شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ڀڳت صالحورام ٻالاڻي

(1930ع کان 2006–02–18) ڪا ڀونءِ ڀلاري ٿيندي آ، سنتن کي جنم ڏيندي آ، ڪا بات نياري ٿيندي آ، جا سُتلن کي جاڳائيندي آ. سنڌ جي سونهاري سر زمين پنهنجي ڪُک مان ڪيترائي عالم، اديب، سنت، ڀڳت، صوفي، راڳي منش جنم ڏنا آهن. جن پنهنجي فن ۽ فڪر سان، سڀاءُ ۽ سوچ سان هن سنسار ۾ امن، ڀائيچارو ۽ روشن خياليءَ سان پنهنجي حياتي وقف ڪئي، ۽ سنتن ڀڳتن پنهنجا ڪلام آلاپي پنهنجي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر محبت جا واهڙ واهيا. تعصب ۽ دوئيءَ کي دور ڪرڻ جا هوڪا ڏنا. اهڙوئي هن ڀلاري ڀُونءَ جو البيلو ڀڳت صالحورام ريگستاني خطي ٿرپارڪر سميت، پوري سنڌ ۾ هڪ الڳ ٿلڳ ۽ منفرد مقام رکي ٿو. هن جي گلي ۾ ايڏو سوز ۽ ميٺاج هو، جو جڏهن به ڪنهن محفل يا ڪچهريءَ ۾ ڳائڻ وينهندو هو، ته سڀني پريمين کي موهي وجهندو هو. ڀڳت صالحورام 1930ع ڌاري گڍيءَ جي گود ۾ وسندڙ مٺيءَ جي مٺڙي ۽ تاريخي شهر ۾، سرڳيه لالو (لالچند) کوکر جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس ماتا جو نالو موتان پتڙيه، جيڪا ڳوٺ کيڪنيو تعلقه مٺيءَ جي هئي. پاڻ شادي ڳوٺ ٻٽڙي، تعلقه مٺيءَ مان سڄڻ مل درڙو جي ڌيءَ هستو سان ڪئي. جنهن مان کيس ٽي نياڻيون ۽ هڪ پُٽ جو اولاد آهي، جيڪي شادي شده آهن. ڀڳت صالحورام جو خاندان راڄنيتي ۽ سماجي حوالي سان پڻ تعارف جوڳو پس منظر رکي ٿو. سندس ڏاڏو ٻالچند (ٻالو) پنهنجي ميگهه ونس ڪميونٽيءَ جو چڱو مڙس رهي چُڪو آهي. وطن دوستي ۽ سچائيءَ جي ثبوت تحت، بالي (ٻالچند) کي ٻنيون معافي طور مليل آهن، جيڪي اڃا پڻ موجود آهن ۽ سندس چاچو هيرو ٻالاڻي، جنهن کي پٽيل جو لقب مليل هو، پراڻي دؤر ۾ پٽيل هڪ وڏي حيثيت رکندڙ، ڳوٺ جا رکوالا سمجهيا ويندا هُئا. ڀڳت صالحورام فقط هندي پڙهيل هو ۽ سندس ڌنڌو بوٽن ٺاهڻ جو هو، جنهن جو هو وڏو ڪاريگر هو. ڀڳت صالحورام شروع کان ئي صوفياڻي طبيعت جو مالڪ هو ۽ هن جو آهستي آهستي ڀڳتيءَ طرف لاڙو وڌيو. مائي ڀاڳي ۽ مراد فقير جي صحبت ۾ رهڻ ڪري هن کي ڳائڻ جو شوق ٿيو، ۽ مراد فقير کان ڳائڻ سکيو، ۽ هُن مراد فقير کي اُستاد طور قبول ڪيو ۽ ڀڳتيءَ جي ڌرمي روايتن تحت سنڌ جو مهان سنت پاتارام کان ستگروءَ جو وردان ورتو. پاتارام ڳوٺ رامهون جو رهواسي هو ۽ هڪ پهتل شخصيت هُئا، جنهن جي اڄ به سال به سال راموهور ۾ ورسي ملهائي وڃي ٿي. ڀڳت صالحورام ڪيترن ئي شاعرن کي ڳايو آهي، جن ۾ خاص ڪري ڪبير ڀڳت، گورک ناٿ، تُلسيداس، ميران ٻائي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، بُلي شاهه، روحل فقير ۽ مصري شاهه وغيره شامل آهن. ڀڳت صالحورام سنڌ جي ڪيترن ئي اوليائن، درگاهن ۽ پيرن فقيرن جي آستانن تي ڳايو آهي، جن ۾ خاص ڪري شاهه عبداللطيف، قلندر، سمن سرڪار، سانوڻ فقير، ڀڳت نيڻورام آکاڙو، پير پٿوري جي ميلي ۾ سدائين سُرتال جون تندون سوري محفل کي چار چنڊ لڳائيندا هئا، ۽ هر سال پير پٿوري صاحب جي حاضري ڀري ڀڄن ڳائي ڀيٽا جا ڦُل پروان ڪندا هُئا. ان کانسواءِ ڪرشن ڳڙهه انڊيا ۾ پڻ ڪيترن ئي آستانن تي پنهنجي ڀڳتي، صوفي پنٿ ۽ ڪلا جا جوهر ڏيکاريا. ڀڳت جا ڪيترائي چيلا آهن، جيڪي پوري سنڌ ۾ امن ۽ آشتيءَ جو پيغام ڦهلائي رهيا آهن. سندس گائڪيءَ ۾ ڪافي شاگرد آهن، جن ۾ خاص طور هڪ سندس پُٽ بصر مل، مراد فقير اسلام ڪوٽ، سرڳواسي ڀڳت پنهون مل گانگاڻ وارو، ڀڳت سترام ڪنري وارو آهن. ڀڳت صاحب سنڌي، اردو، سنسڪرت، هندي، ڍاٽڪي ۽ مارواڙي ٻولين تي مهارت رکندو هو. پاڻ 15 کن راڳن جي پوري طرح ڄاڻ رکندو هو. جنهن ۾ ڀيروي، ڪوهياري، پهاڙي ۽ سورٺ، جيڪي کيس تمام گهڻو پسند هئا. سندس پسنديده فنڪار استاد محمد جمن، عابده پروين هئا پر استاد مراد کي وڌيڪ مڃتا ڏيندو هو، جو هو هڪ گويو هو، پهرين جوڙ جو. سندس پسنديده ڪتاب گيتا، يوڳ وشيش، رامائڻ، مهاڀارت ۽ شاهه جو رسالو وغيره هئا. ڀڳت صالحورام جون ٻه ڀجننن جون ڪيسٽون رڪارڊ ڪرايل آهن، جيڪي مارڪيٽ ۾ موجود آهن ۽ انهن کي تمام گهڻي مهانتا ملي آهي. ڀڳت صالحورام ريڊيو پاڪستان تي به ڳايو، سندس 35 کن ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن. ان کانسواءِ هڪ پروگرام ٽي. وي تي به ڪيو هو. ريڊيو پاڪستان تي سندس ڳايل ڪلام (اُٿي چرخو چور ستي مون سور پرايا) جيڪو ڪافي مشهور ٿيو ۽ ڪيترائي دفعا ريڊيو پاڪستان تان نشر ڪيو ويو آهي. صالحورام ڀڳت ۽ گائڪ هئڻ سان گڏوگڏ هڪ وڏو ڪوي ۽ شاعر به هئا. هن جا رچيل ڪيترائي ڀڄن ۽ ڪلام پڻ آهن تن ۾ خاص هي آهن: ”مِٽي تي آهين مستان، اکڙيون کول انڌا انسان“، ”اچو ته پيارا خوشيون ملهايون“، ”هاڻي وڃان ٿو اوهان کان وڇڙي“، ”نه ڪر تون ناداني“، ”اچي سِر تون نِمائي“. ڀڳت صالحورام جا ڳايل مشهور ڀڄن: ”جسيو توڙل قصو، ٻال ليلا قصو، هرچند پراڻ قصو“، ”ميگهه رِک جُگا جُگ آگي واڻ قصو“، راجا ڀرتري، قصو، ڀڄن ڌن ڌن ڀاڳ اڱڻ گرو آيا، اوگڻ ٻهوت ڪيا ڪبير ڀڳت، لاڳا سڌ ڪا ٻاڻ ڪبير ڀڳت، ڪامڻ ڪارا ڪانجي ميران ٻائي، راجو ڪين ڪري ميران ٻائي، شام پيا موري رنگ دي چنريا. ڀڳت صالحورام کي نه صرف ڳائڻ جو فن حاصل هو، پر واقعي ڀڳت هو ۽ ڀڳوان جي رنگ ۾ رنگجي چُڪو هو. هن وٽ سناتن ڌرم جي تمام گهڻي ڄاڻ هُئي. هن ڀڳوان جي ڀڳتيءَ کي تمام ويجهو ڏٺو ۽ پرکيو. هو امن ۽ ڀائيچاري، محبت ۽ خلوص جو پيغام پهچائيندڙ ڀڳت ۽ هڪ الله تي يقين رکندڙ پنهنجي سموري حياتي راڳ کي ارپي ڇڏي. هن پوري عمر سُرتال کي ساهه کان وڌي سانڍيو. هو هڪ آدرش ۽ مهان پرش، ميگهه ونس جو وڏو اثاثو هو، پر افسوس جو اسان جي معاشري ۾ جيئري جاڳندي مثال جو ڪوئي قدر نه آهي. آخر ۾ ڀڳت هڪ عجيب بيماري ڌُٻڻيءَ ۾ هڪ سال مبتلا رهيو، ۽ پنهنجا آخري حياتيءَ جا ڏينهن تڪليف ۾ گذاريا، پر معاشري ۾ هن مهان سنت جي ڪنهن به سار نه لڌي. جنهن هميشه خوشيون ۽ مسڪراهٽون ورهايون، پر هن موذي مرض سان لڙندي نيٺ 18 فيبروري 2006ع تي، رات جو پوئين پهر پنهنجي زندگيءَ جو آخري دم ڌڻي حوالي ڪيو، ۽ پويان وڏو خاندان سوڳوار ڇڏيو. پويان سندس پُٽ ڀڳت بصر مل به هڪ سٺو گويو آهي. راڳ ۾ ميٺاس آهي ۽ ماڻهن کي موهي وجهي ٿو، ۽ سندس هر سال ورسي ملهائي ويندي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي سنت، ڀڳت اچي کيس شرڌانجلي جا ڦول چڙهائيندا آهن. پلي ڪُڇه نهين بانڌتي، پنڇي اور درويش، جس ني تڪـيا رب دا، تس ڪو رزق هـميش.