي لاڏاڻي بعد، مٿس گهر جو وڏو وزن پئجي ويو، پر اهو سڀ ڪجهه سندس ننڍي ڀاءُ موهن لال ولاسائي سنڀالي ورتو، پر جڏهن موهن لال ولاسائي هن فاني جهان مان موڪلاڻي ڪئي، ته ان وقت سريندر ولاسائي اهي لفظ چيا ته حقيقي معني ۾ اڄ اسين يتيم بڻجي ويا آهيون. پر تنهن هوندي به سندس بردباري کي جس آهي، جو پنهنجي چهري تي هميشه مُرڪ سانڍي، سدائين لاءِ کلندو رهندو آهي، ۽ حاضرين کي موهي وجهندو آهي. اهڙو کلمک انسان دنيا جي تختي تي ڪو ورلي ملندو، جو پاڻ سنڀالڻ سان گڏ، رشتيدارن، يارن دوستن، ۽ انهن دلت ماڻهن جو به ڇپر ڇانءَ بڻيل آهي، جيڪي روز ڪنهن نه ڪنهن جي ظلم جو شڪار بڻجن ٿا.