شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

چتون روهلائي

بيت ڀٽائيءَ وانگيان، وري لکان آنءُ، وري سکان آنءُ، ٻولي شيخ اياز جي. جھڙي نموني هڪ آرٽسٽ پنهنجي اندر جو آواز ڪنهن تصوير جي روپ ۾ اظهار ڪندو آهي، اهڙيءَ طرح شاعر به پنهنجي اندر جا اڌما، احساس ۽ خيال لفظن جي رنگين موتين سان هڪ مالها ۾ پروئي پيش ڪندا آهن، ۽ پنهنجو پاڻ کي هميشه امر رکندا آهن. اهڙوئي هڪ ٿر جي ٿڌڙي واريءَ ۽ ڀٽن ۾ ويڙهيل ڳوٺ روهل، تعلقه ڏيپلو ضلع ٿرپارڪر ۾ تاريخ 26 جنوري 1978ع تي شري موٽو مل ڀڍو جي گهر اک کولي، سندس ماتا جو نالو مصران ڌي ميگهو ذات پنهون، ڳوٺ ڪنئورل تعلقه ڏيپلو جي رهواسي آهي. پاڻ پرائمري تعليم 5 درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول روهل مان، سال 1983ع ۾ پاس ڪيائين ۽ ميٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول ڏيپلو مان سال 1993ع ۾ پاس ڪيائين، ۽ انٽر 1994ع ۾ ڊگري ڪاليج مٺيءَ مان پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم جاري نه رکڻ ڪري هُن ٽيڪنيشن لائين اختيار ڪئي، جو ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ڊپلوما هڪ سال ڪورس X-Ray ٽيڪنيشن ڪيائين، ۽ 3 مهينا آءِ (Eye) هيلٿ ٽيڪنيشن ايل. آر. بي. ٽي ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين، جيڪو اکين جو مفت علاج وارو ادارو آهي، جنهن اداري ۾ اڄ تائين نوڪري ڪري رهيو آهي. جنهن اسٽيج تان ڪافي ٿر جي غريب نابين ماڻهن جا مفت ۾ آپريشن ڪرائي نُور سان روشناس ڪرائي، دعائون حاصل ڪري رهيو آهي. پاڻ سنڌي، انگريزي، اردو ۽ ڍاٽڪي ٻوليون لکي پڙهي سگهي ٿو. پاڻ شادي تاريخ 1999-01-21ع تي شريمتي راڌان، ڌي مگهو مل ذات درڙو ويٺل شهر مٺي سان ڪئي، جنهن مان اولاد 3 نياڻيون 1. دُرگا ڇهون ڪلاس پڙهي ٿي. 2. ديا ٻيو ڪلاس پڙهي ٿي ۽ 3. حنا گل، جا ننڍي آهي. ٻه پٽ آهن 1. پارس گُل ٻيو ڪلاس پڙهي پيو ۽ ٻيو گريش ڪمار جيڪو ننڍو آهي. سندس ننڍي هوندي اسڪول واري ٽائيم کان ئي شاعريءَ سان لگن هو. پهريون شعر 1988ع ۾ سندس استاد مسٽر آچار عابد نهڙي جي فيئر ويل پارٽي، هاسٽل ڏيپلو ۾ پڙهيو ۽ پوءِ لڳاتار هاءِ اسڪول جي مختلف پروگرامن ۽ فنڪشن ۾ شاعري پڙهندو رهيو. پنهنجي محنت ۽ لگن سان پوري شاعريءَ تي پاڻ مرادو مهارت حاصل ڪئي، جا قدرت طرفان ڏات مليل هئي، 1995ع کان مڪمل شاعر جي حيثيت سان شاعري ڪندو رهيو آهي. سال 1993ع ۾ شنڪر لال مختيارڪار ويڙهار واري جي معرفت، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ٻارن جي ٻاري پروگرام ۾ شريڪ ٿيو جتي علي محمد جمالي ڪمپيئر هو. اُتي پنهنجو شعر، ”ٻارو سونهي سدا ماستر ٿو ٻارن ۾ جيئن چنڊ تارن ۾“ پڙهيو. پنهنجي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”ڀٽن مٿي ڀُڻڪار“ سال 2009ع ۾ آزاد پبلشنگ هائوس حيدرآباد پاران ساحل ٻالاڻي (هيلاريو پير) جي سهڪار سان شايع ٿيل آهي. جنهن ۾ هن ٿر توڙي هر موضوع تي شاعري ڪئي آهي، جنهن مان هڪ غزل هيٺ ڏجي ٿو: اچو ته ڪاري اُماس ۾ اڄ ڏيئا ڏيئا ٿي جلون وو يارو، اچو ته گڏجي نگر نگر کي نکار روشن ڪيو وو يارو. اچو ته بنجي بهار بادل، وسون وطن جي خطي خطي تي، اچو ته ڌرتي سنڌي ڌڻي تي حسين گُل ٿي ڦٽون وو يارو. اچو ته چڻگن منجهان شعاع ٿي شعاع منجهان بي شمار شعلا، اچو ته شعلن سندي شمع ٿي شمع فروزان ٿيون وو يارو. اچو ته حُب جي هوا هلائي، گس گس تي گلاب هاريون، اچو ته سڀ جا حبيب بڻجون، اچون ته هڪ ٿي جيون وو يارو. اچو ته هر رات ”روهلائي“، رهون رچائي رهاڻ رونق، اچو ته هڪڙي نئين جھان کي، نئون جنم ڪوڏيون وو يارو. چتون روهلائي هڪ سٺو ڪمپيئر آهي، جو مختلف پروگرام توڙي شادين مرادين ۾ ڪمپيئرنگ ڪري، ماڻهن ۾ خوشي جي لهر پيدا ڪرڻ جو ڏانءُ پڻ رکي ٿو. پاڻ ريڊيو پاڪستان مٺيءَ ۾ ڍاٽڪي ٻوليءَ جي ڪمپيئر جي حيثيت سان اڄ تائين لاڳاپيل آهي، ۽ هيءُ پهريون نوجوان آهي، جنهن ڍاٽڪيءَ ۾ مزاحيه پروگرام پيش ڪري، ماڻهن ۾ خوشيون ورهايون ۽ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. سندس شاعريءَ جي مڃتا طور کيس ايوارڊ سال 2006ع ۾ روحل ادبي ڪانفرنس پنوعاقل جي موقعي تي، امر وير لڌارام ايوارڊ سان نوازيو ويو. چتون روهلائي شاعريءَ سان گڏوگڏ فن گهڙي نواز به آهي، جنهن سان محفلن ۽ ستسنگ ۾ گهڙو وڄائي سڀني حاضرين کي جهومائي ڇڏيندو آهي. گهڙي ۾ سکشا ڏيندڙ ڪانجي ڀڊو ڳوٺ روهل جو سرڳواس ٿي ويل آهي، ان کان ورتي. انهي وقت گهڙو سادي انداز ۾ وڄايو ويندو هو. پر چتون روهلائي هن جديد دؤر ۾ انهي گهڙي کي طبلي جي اسٽائيل ۾ وڄائي نواڻ آندي. گهڙي وڄائڻ جون ماترائون، ڪلواڙو، لڳي، ٽپورو، سادي، ڏيڍي، ڏوڙي، چوتال، هنچ ۽ داڌرو وغيره وڄائڻ جي مهانتا رکي ٿو، ۽ اهي ماترائون گهڙي تي وڄائڻ متعارف ڪرايو. گهڻو ڪري مهيني ۾ 20 ڏينهن ستسنگن ۾ رات پوري گهڙو وڄائي داد حاصل ڪندو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ پنهنجي نوڪري ۽ ڌنڌي سان به سچائي ۽ ايمانداريءَ سان نڀائي رهيو آهي. هو هڪ اڻورچ ۽ محنتي نوجوان آهي، هميشه نين راهن جي تلاش ۾ رهندو آهي. پاڻ پير پٿورو ماڙي، ساردڙو، انچلي سر، چوڙيو مندر ۽ هنگلاج ماتا، جتي ڪڏهن گهڙو ڪونه وڄايو ويو، اُتي به هي پهريون شخص آهي، جنهن گهڙو وڄائي مهانتا حاصل ڪئي، انهيءَ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي گهڙي نواز آهن، جھڙوڪ: ويسو جئپال اکاڻي، ڪرمون ڦليو، هريش ارنرو، مڪيش ڪيرٽي، ليلارام مئو، سورداس ڀڳت تاراچند به سٺا گهڙي نواز آهن، پر چتون روهلائي پنهنجو مَٽ پاڻ آهي.