شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

جپسي ايف. سي. راٺوڙ

وري چنڊ چاهڻ تي دل ٿي چوي، سکي دل لڳائڻ تي دل ٿي چوي، اڙي موت پيڇو نه ڪر تون اڃا، حياتي گذارڻ تي دل ٿي چوي. (رخسانه پريت) دنيا جي هر خطي جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ ڪا انمول شئي، انوکي هستي يا ڀٽڪندڙ ڪردار جي ڪري مشهوري ماڻيندي آهي. اهڙي طرح اسان جي دراوڙي ڌرتي به پنهنجي سيني تي ڪيئي عجيب ۽ غريب ڪردار پيدا ڪيا آهن، جن جي به پنهنجي هڪ الڳ تاريخ آهي، جيڪي ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ جي بجاءِ، پنهنجي ڌُن ۾ بنا ڪنهن صلي ستائش جي ڪم ڪندا رهن ٿا. انهن جو هر قدم ڪنهن نه ڪنهن مقصد جي حاصلات ڏانهن گامزن هوندو آهي. پوءِ اهو مقصد چاهي سياسي، سماجي، مذهبي، تجارتي، تاريخي، علم ادب يا قوم ڏانهن ڇو نه هجي. انهن جي هر قدم جو، ان جي زندگيءَ ۾ ڪو مقصد هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو انسان ڪجهه به نه ڪري رهيو آهي، ته ان جي نه ڪرڻ جي پويان به ڪو فلسفو يا مقصد ضرور هوندو آهي. اهڙن ڪردارن ۾ جپسي ايف. سي راٺوڙ به هڪ آهي جنهن جو پورو نالو آهي فقير چند راٺوڙ. جيڪو 8 مئي 1965ع تي جمس آباد ۾ لکو مل جي گهر پيدا ٿيو. سندس ماتا جو نالو هرکي ٻائي، ڌي ڏيوراج ذات ٻوسيا، ضلعي ميرپورخاص جي تاريخي شهر جهڏو جي آهي. هن جا وڏڙا ڀارتي گجرات جي قديم ترين تهذيب ”ڍولا ويرا“ جي ڳاڙهي ۽ اُداس ڌرتيءَ واري ضلع بناس ڪانٺا جي ڳوٺ، سانتل پور جا رهواسي هئا. سورهاڙ، واڳڙ، هالار، ڪانٺائي، ٿرادي ۽ ڪڇي ميگهواڙ انهن ئي علائقن کان هجرت ڪري سنڌ ۾ ايندڙ ۽ رهندڙن جا يادِ ماضي ۽ وڇوڙي وارا شهر ۽ گام آهن. سانتل پور جو هزارين گهرن تي ٻڌل وڏي پاڙي جو پٽيل، ڏيوو پٽ ڀاڻو راٺوڙ، صحرا جي رستي سڀني سنڌين کي سلام ۽ نمستي چئي شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ڌرتي سنڌ جا وڻ اچي وسايا ۽ سنڌو ساگر جو مقدس جل پيتو، ته هڪ وقت اهڙو به آيو جو هڪ ملڪ مان ٻه ملڪ دنيا جي نقشي تي وجود ۾ آيا. ايف. سي. راٺوڙ تعليم جي لحاظ کان پرائمري تعليم جا ڪجهه درجا جيمس آباد، ۽ پوءِ اُتان دنڌي ڌاڙيءَ جي لحاظ کان هن جي وڏڙن ٻيهر هجرت ڪري، ضلعي بدين جي شهر پنگريو ۾ آباد ٿيا، ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول پنگريو مان سال 1983ع ۾ پاس ڪئي، ۽ سال 1990ع ۾ ٽيهر لڏي ضلعي ميرپورخاص جي شهر جهڏو ۾ معصوم ٿريءَ جي پاڙي ۾ اڄ تائين رهائش پذير آهي. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ پنگريو شگر مل، فوجي شگر ملز کوسڪي، ٿرپارڪر شگر ملز ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ جي حيثيت سان 19 سال سروس ڪئي، ته ڪراچي شپنگ ايجنسيءَ ۾ به ملازمت ڪئي. شُگر انڊسٽريز جي زوال کانپوءِ هن لکڻ پڙهڻ ۽ ڀٽڪڻ وارو ڪم اپنايو، جيڪو هميشه سندس پسنديده سبجيڪٽ رهيو آهي. تنهنڪري ”ڀٽڪتي نسلين“ جھڙي امر ڪتاب جي مهان ليکڪ خورشيد قائم خاني هن تي نالو ئي رکيو Gipsy. جنهن جي معنيٰ اوهين خود تلاش ڪريو. پاڻ شادي سال 1983ع ۾ شريمتي ذي سنگهه ڌي ڏيوجي پينگهور، ٽنڊو غلام علي، ضلع بدين مان ڪئي، جنهن مان کيس 4 نياڻيون ۽ 3 پٽ آهن. (1) ديپڪ ميٽرڪ پاس ٽيلر ماسٽر. (2) شڪتي سنگهه جيڪو پاڻي جي جهاز جي ذريعي ايران گهمي آيو آهي، ته هڪ رات ايران جي جيل ياترا به ڪري آيو آهي، جيڪو هن وقت ميٽرڪ آهي، ۽ ميڊيڪل جي ميڊيسن جو ياد حافظ آهي، جنهن کي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو بطور خوبصورت مقرر جي، سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنو هو. ٽيون پٽ وشال سنگهه، جيڪو نائين ڪلاس ۾ پڙهي پيو ۽ ٽيلرنگ جو ڪم به ڪندو رهندو آهي. ڪويتا شوا پرمار حيدرآباد، شادي شده، ڪلپنا، ڪومل ۽ ڪرن ڇوڪريون آهن. جپسيءَ جا ٻه ننڍا ڀائر روزگار خاطر ايران ۾ رهن ٿا. خود جپسي به ٻه ڀيرا ايران جي ياترا ڪري آيو آهي. انهي ياترا دوران هن ايراني تاريخي تهوار، جشنِ عيدِ ”نوروز“ ۾ به شرڪت ڪئي، ۽ ان جو سمورو اکين ڏٺو احوال پاڪستان ميگهواڙ ڪانفرنس جي سوينر ۾ ڇپيل آهي، جو ڏاڍو دلچسپ سفر نامون آهي، ۽ ٽي ڀيرا ڀارت جو به دورو ڪري آيو آهي. پاڻ شلوار قميض جي لباس کي پسند ڪندو آهي. ٻولين ۾ سنڌي، اردو، ڪڇي، گجراتي روانيءَ سان لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي سگهي ٿو. پاڻ لکڻ جي شروعات عبرت مئگزين سان ڪئي، ته روزانه آس اخبار حيدرآباد ۾ به نوڪري به ڪئي، ان اخبار ۾ به تمام گهڻا ڪالم مختلف موضوعن تي لکيا. ميگهواڙن جي تاريخ تي ننڍڙي ڪوشش ڪئي ۽ ”تاريخ ڌرتيءَ درد“ نالي ڪتاب لکيو، ۽ شايع ٿيو، جيڪو هڪ انوکو تجربو هو. راجستان جي شهر اُڌيپور جي وڏي تاريخدان ۽ ليکڪا ڊاڪٽر ڪسُم ميگهوال، جنهن 40 ڪتاب تحقيقي لکيا آهن، ان جي هنديءَ ۾ ڪتاب ”ميگهوال بابا رامديو“ کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرائي، تاريخ جي ڌوڙ ۾ پوريل سچ کي ظاهر ڪري، پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي هزارين سالن کان پيڙهيل ۽ ستايل دلتن تي وڏو وڙ ڪيو آهي. پاڪستان ميگهواڙ ڪائونسل جو سڀ کان پهرين بنياد پير پٿوري صاحب جي درگاهه تي پيو، جنهن جو مرڪزي چيئرمين وڪيل ارجن داس کي چونڊيو ويو ته جپسيءَ کي وري مرڪزي پريس سيڪريٽري طور کنيو ويو. سال 2008ع ۾ پنوعاقل ۾ ٿيندڙ پاڪستان ميگهواڙ ڪانفرنس جو خوبصورت سوينئر پڻ شايع ڪيو، ته ”بطور جرنلسٽ ۽ سهيوگي قلمڪار“ جي نانءَ جو ايوارڊ امر وير لڌارام، رحيم يار خان واسي، رميش جئپال جي هٿان ڏنو ويو. رميش جئپال هڪ تنظيم نالي شيڊيول ڪاسٽ رائيٽس موومينٽ پاڪستان ٺاهي، ته هن کي ميرپورخاص جو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو. ”پاڪستان دلت فورم“ جو به حصو رهيو آهي. جنهن جو ذڪر وري وي. ٽي. راج شيکر بئنگلور جي ڪتاب، ”تعليم، تحريڪ ۽ تنظيم“ ۾ پڻ ڪيل آهي. هندوستان جي آئين جي تخليقڪار، دلت دراوڙن جي عظيم رهنما ڊاڪٽر ڀيم رائو امبيڊڪر تي پڻ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو ڪمپوز ته آڳاٽو ٿي چڪو آهي پر مالي حالات ڪمزور هئڻ ڪري ان کي ڇپائي نه سگهيو آهي. ان ڪتاب جو تاريخي ۽ طويل مهاڳ ناليواري ڊرامه نگار علي بابا لکيو آهي، جيڪو وڻندڙ ۽ شاندار مهاڳ آهي. پاڪستان ۾ رهندڙن سمورن ميگهواڙ شاعرن، اديبن، صحافين، ليکڪن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ سرڪاري ملازمن تي مشتمل، فون ڊائريڪٽري لاءِ وڏي ڪليڪشن به ڪئي، پر سال 2011ع واري مها ٻوڏ ۾ ان جي سڄي ڪليڪشن سان گڏ، سندس سمورو لکيل ۽ اڻ ڇپيل تاريخي مواد پاڻيءَ جي نظر ٿي ويو، جنهن جو ڏک هو ڪڏهن به وساري ڪونه سگهيو آهي. حيدرآباد جي حيدر چوڪ تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي تاريخي حيدر منزل، جيڪا هاڻي ڀور ڀور ٿي چُڪي آهي. ان بلڊنگ ۾ ڪامريڊ جي ڪمري ۾ هن جپسيءَ کي پورا پنج سال رهڻ جو اعزاز مليو، ۽ اهو ڪمرو پوءِ ميگهواڙ لوڪن جي گڏجاڻين جو ڄڻ آستانو هوندو هو. ايف. سي. راٺوڙ هڪ مهان قلمڪار آهي، اديب آهي، جيڪو اڃا تائين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو پيو اچي، ۽ پنهنجي قلمي ڪاوشن ۾ روان دوان آهي.