شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

گلجي مل ڏامراڻي

(1928ع کان 2013-03-10) سنت رهن مهراڻ ۾، ڪڍن نه ڪنهن جي ڪاڻ، جهـاتـي پــائـي پـــاڻ ۾، ڪــن ٿــا رام رهـــاڻ، ڪرشن سڀ ڪنهن ساڻ، ٻاڙو ٻولي ڪين ڪي. هر فن مولا سرڳيه گلجي مل ڳوٺ رڙيارو ۾ ڏامرو مل ڪڏيچه جي گهر، سال 1928ع ۾ جنم ورتو. گلجي مل شادي ڳوٺ ڀوجاسر مان روپي جي نياڻي رنکو سان ڪئي. جنهن مان کيس ٻه نياڻيون مروئان جيڪا مٺيءَ ۾ جيسو مل کوکر کي پرڻايل آهي، ۽ ٻي ليلا، جيڪا ڳوٺ چارنور ماستر مانو مل کي پرڻايل آهي. 5 پٽ آهن. 1. ايسرداس، 2. برج لال، 3. تاراچند، 4. سنجي، 5. ٻلديو، جيڪو 1999-04-23 تي سرڳواسي پڌاريا. سڀئي ڀائر سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهن، ۽ شادي شده آهن. شروعاتي تعليم گجراتي علم، سندس پتا شري ڏامرو مل کان سکيائين، هندي ۽ سنڌي به ڄاڻيندا هئا. سندس پتا صاحب ڏامرو مل ڀڳت مارگ ۽ گياني پُرش هئا. تنبوري تي ڀڄن ڳائيندا هئا. آواز ۾ هڪ انوکي مڌرتا پريم سان ڀريل هو، جو ٻڌندڙن جو من موهي وجهندا هئا. گلجي به گيان جو ڄاڻو هو. سندس پتا ڏامرو 44-1943ع ۾ سيٺ دولت رام ۽ سامي ڪرشنانند جي اڳواڻيءَ ۾ ڪانگريس پارٽيءَ جا ميمبر ٿيا. ڪانگريس پارٽيءَ جو منشور هو، تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ظالمن سان مقابلو ڪري پنهنجو حق وٺڻ، ۽ غلاميءَ کان نجات حاصل ڪرڻ، ڇو ته اُنهي وقت ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي انهن جاتين سان انسانيت وارو ورتاءُ نه ڪيو ويندو هو. کين اڇوت سمجهندا هئا. اهڙين ڏکين حالتن ۾ سرڳيه گلجي مل سماج سڌارڪ سماج شيوا، قومي جاگرتا پيدا ڪرڻ جو ڪاريه هٿ ۾ کنيو. خاص ڪري تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏنائين ۽ اجاين رسمن ۽ رواجن کي ختم ڪرڻ جي جدوجهد جاري رکيائين. خاص ڪري اوسر، جيڪو مائٽ گذاري وڃڻ کانپوءِ 12 ڏينهن ڪندا آهن. گهر ۾ کڻي هڪ رپيو به نه هجي، پر مهڻن جي ڪري نيات کي ضرور کارائڻو! انهي اوسرن جي خرچ ڪري ماڻهن پنهنجيون ٻنيون وڪرو ڪري ۽ غلاميءَ ۾ مبتلا ٿي ماڻهن جا هاري بڻيا. انهي اوسر واري رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ گلجي مل سان چند ماڻهن حمايت ڪئي، ۽ اڄ تائين اوسر ڪونه ٿا ڪن يا ڪجهه قدر گهٽتائي آئي آهي. ائين هُن خرچ گهٽائڻ جو بنياد رکيو. سال 64-1963ع ۾ BD جي اليڪشن ۾ شري ڪرشن سنگهه ڏوهٽ سان اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو. انهيءَ اليڪشن ۾ صرف 60 ووٽ کڻي هارايائين، پر ٺڪرن جي آڻ ڪونه مڃيائين. ووٽ به جيڪي فائينل پاس ڇوڪرا هُئا، انهن ئي اُهي ووٽ ڏنا. باقي جيڪي اڻپڙهيل ۽ غلاميءَ ۾ ڦاٿل هئا، تن راجپوتن کي ووٽ ڏنا. انهيِءَ وقت ٺڪرن جو وڏو هولڊ هو. انهيءَ وقت گلجي خان بهادر وساڻ جي پارٽيءَ ۾ رهندو هو. وساڻ صاحب گلجيءَ کي هڪ ريوالور ۽ هڪ بندوق پنهنجي خرچ سان ليسن سميت وٺي ڏني. انهيءَ وقت لڇمڻ سنگهه ٺڪر پارليامينٽ جو سيڪريٽري هو. تعلقي ڇاڇري ۾ انهي حُڪم کانسواءِ پتو به نه هلندو هو. انهيءَ اليڪشن لڙڻ ڪري گلجي مل تي اسمنگلريءَ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. انهي ڪيس ۾ 19 ڏينهن مٺيءَ جي جيل ڪاٽي، انهيءَ ڪيس جي وڪالت ارباب مراد علي وڪيل صاحب ڪئي، ۽ بنا فيءَ جي هٿ ۾ ڪيس کنيو، ۽ ڪوڙو ثابت ڪيائين. گلجي مل جي آڻ نه مڃڻ ۽ غلامي نه ڪرڻ ڪري، لڇمڻ سنگهه ٺڪر وڌيڪ ناراض ٿي ويو، ۽ گلجي مل کي سن 1965ع ۾ چيو ته تون هٿيار کڻي ڇاڇرو شهر ۾ نه ايندو ڪر. پر گلجي ڪابه پرواهه نه ڪئي، ۽ کُلي عام هٿيار کڻي هلندو رهيو. تنهن کانپوءِ 6 سيپٽمبر 1965ع ۾ هندوستان ۽ پاڪستان جي جنگ ڇڙي پئي. انهي دؤر ۾ لڇمڻ سنگهه پارليامينٽ جو سيڪريٽري هو. انهي پاور تي لڇمڻ سنگهه ۽ ڪرن سنگهه گڏجي آرميءَ وٽ ويا ۽ چيائون ته گلجي انڊيا جو CID آهي. پوءِ آرمي وارن ڇاپو هڻي گلجيءَ کي گرفتار ڪري، اکيون ٻڌي کڻي وڃي 12 ڏينهن حيدرآباد جيل ۾ بند ڪيو، ۽ حاجي ابوبڪر جوڻيجي سان گڏ، راولپنڊيءَ جي جيل ۾ رکيائون. ٻن مهينن بعد انڪوائري ڪري کين آزاد ڪيو. انهيءَ ۾ وساڻ صاحب جي پوري پوري سهائتا هئي. جنهن وري گلجي مل کي ڳوٺ رڙيارو ۾ هڪ پرائمري اسڪول ۽ هڪ کوهه منظور ڪرائي ڏنو. وري به ساڙ ۾ لڇمڻ سنگهه گلجي مل کي قلم 110 ۽ 379 ۾ چالان ڪرايو، پر گلجي آخر تائين ٺڪرن جي غلامي قبول نه ڪئي، ۽ اهڙين حالتن ۾ به گلجي مل وڏيرن ۽ جاگيردارن جي خلاف، ۽ سدائين غريبن جو ساٿ ڏنائون. 85-1984ع ۾ نارائڻ سنگهه ٺڪر ڳوٺ رڙلي واري کي B.D جي اليڪشن ۾ هاريو، ۽ B.D جا ميمبر ٿي رهيا. 1971ع واري لڙائيءَ ۾ ڇاڇرو تعلقو هندوستان جي قبضي ۾ اچي ويو. انهيءَ وقت ڀارت مان ڪجهه مائٽ آيا ۽ زور ڀريو ته، سڀ لڏي ڀارت هلو پر گلجي مل صاف چيو ته اسان پنهنجي جنم ڀومي ڪڏهن به ڇڏي نه هلنداسين. انهيءَ دؤر ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جن، پير غلام رسول شاهه جيلاني، مير علي بخش خان ٽالپر ۽ راڻا چندر سنگهه ٺڪر کي خاص ايلچي طور موڪليا، ته جيڪي به هندو پاڪستاني آهي، تن کي باعزت واپس پنهنجي گهرن ۾ وسايو ۽ ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿيئي. انهي ٽنهي ميمبرن جي گلجي مل دعوت ڪئي، ۽ ڳوٺ ڍاڪلو ۾ گڻيسو مل ميگهواڙ، جيڪو گلجي مل جو ڀڻيويو آهي، تنهن جي گهر سڀ بندوبست ڪيو ويو. (هينئر به گڻيسو مل PPP جو خاص جيالو آهي)، انهي جلسي ۾ تمام گهڻا ماڻهو شريڪ ٿيا، ۽ ماڻهن کي واپس اچڻ لاءِ تقريرون ڪيون. گلجي مل به 1967ع کان PPP جو خاص ورڪر ٿي رهيو، مرڻ گهڙيءَ تائين PPP جو ساٿ نڀايو ۽ زندگيءَ ڀر آزادي واري زندگي گذاري، ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي غلامي قبول نه ڪئي، ۽ سماج سڌارڪ وارو ڪم هٿ ۾ کنيو هو سو گهڻي ڀاڱي ماڻهن ۾ سجاڳي اچي ويئي، ۽ جيڪو ڇوت ڇات ۽ اونچ نيچ هو، سو ختم ٿي ويو. هر هڪ کي حق ملي رهيو آهي. غلامي ۽ جهڳڙن مان تنگ ٿي، هن کي پنهنجو ڳوٺ ڇڏڻو پيو، ۽ عمرڪوٽ ۾ اچي جاءِ ٺهرائي، اُتي به هُن کي سڪون نه مليو وري اُتان لڏي سال 1994ع ۾ مٺي شهر ۾ آيو، جتي ميگهواڙ برادري وسيع آهي، جتي کيس آرام مليو ۽ سڀ ڦڏا فساد ڇڏي، پنهنجي وندر لاءِ ميگهواڙن ڀڳتن گڏجي هڪ منڊلي قائم ڪئي منڊليءَ جي اڳواڻي ڀڳت شري جيوراج ۽ ڀڳت شري سارنگرام، شري پهلاج، شري کاٽائو مل، شري جيرام داس، هرجي مل جيڪو برهم چاري آهي، شري ڀيرو مل ولد راڻو مل، جيڪو پڻ برهم چاري آهي. ڀڳت گنگارام شري لڇمڻ داس وغيره ۽ انهيءَ کانپوءِ ماستر ٽيڪم داس هر مهيني شري سيته جي ڪٿا ڪرائيندو آهي. اهڙيءَ طرح روزانه اهي ڀڳت اچي گلجي مل وٽ ڪچهري ۽ ڌرمي ڳالهيون ڪري آنند حاصل ڪندا هئا. آخر گلجي مل ڏامراڻي، تاريخ 2013-03-10 شِوَ رات جي ڏينهن صبح 10 وڳي وار آرتوار، ڳوٺ رڙيارو ۾ هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو. اسان انهي ايشور مها شڪتي اڳيان بيوس آهيون، سواءِ ڏک جي ٻيو ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون. هو اسان کان الڳ برابر ٿيو آهي، پر هن جي آتما هميشه امر آهي ۽ رهندي. تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي، متان ٿيئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو. (شاهه)