شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

سانوڻ سنڌي

(1966–02–05 کان 2003–04–21) مار پِئي موت، تون اڻ مندائتو آئين، گهائيئي اهڙا گهوٽ، جن مند نه هُئي مرڻ جي. سونهاري سنڌ ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙا مهان ڪوي پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي ڪويتا ۽ امر ڏانءَ سان انسان جي دلين ۾ اجالو پيدا ڪيو. انهن پنهنجي ڪلاجي واسنا سان ڪائنات جي ڪڻ ڪڻ جي ڄاڻ ڏني. اهڙوئي هڪ مهان پرش جيڪو گلن ٽڙڻ جي مند اچڻ ۾ باقي ڏهه ڏينهن بچيا هئا ته بهارن جي جھڙي ماڻهو ”سانوڻ“ سنڌي، احترام لائق مکي کمون مل ذات کوکر ٽنڊوغلام علي، تعلقه ماتلي ضلع بدين جي تاريخ 1966-02-05 تي اک کولي ۽ هن وفا نه ڪندڙ جھان کي ڏٺو. سندس ماتا جو نالو بولي ڌي دڏو ذات اوڍاڻا ويٺل ٽنڊو غلام عليءَ جي هئي. پاڻ 5 درجا سنڌي سال 1978ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو غلام عليءَ مان پاس ڪيا، ۽ 1982ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول ٽنڊو غلام عليءَ مان پاس ڪيو. انٽر 1985ع ۾ ڊگري ڪاليج ماتليءَ مان ۽ B.Sc سال 1989ع ۾ M.A Economics سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪيائين. M.A سنڌي جي ڊگري سال 1985 ٽنڊو محمد خان ڪاليج مان حاصل ڪيائين. 1992ع ۾ B.Ed علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان ۽ M.Ed سال 2000ع ۾ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان پاس ڪيائين. شروعات ۾ کيس جونيئر ٽيچر جي نوڪري ملي، جا ٽنڊو غلام علي هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ڪئي، بعد ۾ سائنس ٽيچر طور مقرر ٿيو جو آخر تائين رهيو. پاڻ شادي شريمتي نيڻي، ڌي منگهارام، ذات ڪڏيچه، ڳوٺ ڪاڇيلو، تعلقه جيمس آباد سان ڪئي، جنهن مان اولاد هڪ نياڻي مينا ٻائي، جا تعليم انٽر پاس هٿ جي هنر جي ماهر ۽ ڀڳتي ۽ ست سنگ جي سگهڙ آهي. ٽي پٽ 1. لطيف ڪمار B.A پاس جيڪو درزڪو ڪم ڪري ٿو. 2. مهيش ڪمار 7 ڪلاس ۽ راهول ڪمار 5 ڪلاس ۾ پڙهي پيو. سانوڻ سنڌي انگريزي، سنڌي، اردو ۽ ڍاٽڪي ٻوليون لکي پڙهي سگهي ٿو. سائين جو ادب سان ننڍي هوندي کان ئي لڳاءُ هوندو هو. سندس پيءُ مکي کمون مل جتيون ٺاهيندو هو ۽ مٿي چاندي مڙهڻ جو ڪاريگر هو. سندس ماتا جو گهر ۾ ڪپڙي جو دڪان هو، خوب محنت ڪري سانوڻ سنڌيءَ کي پڙهايو. هڪ ڏينهن سانوڻ سنڌي پڙهڻ لاءِ گهران نڪتو ته رستي ۾ کيس ٽڪر لڳڻ ڪري سندس ٽنگ تي ڏاڍو اثر ٿيو. هو هلڻ کان لاچار ٿيو پر همت نه هاري. جوش ۽ جذبي سان هن ڪاٺ جي گهوڙين سان هلي، پنهنجي پڙهائي جاري رکي ۽ ڪلاس ۾ سدائين اول نمبر سان پاس ٿيندو رهيو. پاڻ محنتي هوندو هو. صبح جو اسڪول ۾ پڙهائيندو هو. شام جو شاگردن کي ٽيوشن ڏيندو هو ۽ رات جو درزڪو ڪم ڪندي پنهنجي اولاد کي به پڙهايو. حياتيءَ کي امر بنائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي. انهي لاءِ جدوجھد جا جھان جهاڳڻا پون ٿا. جدوجھد جا ڪيترائي پليٽ فارم آهن. ڪو تاريخ ۽ تهذيب جو رکوالو ٿيئي ٿو. ڪو سگهڙ ۽ شاعر جو روپ وٺي پيغام پهچائي ٿو. ڪو ساز وڄائي سُرڪڍي ذهنن کي جنجهوڙي ٿو ۽ ڪو ملازمت يا محنت ڪري پنهنجو نانءُ تاريخ جي صفحن ۾ لکرائي ٿو. سانوڻ سنڌي ڪيترائي سماجي توڙي ذاتي بار ساڻ کڻي هلندڙ، گهڻن ئي مسئلن ۾ گهيريل هوندي به مُک تان انهن جو اولڙو لڪائي، خوش نظر ايندو هو. قوم ۽ جاتيءَ جي سجاڳيءَ لاءِ شعر سرجيندڙ سانوڻ، قد ۾ پورو پورو، بت ۾ ڀريل رنگ جو سانورو، اکين ۾ اونهائي، وار ڪارا طبيعت ۾ ٿڌو ۽ خوش مزاج قول ۽ فعل ۾ فرق نه ڪندڙ، سوچي پوءِ ڳالهائڻ وارو، سهپ جي سگهه رکندڙ، ايندي کي آءُ، ويندي کي ويهه، چوڻ وارو هو. سندس ملڻ مان مخلصي بکندي پئي نظر ايندي هئي. جوانيءَ ۾ قدم رکڻ کانپوءِ هن ۾ هڪ سجاڳيءَ جي ڪرڻ جاڳندي رهي، ۽ اندر ۾ پيدا ٿيل ولوڙ کي شعرن ۾ اوتيندي سال 1983ع کان باقاعدي شاعريءَ جي شرروعات ڪيائين. سائين واجد منگي (مرحوم) ٽنڊو غلام علي ۾ ادبي سرگرميون شروع ڪري چُڪو هو. دوستن جي مدد سان صوفي شاهه عنايت شهيد جي نالي سان مفت اڀياس گهر قائم ڪيو هئائين، ۽ انهي لئبريريءَ ۾ هفتيوار ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون. سانوڻ سنڌي ۽ سندس ٻيا ڪيترائي دوست سائين مشڪور ڦلڪارو، امداد چاچڙ، ڪرشن ويراڳي شرڪت ڪندا هئا جتان داناءَ، استادن ۽ دوستن جي تنقيد مان لاڀ حاصل ڪري پنهنجو پاڻ کي شعر لکڻ جي لائق بنايائين. سندس شاعري سندس سچائي ۽ دلبرائي، سنڌي قوم ۽ ملڪ سان محبت جو ڏيک ڏيندي آهي. هو هڪ بهترين شاعر هو، جنهن جي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”سانوڻ آيو ساٺ ڪري“ جنوري 2004ع ۾ شايع ٿيو. شاعريءَ ۾ هن پنهنجي قوم جو به ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پنهنجي ڳوٺ ٽنڊو غلام عليءَ جي باري ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. پنهنجي شهر جي ميرن جي باري ۾ بهترين تفصيل سان لکيو آهي. هن پنهنجي مذهب جي باري ۾ بهترين نموني سان اظهار ڪيو آهي: پرهه ۾ آکاڙ آهيان! ڌرتيءَ جو دراوڙ آهيان! شيخ ڀلي شاهه سڏائين، آئون ته ميگهواڙ آهيان! اٿندين متان اوٿر هوندس، لڙندين ته لاڙ آهيان! خلق جي خوشين ۾ ئي خوش، راجن مڱڻهار آهيان! پنهنجو ميل آ مشڪل تون، کهنبو مان ڇاٻڙ آهيان. ٻانهن ٻُسي ۽ نٿ لٿل، جڳ ۾ جيئڻ جاڙ آهيان. آئون صفا ساڌو سانوڻ، ڊوهه نڪي ڊاڙ آهيان. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو غلام عليءَ کي سائين واجد کانپوءِ مشڪور ڦلڪارو پنهنجي منهن ٿي وڃڻ کانپوءِ سانوڻ سنڌي ئي زنده رکيو. سانوڻ جي بنان مندي نهٺائي ڪري هرڪو ساڻس محبت ڪندو هو. محنتي، جفا ڪش هئڻ ڪري کيس شهري اتحاد تنظيم جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. انهي کانسواءِ فنڪشن ۾ ڪمپيئرنگ ڪرڻ ڪري ته سامعين ايڏو ته خوش ٿيندا هئا، جو چوندا هئا ته ٻين کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت نه ڏي، تون شعر ئي ٻڌائيندو رهه، پروگرام ۾ ڪمپيئرنگ جون وڊيو ڪيسٽون ڪافي تعداد ۾ اڄ به موجود آهن. سانوڻ سنڌي مهانگائيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ صنوبر ٽيلر جي نالي سان سلائي سينٽر کوليو انهي تي ٽائيم ڏيڻ دوستن ۽ برادريءَ ۾ اٿڻ ويهڻ مطلب ته حياتيءَ جي هر رخ کي اصول سان ۽ ذميواريءَ نڀائڻ تي سانوڻ سنڌيءَ جي حوصلي، همت ۽ محنت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. پنهنجي وجود جي اُڻ تڻ جو اظهار رڳو غزل ۾ اوتي نه ڪيو اٿائين، پر شاعريءَ جي ٻين صنفن وائي، نظم، گيت، بيت، چوسٽو، ٽيڙو ۽ هائيڪا وغيره ۾ به پنهنجو پاڻ ملهايو اٿس. شعر، شاعر جي اندر جي تمام وڏي ولوڙ کانپوءِ سرجي ٿو. سانوڻ جي شاعري جذبن جي جلوي ۽ جلال جي احساساتي گونا گونيت سان سرشار آهي. سندس شاعريءَ ۾ سک کي اُٿي پاڻ پتوڙڻ جو احساس ڏي ٿي ته مظلوم کي ظالم سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سڏ ۾ آهي. ظالم کي دڙڪا به آهن ته مظلوم کي وري آٿت، گس ۽ دلاسا به آهن. انهي احساساتي عمل ۾ رومانس جي حوالي سان وڇوڙي جون ڳالهيون، انتظار ۽ اُلڪا به آهن ۽ درد، لڙڪ، سڏڪا ۽ سسڪيون به آهن. رومانوي جذبي سان ٽمٽار شعر ته الوڙيو ٿا وجهن. اندر جي هورا کورا کي لفظن جا ويس ائين پارايو اٿس، ڄڻ ڪا لفظن جي مالها پوئي پيش ڪئي اٿس. ادب جي ٻين صنفن ڪهاڻي ۽ مضمون وغيره ۾ به سانوڻ جي قلم جي سگهه لڪل نه آهي. نثري لکڻيون به انتهائي جاندار آهن. سپٽمبر سال 2002ع مهيني جو ڪينجهر رسالو، ڳوٺ نمبر ڪڍيو ويو، جنهن ۾ سانوڻ سنڌي پنهنجي شهر ٽنڊو غلام عليءَ تي لکيل مضمون کي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ پوري سنڌ ۾ ٻيون نمبر قرار ڏنو ويو. سانوڻ سنڌيءَ جي حياتي خوشي خوشي سان گذري رهي هئي، پر اوچتو کيس ڪاري سائي ٿي پيئي، جنهن جو 4 مهينا علاج آغا خان اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڪيائون پر سورن جا عذاب نه سهي سگهيو ۽ تاريخ 2003-04-01 ڏينهن آچر جو پنهنجي پريوار کان وڇڙي وڃي پرماتما سان مليو. هو ته ويو پر هو امر آهي، سدا امر رهندو. پنهنجي شاعري ۾ محبت، وفا، ايمانداريءَ جي روپ ۾ ياد رهندو. هو روشن ستارو هو ۽ هميشه چمڪندو رهندو. اڄ به گهرجي سنگت کي، سانوڻ تنهنجو ساٿ.