شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

منگل رام جي پرمار

ڦرن ٿا چرخ جا ڦيرا، ڪڏهين ڪهڙا ڪڏهين ڪهڙا، ڏيکاري دؤر ٿي دنيا، ڪڏهين ڪهڙا ڪڏهين ڪهڙا. (هري دلگير درياني) ٿر جي سونهاري ڌرتي ڪيترائي صوفي، سنت، ڪلاڪار ۽ تعليمي ماهر پيدا ڪيا آهن. اهڙي ئي هڪ مهان تعليمي ماهر، شري منگل رام، 1936ع ۾ شري گانگو مل ذات ٻوچيا، ڳوٺ صوڀارو تعلقه مٺيءَ ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ڏيبو، جيڪا ڏاهو مل گنڍير جي ڌي ۽ ڳوٺ ڌرم ويري، تعلقه مٺيءَ جي هُئي. سندس پتا گانگو مل هڪ مالوند ماڻهو هو وٽس ڍڳيون ۽ ٻڪريون هونديون هيون، جنهن جي سنڀال ڪندو هو. برسات ۾ ٻني ٻارو ڪندو هو ۽ گذارو سٺي نموني هلندو هو. کيس ٻه ڀائر هئا. هڪ جو نالو پمون مل ۽ ٻئي جو نالو سونو مل، جيڪو پرائمري ماستر هو، جنهن جا سنڌي اکر موتي داڻن وانگر هئا ۽ کيس ٽي ڀينرون هيون، جي سرڳواس ٿي ويون آهن. شري منگلرام پرائمري تعليم پهرين درجي کان ستين درجي تائين مسلم اسڪول علو ڪوٽڙيو ۾ حاصل ڪئي. مسلم اسڪول علو ڪوٽڙيو ۾ ان وقت سندس ڀاءُ سونو مل ماستر هو. مسلم اسڪول علو ڪوٽڙيو ان وقت تمام سٺو تعليمي مرڪز هو. جتي پري پري جا ڇوڪرا فائينل امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. ستين درجي جي امتحان کي فائينل امتحان چئبو هو، جنهن جو سينٽر مٺي هو. ان وقت فائينل پاس ڪرڻ سان سنڌي ماستري آسانيءَ سان ملي ويندي هئي. شري منگلرام به مٺي سينٽر مان فائينل پاس ڪئي ۽ پرائمري ماستري ملي. ان وقت سندس پگهار 45 روپيه ماهوار هو. سستائي جو دؤر هو، انهي پگهار مان گهر جو ڪار ونهوار صحيح هلندو هو. اُن وقت پرائمري ماستر کي ٻن سالن جي سکيا حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ ڏني ويندي هئي. کيس 1952ع ۾ ٽرينينگ لاءِ چونڊيو ويو. حيدرآباد ۾ انهي وقت ماسترن جي رهڻ لاءِ ٽي هاسٽل هوندا هئا، جن مان ٻه شهر ۾ هيون ۽ فقط هڪ هاسٽل کي پهريون نمبر هاسٽل چوندا هئا، اُها ڪاليج جي اندر هُئي. جنهن ۾ روم نمبر 25 ۾ شري منگلرام، ڏونگرو مل ماستر ڇوڙ جو، ۽ ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ جو اُن وقت نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو، ۽ مئٽرڪ جي تياري ڪندو هو، سڀ گڏ رهندا هئا. کيس انگريزي پڙهڻ لاءِ ڊاڪٽر راڻا صاحب همٿايو، ۽ منگلرام مئٽرڪ جي تياري شروع ڪئي. کيس راڻا صاحب پاران ڪافي مدد ملندي هئي. 1953ع ۾ هُن نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ پرائيويٽ طور مئٽرڪ جو فارم ڀرايو ۽ امتحان ۾ ويٺو، پر ٻن سبجيڪٽن ۾ ناپاس ٿيو. پر همت نه هاريائين ۽ وري 1954ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺو ۽ پاس ٿي ويو. اُن وقت سنڌ يونيورسٽي تازو حيدرآباد ۾ قائم ٿي هئي. جتي آرٽ يا سائنس گروپ جو سوال ڪونه هو، سڀ سبجيڪٽ ڏيڻا پوندا هئا. شري منگلرام ٽرينينگ ڪورس 2 سالن وارو سال 1954ع ۾ پورو ڪيو، ۽ کيس واپس پنهنجي ضلع ۾ موڪليو ويو. کيس ميرپورخاص شهر ۾ رکيو ويو. ان وقت تازو شاهه لطيف ڪاليج قائم ٿيو هو. جتي هُن ڪاليج ۾ داخلا ورتي. انٽر تائين ريگيولر رهيو ۽ BA سال 1958ع ۾ پرائيويٽ طور پاس ڪيائين BA پاس ڪرڻ کانپوءِ سيڪنڊريءَ ۾ وڃڻ لاءِ جاکوڙ ڪيائين ۽ نيٺ 1960ع ۾ ڪامياب ٿيو. اُن وقت پرائمريءَ مان سيڪنڊريءَ ۾ اچڻ لاءِ ڪابه ٽيسٽ وغيره نه هوندي هئي، فقط اورل ٿيندي هئي، جنهن ۾ هو پاس ٿيو. ساڳئي سال 1960ع ۾ کيس بيٽ آفيسر ڪري ضلع ٺٽو جي تعلقه جاتيءَ ۾ رکيو ويو. اُن وقت ٺٽي ضلع جي ايجيو ڪيشن جي آفيس ڪراچيءَ جي اولڊ سنڌ اسيمبليءَ بلڊنگ بندر روڊ تي هئي. اُن وقت جاتي کان ڪراچيءَ وڃڻ لاءِ سنڌو ندي سامونڊي جهاز وسيلي پار ڪرڻي پوندي هُئي. ڪجهه وقت کانپوءِ اها آفيس شفٽ ٿي مڪلي ٽڪريءَ تي آئي. ٺٽو ضلع ۾ شري منگلرام سال رهيو بعد ۾ کيس بدلي ڪري مٺي ۽ ڏيپلو بيٽ تي مقرر ڪيو ويو. اُن وقت مٺي ۽ ڏيپلو ۾ ڪُل 45 اسڪول هئا، جن ۾ 13 اسڪول ڏيپلو ۾ ۽ 32 اسڪول مٺي تعلقي جا هُئا. ٿر ۾ اچڻ سان کيس هڪڙي نئين ماحول کي منهن ڏيڻو پيو، اهو 1961ع جو زمانو هو. ٿر ۾ اچڻ سان کيس ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، جيئن ته سواريءَ لاءِ پنهنجو اُٺ رکڻو پيو. ڇوت ڇات هئڻ ڪري ماني ٽِڪي ڪرڻ لاءِ ماڻهو رکيائين. رڌپچاءَ جا برتن به گڏ کڻڻا پيا. پنهنجي عزت ۽ وقار قائم رکڻ لاءِ جيڪو ڪرڻو پيو، اهو سڀ ڪجهه ڪيائين. هڪ ميگهواڙ بورچي طور رکيائين، جيڪي ماني ٽِڪي ڪندو هو ۽ اُٺ جي سنڀال به ڪندو هو. پاڻ مسافري وقت پاڻيءَ جو بادلو ۽ چانهه جو ٿرماس گڏ کڻندو هو. پاڻ ايترو اصول پرست هو، جو ڪٿي به ڪنهن جي ماني يا چانهه پاڻي استعمال نه ڪيائين. ايمانداري سچائيءَ سان هن ڏيپلو مٺي بيٽ جي نوڪريءَ جو عرصو پورو ڪيو. 1962ع ۾ کيس BT جي ڪورس لاءِ چونڊيو ويو. اهو ڪورس 10 مهينن جو هو، جو حيدرآباد سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻو هو، جو 1963ع ۾ پورو ڪري کيس ڇاڇرو تعلقي ۾ بيٽ آفيسر مقرر ڪيو ويو. جتي هو 1966ع تائين رهيو ۽ پوءِ کيس بدلي ڪري هاءِ اسڪول ميرپور ساڪرو ۾ رکيو ويو، جتي ٿورو وقت رهيو پر زندگي سڪون سان گذري، ڇاڪاڻ ته اُتي ڇوت ڇات جو مرض ڪونه هو. ميرپور ساڪري کان بدلي ڪري کيس هاءِ اسڪول نئوڪوٽ ۾ رکيو ويو. اُتي ٿورو وقت رهڻو پيس ڇاڪاڻ ته 1971ع ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي جنگ شروع ٿي ويئي هئي، ۽ هندو ملازمن کي بدلي ڪري مختلف ضلعن ۾ موڪليو پي ويو. ان وقت نئوڪوٽ ۾ 4 هندو استاد هئا، جن کي بدلي ڪري ٺٽي موڪليو ويو، جتي سٺو وقت گذريو. ڇاڪاڻ ته اُتي ڪيترائي هندو ملازم هئا، جن سان ملڻ جلڻ ٿيندو هو. ٺٽي مان بدلي ڪري ٻيلو مڊل اسڪول ۾ موڪليو ويو. ٻيلو ننڍو شهر هو، جو سجاول کان اُتر طرف ۽ سنڌو نديءَ ۾ تمام ويجهو آهي. جتي هُن سٺو وقت گذاريو. جيئن جنگ ختم ٿي ته هندو واپس ٿرپارڪر ضلع ۾ موڪليا ويا، ۽ منگلرام کي مڊل اسڪول ڀوريلي ۾ رکيو ويو. ڀوريلو سندس ڳوٺ کان 9 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. جتي ڪافي وقت رهيو. سال 1981ع ۾ کيس 16 گريڊ ۾ پروموشن ڏنو ويو، ۽ کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمر الدين پنجابي ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. عمرالدين پنجابيءَ هاءِ اسڪول بدين ضلع ۾ آهي. جتي هو ٿورو وقت رهيو ۽ سال 1982ع ۾ بدلي ڪري چيلهار هاءِ اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي هن 10 سال گذاريا. سهوليت وارو اسڪول هو، شهرين به کيس چاهيو ٿي. اُن وقت ساڻس سندس پُٽ ڪشور ڪمار ۽ نيل به گڏ رهندا هئا. سال 1993ع ۾ چيلهار هاءِ اسڪول مان بدلي ڪري، کيس بطور اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ايجيوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. جتي ٻيا به اسسٽنٽ ڪم ڪندا هئا. جتي شري منگلرام 5 مهينا ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪشن آفيسر طور ڪم ڪيو ۽ ميگهواڙ ڪميونٽيءَ جو پهريون ڊسٽرڪٽ تعليمي آفيسر جو اعزاز ماڻيو، ان وقت سياسي دٻاءَ کان تنگ ٿي سال 1995ع تي رٽائر ڪيو ويو. جڏهن ته ڏيڍ سال اڃا رٽائر ٿيڻ ۾ پيو هو. شري منگلرام پرائمري ماستري کان نوڪريءَ جو آغار ڪيو، ۽ ڊسٽرڪٽ ايجيوڪيشن آفيسر تائين سفر طئه ڪري، خوشي خوشيءَ سان رٽائرمينٽ وٺي، پنهنجو وقار قائم رکيو. شري منگلرام شادي ڊسمبر 1958ع ۾، ڳوٺ گوڙيهار جي راهو مل جوڳو جي ڌي، سگهڙ سان ڪئي، جنهن مان کيس ٻه نياڻيون آهن جيڪي پرڻايل آهن، ۽ 4 پُٽ آهن 1. ڀوپت ۽ مهتاب HST آهن. نيل پرڪاش وڪيل آهي ۽ ڪشور ڪمار NCHD ۾ ملازم آهي. چارئي پٽ شادي شده آهن ۽ خوش آهن. آخر ۾ سندس ڳوٺ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سندس اصل ڳوٺ صوڀارو هو، جتي ڪجهه گهر ميگهواڙن جا پر گهڻي آبادي سيدن جي هئي. هون ته خاص تڪليف صوڀاري ۾ ڪانه هُئي پر انهي وقت البت ڪپڙن پائڻ، زيور وغيره پائڻ جي ميگهواڙ تي سخت پابندي هوندي هئي. انهي وقت جتي ڪٿي ميگهواڙ قبيلي کي اهو رويو ۽ مصيبت برداشت ڪرڻي پوندي هُئي. انهي آزار کان نجات پائڻ لاءِ سائين منگلرام پنهنجي ذاتي ڳوٺ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪافي وقت کانپوءِ ڪاميابي ملي. ڇاڪاڻ ته سيد هلندي وارا هُئا، انهن کي ميگهواڙن جو پنهنجو ڳوٺ ٻڌي رهڻ ڪونه ٿي وڻيو، ۽ ڳوٺ ٻڌڻ نه ٿي ڏنو. آخر ڪار جنرل ايوب خان جي دؤر ۾ کيس ڳوٺ ٻڌڻ جي اجازت ملي ۽ سال 1960ع ۾ هن پنهنجو ڳوٺ ٻڌيو ۽ ڀيماسر نالو رکيو ويو، جتي هينئر رهن پيا. هن وقت 50 گهر آباد آهن ۽ هڪ ئي ذات جا آهن. شري منگلرام هڪ سچو ۽ ايماندار ۽ ارادي جو مضبوط انسان آهي. پنهنجي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ کيس عزت ۽ مانُ آهي.