شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ڀڳت ٻيجلرام

(1898ع کان 1988–2–22ع) اوهان جي وفا، همت، عظمت کي سلام، اي فرزند مهراڻ نڀايو ڀروسو تو ڀٽائيءَ جو. (عرض گوپانگ) سرڳيه ڀڳت ٻيجلرام نجار جو جنم ٿر جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ گوڌيو، تپو ماڃٺي تعلقه مٺيءَ ۾، سال 1898ع تي هڪ غريب ڌنار گهراڻي ۾ سرڳيه ڏاهو مل جي گهر ٿيو. سندس ماتا جو نالو مان ٻائي، ذات جي کينٽليا چيلي مهتر جي ڀيڻ ڏيپلي شهر واسڻ هئي. پاڻ شادي سال 35-1934ع ڌاري ڳوٺ ڀڪوئو تعلقه مٺيءَ مان، سرڳيه سگرام کنڀو جي سُپتري کيمان سان ڪئي. جنهن پنهنجو هٿ جو پورهيو ڪري ٻارن کي تعليم ڏياري، ۽ پتيءَ کي هر ڪم ۾ هٿ ونڊائيندي هئي. هن وقت 90 سال جي عمر هوندي ڀرت جي کڻ ٽوپي جو ڪم ڪري رهي آهي. ننڍپڻ کان هارپو، مال چارڻ، اٺين جو ڌڻ چاريندا هُئا، تنهنڪري کيس اوٺاري ڪري سڏيو ويندو هو. بعد ۾ چمڙي مان جتيون، سانداريون ۽ پخالن ٺاهڻ جا ڪاريگر ٿيا. انهي وقت غربت تمام گهڻي هئي، غريب جاتيءَ جا ماڻهو تر جي وڏيرن وٽ غلام طور جڪڙيل هئا. اڄ تائين به آهن، جيڪي زيادتين ۽ ظلم جي ور چڙهيل آهن. خاص ڪري ميگهواڙ جاتي ڇو ته اُن وقت ڪنهن وٽ ٻني ٻارا نه هُئا تنهنڪري وڏيرن وٽ هڏ خريد نوڪر چاڪر طور گروي رکيل هوندا هُئا. ڀڳت صاحب ۽ سندس ڪٽنب جي ڪنهن به ماڻهوءَ وٽ نه زمين نه وري پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ الڳ کوهه هو. ان وقت جا وڏيرا الڳ کوه کوٽڻ ۽ زمين جو ٽڪرو يڪسالو آباد ڪري پيٽ پارڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا. انهي وقت زمين جو ٽڪرو هجڻ ۽ پنهنجو کوهه هجڻ کي وڏي اهميت هوندي هُئي. انهي وقت ڇيپ ڇات جو عروج هو. وڏيرن جي غلامي قبول ڪرڻ عام هو، پر ڀڳت، جيڪو هڪ با همت ۽ اڻ موٽ انسان هجڻ ڪري غلاميءَ کان نجات پائڻ لاءِ پتوڙيندو رهيو ته اهڙي غلاميءَ مان ڪيئن جان ڇڏائجي. سندس ڳوٺ وارن جي هڪ ذاتي ٻني، کيڙي ڪرڻ ۽ گذراني لاءِ هُئي ۽ کوهه کوٽڻ ٿي چاهيو ته پنهنجي پيئڻ لاءِ پاڻي ۽ مال کي پياري سگهون. جيڪي ٻار ٻچا پاڻي لاءِ ويندا هئا ته ان سان بدتميزي ۽ غير اخلاقي طريقو استعمال ڪندا هُئا. وڏيرن جي ڇاڙتن جا داٻ دڙڪا سهڻا پوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن عورتن کي ٿڏا هڻي واپس ڪندا هئا. اهڙي حرڪت ڀڳت ٻيجلرام کي نه وڻندي هُئي، ۽ هر وقت دل آزاري ٿيندي هُئي. ڪيترن ئي موقعن تي انهن سان منهن ماري هاتا پائي به ٿيندي هئي. اهڙيون ڪريل حرڪتون کانئس برداشت نه ٿيون، نيٺ ڳوٺ کان اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر اُتر طرف سندس قبولي نمبر 7 ڊاڀو نالي ٻني ۾ سال 40-1939ع ڌاري هُن کوهه کوٽائڻ شروع ڪيو. ٿر ۾ وٽ واري علائقي ۾ کوهه تانگها ٿيندا آهن. 50 فوٽن تي مٺو پاڻي نڪتو. انهي وقت اهو کوهه وڏي خرچ ۽ ڏکن ڏاکڙن سان تيار ٿيو هو. تر جي وڏيرن کي باهه لڳي ويئي ته ميگهواڙ پنهنجو ذاتي کوهه کوٽايو آهي. حسد ۽ ساڙ ۾ ڇاڙتن کوهه ۾ لوڻ وجهي، مٺي پاڻيءَ کي کارو ڪري ڇڏيو. گڏوگڏ جڙتو ڪوڙن ڦڏن ۾ ڦاسائڻ لاءِ حراسان ڪندا رهيا. پر هن بهادر ۽ اڻ موٽ انسان دليريءَ سان مقابلو ڪبو ۽ بچاءَ خاطر انهيءَ زماني ۾ اخبارن ۾ ليک ڏيرايا ۽ وس وارن ۽ اختيار وارن وٽ بچاءَ خاطر درخواستون داخل ڪرايون، ۽ ترت ئي پنهنجي اصل ڳوٺ مان ڪٽنب سميت لڏي، ٻني سروي نمبر 7 جي اتر طرف مهاڳي ۾ پڊ منظور ڪرائڻ واسطي روينيو اختياري وارن وٽ درخواست ڏني. ۽ پڊ جي لکپڙه ٺهرائي، وس وارن عملدارن کي رواني ڪرائي، پنهنجي ڪٽب سميت رهائش اختيار ڪئي. جنهن تي تر جي وڏيرن، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جڙتو، ڦڏن ذريعي پوليس چاڙهڻ سان تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، جيئن ميگهواڙ ڊڄي پڊ تان هٿ کڻي، وري واپس پنهنجي اصل ڳوٺ ۾ اچي رهن، ۽ سندس غلامي ڪندا رهن. پر ٻيجلرام هڪ خوددار ۽ باهمت ماڻهو هو. سندن دڙڪن داٻن ۽ ڪوڙن ڦڏن جي ڪابه پرواهه نه ڪئي، ۽ پنهنجو سندرو مضبوط ٻڌي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهيو. پاڻ پٺن اگهاڙو، پاڻيءَ جي سانداري ڪلهي ۾ کڻي، پيادل پنڌ ڪري آفيسن ۽ ڪورٽن ۾ حاضريون ڏيئي ڏيئي، ڪارونجهر وانگر اوچو ڳاٺ ڪري هلندو رهيو، جنهن کي ڪابه طاقت نمائي نه سگهي. هُن جي محنت آخرڪار رنگ لاتو. لڳ ڀگ 25 سالن کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، ميرپورخاص جن سروي نمبر 7 جي مهاڳ ۾ رهڻ واسطي پڊ منظور ڪري ڏنو. سال 1957ع دوران مسلسل 25 سال پنهنجي پڊن، تڙن ۽ پنهنجي سنگن جي عزت آن ۽ مانُ بچائڻ خاطر مخالفن سان جنگ جوٽي، پنهنجي قبيلي جو ڳاٺ اوچو ڪرايو. اهڙين حالتن ۾ رهندي به پنهنجي پيٽ تي پٿر ٻڌي، پنهنجي پُٽن کي پڙهائين. سندس 3 پٽ هئا. 1. سترام جو هاري هو، ڪرمچند سنڌي فائينل پاس ڪئي کيس سنڌي ماستري نوڪري ڳوٺ ڀڪوئو ۾ ملي، جتي پيادل 25 ميل پنڌ ڪري ٻار پڙهائيندو هو. سندس ٽيون پٽ ڪانجي مل پرائمري اسڪول ڀڪوئو مان پڙهيو، ۽ ٻه سال هاءِ اسڪول ڏيپلو ۾ پڙهيو. بعد ۾ ٿر ۾ سخت ڏڪاري حالتن ڪري، ڀٽ ڀائٽي جو خيراتي اسڪول رئيس محمد عثمان مري هلائيندو هو، جتي ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ٻه سال بي روزگار رهيو، بعد ۾ ميئرٽ جي بنياد تي سال 66-1965ع ۾ جونيئر ڪلارڪ طور، نيشنل بينڪ آف پاڪستان ۾ مقرر ٿيو، جتي پنهنجي محنت، جفا ڪشي ۽ بهترين ڪارڪردگيءَ ڪري، کيس ترقي ڏيئي آفيسر گريڊ ۾ مقرر ڪيو ويو. ترقي ڪندي ڪندي سال 1998ع ۾ آفيسر گريڊ ون مان سينئر مئنيجر طور نوڪريءَ مان رٽائر ٿيو. ڪانجي مل پنهنجي نوڪريءَ دوران پنهنجن پراين واسطيدارن کي مالي مدد ڏيئي، پڙهايو، ۽ روزگار سان لڳايو. ڪانجي مل هڪ سماجي ۽ شوشل ورڪر ذهن جو انسان آهي، جنهن ڏکي وقت ۾ ڪافي ماڻهن جي مدد ڪئي آهي. جنهن جا ڪافي مثال آهن. جھڙوڪ ساهو جي وانڍ وارن جي کُلي دل سان مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. مٺي شهر ۾ پنهنجي نالي سان ڪانجي ڪالوني جو بنياد رکيو، جتي اسان جي جاتيءَ جا ڪيترائي گهر آباد آهن. ايم. اين. اي ڊاڪٽر کٽو مل سميت، رهائش پذير آهن. جتي ميگهواڙ برادريءَ جا سدائين ميڙاڪا ٿيندا رهن ٿا. ڪانجي ڪالوني ٿر ۾ ان حوالي سان مرڪزي اهميت رکي ٿي. اُن ۾ ڪوبه واڌ نه آهي. ڪانجي مل سال 2001ع کان 2004ع تائين نائب ناظم تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن مٺي به ٿي رهيو، جنهن ۾ پنهنجي ڪميونٽيءَ لاءِ ڪافي اسڪيمون ڏياريون ۽ ڪم ڪيو، جو اڄ به نشان آهن. ڪانجي مل جو وڏو پُٽ ملڪرام، جيڪو هن وقت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، مرڪزي کاتي ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي، جيڪو اعليٰ تعليم يافته ۽ با ڪردار شخص آهي. سندس اڪيلي نياڻي ڀڳواني ٻائي، اعليٰ تعليم يافته آهي ۽ سينئر انگلش ٽيچر آهي. سندس ٻه ننڍا پٽ هڪ پرتاب ۽ ٻيو امرت به سرڪاري ادارن ۾ روزگار سان لڳل آهن. ڀڳت ٻيجلرام هڪ باهمت، باڪردار ۽ سچو پچو انسان هو. پنهنجي حقن جي حاصلات خاطر جدوجھد ڪرڻ ان سلسلي ۾ پاڙي وارن ۽ پسگردائي وارن ڳوٺن وارن کي، غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ جي همت افزائي ڪرڻ، ساهتا ڪرڻ، ساٿ ڏيڻ اخلاقي توڙي مالي مدد ڪرڻ جي حوالي سان ڄاتل سڃاتل شخص طور حيثيت هئي. ڀڳت ٻيجلرام پاڻ اڻ پڙهيل هو ۽ آخري عمر ۾ لکڻ پڙهڻ سکيو. ٿر جي لوڪ ادب، لوڪ ڪهاڻين، لطيفن، پرولين، ڳجهارتن، ڪهاوتن، ڏور بيت جو وڏو ڄاڻو هو. ٿر جي سگهڙن جي ڪچهري هجي ته هلي شرڪت ڪندو هو. ٿر جا سڀ سگهڙ ۽ ڏاها سندس عزت ڪندا هئا. سچائي، نيڪ نيتيءَ جي ڪري ٿر جو مشهور سخي مرد، فقير فيض محمد بلالاڻي به سدائين راڄوڻي فيصلن ۾ کانئس صلاح وٺندو هو، ۽ مانُ ڏيندو هو. آخري اوستا ۾ سڀ لوڀ، لالچون، موه، مايا، ڇڏي ست گرو ڪري، ايشور جي ڀڳتيءَ ۾ مگن ٿي ويو. ڌرمي ماڳن، مندرن، صوفي سنتن ۽ فقيرن جي مزارن جون حاضريون ڀري، سنت ساڌوئن سان ميل ملاقاتون ڪري، پنهنجي جيون ۾ سک، شانتي، سڪون پراپت ڪيائين. سنساري جي نيم مطابق هر انسان کي هي چولو ڇڏڻو آهي. هن سنت به 22 فيبروري 1988ع تي هن جهان کي الوداع چئي، پر لوڪ پڌاريو، ۽ پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.