شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

شهديو ڏونگراڻي

نام رتن ڌن پائي ڪي، گانٺي بانڌ نه کول، ناهين پن، ناهين پارکو، نهين گاهڪ، ناهين مول. هونئن ته ميگهواڙ جاتيءَ ۾ مهان مصوّر آرٽسٽ موجود آهن جن پنهنجي ڪلا سان پنهنجي قوم ۽ جاتيءَ جو نالو ۽ ڳاٽ اوچو رکيو آهي. جنهن ۾ چترا پريتم بالاچ، جنهن آرٽ جي فن ۾ دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو ۽ جنهن کي ڪلچرل ايوارڊ ۽ صدارتي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو، جيڪو اسان لاءِ باعث فخر آهي. انهي کانسواءِ سرڳيه گنگارام آرٽسٽ تلهار واسي، جنهن پينسل، چارڪول سان مصوري ٺاهي، پوري ملڪ توڙي ٻين ملڪن تائين مشهوري ماڻي ۽ جاتي ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو. اسان جو ٿر به اهڙن هيرن ۽ موتين کان خالي نه آهي. هي ٿر ۽ واريءَ وارو خطو، جتي به هڪ ڪنول شهديو ڏونگراڻي جي روپ ۾، شري کيتارام کوکر ڳوٺ ٻورلي موسيپوٽا تعلقه مٺي، ضلع ٿرپارڪر ۾ تاريخ 28 فيبروري 1973ع ۾ ڪلا جي خوشبوءَ سان نروار ٿيو. سندس ماتا جو نالو پاٻان ڌي موتي، ذات کنڀو ويٺل ڳوٺ گانگاڻ، تعلقه مٺي جي آهي. پاڻ پرائمري پنج درجا سال 1984ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٻورلي موسيپوٽا مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ سال 1989ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول اسلام ڪوٽ مان، ۽ انٽر 1992ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ مان پاس ڪيائين. انٽر ميڊئيٽ گريڊ ڊرائينگ سال 1986ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾، مٺي سينٽر مان پاس ڪيو. کيس آرٽ ۽ ڊرائينگ سان ننڍي هوندي دلچسپي هئي. انهي شوق ۾ BA فائن آرٽ سال 1994ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان پاس ڪيائين، ۽ سندس اُڏام اڃا اوچي هئي، تنهن ڪري هُن آرٽ جي تعليم جاري رکي ۽ MA فائن آرٽ سال 1997ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪري مهانتا ماڻي. تُرت ئي پوءِ شهديو ڏونگراڻي هڪ ڪمپني، نيشنل ائڊورٽائيزر پرائيويٽ لميٽڊ ۾ 1999ع کان 2000ع تائين نوڪري ڪئي، ۽ گڏوگڏ انگريزي مئگزين Wings and Ashia travel News ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور به ڪم ڪيو. پوءِ اُتان نوڪري ڇڏي واپس ٿر وسايائين، ۽ تاريخ 1 جنوري 2001ع تي شريمتي شنڪوتلا عرف ديوي، ڌيءَ مينهدرو مل پرگڙو، ڳوٺ ميمڻ جي تڙ سان شادي رچائي، جنهن مان کيس اولاد هڪ نياڻي نالي شبنم، جا اٺين ڪلاس پڙهي پئي ۽ ٽي پُٽ 1. سرويچ ڪلاس ستين ۾ 2. سرمد ڪلاس ٽئين ۾ ۽ 3. سرتاج ڪلاس پهرئين ۾ پڙهي رهيا آهن. پاڻ سنڌي، اردو، انگريزي، ڍاٽڪي ۽ ٿوري هندي به ڳالهائي ۽ لکي پڙهي سگهي ٿو. شاديءَ کانپوءِ ٿرديپ ۾ 2002ع ڌاري پروگرام اسسٽنٽ جي نوڪري تي لڳو، ۽ اڃا تائين ٿرديپ ۾ آهي. هن وقت پروگرام آفيسر جي پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ کي قدرت طرفان ڏات مليل هوندي آهي. اهڙي طرح شهديو ڏوگراڻيءَ کي به آرٽ، مصوري ڊرائينگ سان ننڍي هوندي شوق هو. انهي شوق کي ڏسي سندس ڀاءُ ڊاڪٽر جهامن ”جان“ ۽ سندس ماسات سگرام داس سندس همٿ افزائي ڪئي، ۽ آرٽ جي فيلڊ ۾ وڃڻ لاءِ آماده ڪيو. تنهن ڪري حيدرآباد ۾ سندس استاد محمد علي ڀٽي صاحب کان پوري پوري سکشا ورتائين، ۽ رنگن جي دنيا ۾ باقاعدي داخل ٿيو. سندس آرٽ جي فن جو گهڻو ڪري ٿر سان گھرو لاڳاپو آهي. ٿر جو ڪلچر، رهڻي ڪرڻي ۽ هر پهلو سندس اندر ۾ ڄڻ ته اڳ ۾ ڪنهن مهان آرٽسٽ طرفان دل ۽ دماغ تي، پڪي چٽي رنگ سان چٽي ڇڏيو ويو هو ۽ ٿر جي پوئتي پيل علائقي کي هن پنهنجي فن سان پوري دنيا ۾ متعارف ڪرڻ جو عزم ڪيو. شهديوَ پنهنجي ڳالهائڻ ۾ به صاف سُٿرو آهي، ۽ سندس لهجو پڻ پُراعتماد لڳي ٿو. هن جي خيال ۾ فن، ٽيڪنڪ جي ذريعي سکڻ جو نالو نه آهي، پر فن اُها عطا ٿيل ڏات آهي، جيڪا زندگيءَ جي هر موضوع کي پاڻ ۾ سمائي ٿي. مصوّر کي پنهنجي ڏات، زندگيءَ جي ٻين صلاحيتن ۽ هُنرن ڏانهن منصوب ڪرڻ گهرجن. شهديو ڏونگراڻي ٿر جو پهريون نوجوان آهي، جنهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان فائن آرٽ ۾ مصوّريءَ جي ماسٽر ڊگري حاصل ڪئي آهي. هو پنهنجي مصوّري ۾ واٽر ڪلر پينسل ورڪ ۾ ڪم ڪري ٿو. پر هو آئل پينٽ سان ڪم ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏي ٿو. اهائي سندس پسنديده صنف (ميڊيم) آهي ۽ سڃاڻپ آهي. هن جو ڪم، ٿرين جي رهڻي ڪهڻي ۽ حسناڪين جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ڍنگ بيان ڪري ٿو. ڪئنواس تي گھرا اسٽروڪ ان سان گڏ پيسٽل رنگ جو متوازن ڇُهاءُ، تصوير کي حقيقت جي وڌيڪ ويجهو آڻي ٿو ڇڏي. پنهنجي مشاهدائي اک سان هو ٿر جي فطري حُسن جي حقيقي منظر کي، تصوير ۾ چٽي ٿو. اهو ٿر، جتي هُن پنهنجي ٻاروتڻ جا املهه پَل گذاريا آهن. کيس يقين آهي ته ”فطرت ئي منهنجو ڪئنواس آهي.“ هو فطرت جي اسڪيچ مان ورتل صفحن کي مصوّريءَ ۾ سمائي ٿو. سندس فني ٽيڪنڪ اها آهي، ته هو رنگن جي ڊگهن ۽ گھرن ڇُهائن کي آزاديءَ سان هر رُخ ۾ کڻي وڃي سگهي ٿو. اهائي ٽيڪنڪ سندس ڪم جي منفرد ۽ بنيادي خوبي آهي. سندس مصوري واري ڏات ۽ خواهش، ڪنهن به جذبي يا مقصد کان آجي، ۽ گهڻ رُخي نه آهي. ڏونگراڻي اهي ئي پورٽريٽ ٺاهڻ چاهيندو آهي، جيڪي هُن خود کي معطمئن ڪن. ٿري ثقافت کي اڳتي آڻڻ ۾ انهن جو ڪردار هجي. گهڻو ڪري شهديوَ کي ان ڳالهه سان ڪو سروڪار ڪونهي، ته هو ڪهڙا رنگ استعمال ٿو ڪري، سواءِ اُن جي ته اهي رنگ سندس تخليق ۽ اندر کي معطمئن ڪندا هجن. هو پنهنجي ڪئنواس تي آزادي جي فطري بادشاهت چٽڻ چاهي ٿو. جنهن جي شاهدي سندس ڪم مان پڻ ملي ٿي. هو پنهنجي ڪم ۾ خود قائليت جو قائل آهي. شهديو جي چوڻ موجب جيڪڏهن هن پنهنجو ڌيان ڪنهن هڪڙي صنف (ميڊيم) تي مزڪوز رکيو، ته اها صنف (ميڊيم) پينٽنگ ئي هوندي. سندس رنگن جو استعمال ۽ انداز سندس ڪم جي حقيقت جو روپ دلچسپ شيءِ آهي. ڪو به ماڻهو سندس ڪم ۾ هُن جي ماحول سان ويجهڙائپ کي ڀلي ڀت محسوس ڪري سگهي ٿو. هڪ ڌنڌوڙي (پروفيشنل) مصوّر هجڻ جي ناتي، هن خوبصورت ڪارڊ به ٺاهيا آهن. جيڪي ٿر جي حقيقي تصوير پيش ڪن ٿا. انهي کانسواءِ ٿرديپ جي لاءِ هُن هڪ ڪتاب پينٽنگ سان سنواريو آهي، جو نالو The Land of Coloures and Cantras (متضاد رنگن جي سرزمين) تيار ڪيو جنهن ۾ اسڪيچ جي مناسبت سان ڍاٽڪيءَ ۾ شاعري ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو به لکيل آهي. شهديوَ جي چوڻ موجب ڏات ڄمندي ئي ماڻهوءَ سان گڏ هجي ٿي ۽ هو پاڻ کي به ڄائي ڄم کان مصوّر سمجهي ٿو پر ان سان گڏ مطالعو ۽ مشاهدو اُن ڏات کي وڌيڪ سنواري ٿو. مصوري سکڻ لاءِ سکيا جي ڪيتري اهميت آهي، ته ڪو ماڻهو سکيا ذريعي پنهنجي صلاحيت کي تلاش ته ڪري سگهي ٿو، پر مصوري ڪري نه ٿو سگهي. ”سکيا توهان جي فن کي سنواري ضرور ٿي، پر تخليق توهان جي اندر ۾ موجود هوندي آهي.“ هو چاهي ٿو ته پنهنجي فن جي نمائش ڪريان پر کيس مناسب رهنمائي ۽ مالي سهڪار جي ضرورت آهي. هو چاهي ٿو ته منهنجي ڪم کي صحيح رُخ ۾ ڏسن ۽ ان جي پويان لڪيل خيالن کي پڙهن ۽ محسوس ڪن، ته هڪ مصور کي خوشي ۽ طمانيت جو احساس ٿيئي ٿو. شهديو مصوريءَ سان گڏ ڪاٺي ۽ مٽيءَ مان مجسما به تخليق ڪيا آهن، جن کي گهڻو ساراهيو ويو آهي. هن پنهنجا فن پاراه سنڌ يونيورسٽي، فائن آرٽ ۽ خانه فرهنگ ۾ رکيا هُئا، جيڪي تمام گهڻو پسند ڪيا ويا ۽ ڪافي وڪرو به ٿيا. انهي کانسواءِ ٿرديپ پاران سال 2005ع ۾ عورتن جو ميلو هاءِ اسڪول گرائونڊ مٺيءَ ۾ منقعد ڪرايو ويو، جنهن ۾ سندس تصويرن جو اسٽال لڳايو ويو هو، ڪافي تصويرون وڪرو ٿيون ۽ پسند ڪيون ويون. پاڻ ٿوري ٿوري شاعري به ڪندو آهي ۽ کيس ڀٽائي صاحب، شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ جي شاعري پسند آهي. سندس سوچ آهي ته اسان جي مُلڪ ۾ فن کي ڪابه اهميت نه ٿي ڏني وڃي، ۽ ڪنهن به مصوّر کي سندس تخليق جي موٽ ۾ ڪنهن به قسم جي قبوليت نه ٿي ملي. هو مٺي شهر ۾ هڪ آرٽ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏي ٿو، ۽ محسوس ڪري ٿو ته ايندڙ نسل آرٽ ڏانهن تمام گهڻي رغبت رکي ٿو، جيئن اسان جي ايندڙ نسل کي آرٽ لاءِ اُتساهه ملي. سندس خيال موجب فن رڳو خوبصورتيءَ جي شيءِ ناهي. پر اهو هڪ ذريعو به آهي جنهن سان ماڻهو تخليقي انداز ۾ پنهنجي احساسن جو اظهار ڪري ٿو. آرٽ ۽ مصوري ڳالهائي ٿي. هُن جي پنهنجي ٻولي آهي. مصوّر پنهنجي اندر جا احساسات ۽ جذبا آرٽ جي صورت ۾ عوام کي ٻڌائين ٿا، پر اها ٻولي جيڪو سمجهي. جنهن لاءِ مصوري سکڻ ۽ سمجهڻ ضروري آهي، ۽ علم ئي بنيادي ڏاڪو آهي، جتان انسان فن ۽ تعليم جي اوچائيءَ کي ڇُهي سگهي ٿو. محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.