شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

رائچند راٺوڙ

(1912-12-08 کان 1968-05-31) لــڏي ويـــا ڇــڏي، ڪــري هــيـڪلائي هـــاڻ، سڄو ڀانــيان سپريــنءَ، مــلـڪ هــيءُ مـسـاڻ، جانب جُوءَ ڇڏي ويا، آئون ڪنهن جي ڪڍان ڪاڻ؟ گهوري وڃان گلـو چئي، انهن پــڊن مٿان پاڻ، جن جي سدا سُرهاڻ، اڄ ڪونهي ڪڙوا تن جو. ٿر جي خوشبودار مٽي، ڪيترائي هيرا موتي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏنا آهن. علم ۽ ادب جي حوالي سان هيءُ زرخيز ۽ وسيع خطو رهيو آهي. محمد عثمان ڏيپلائي، جنهن 150 ڪتاب لکيا، عبدالقادر جوڻيجو، ماٺيڻو اوٺو، غلام محمد جنجهي، ولي رام ولڀ، سائينداد ساند، امر ساهڙ سميت ٿر جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ شخصيتن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ اوسر لاءِ لاڀائتو ڪم ڪيو آهي. اهڙو ئي هڪ انمول هيرو شري رائچند راٺوڙ صاحب هو، جنهن تاريخ کي پنهنجي تحقيق جو موضوع بڻائي، ان تي ڪم ڪيو. جنهن جي علم ۽ ادب جي ڪري سنڌ کي هميشه مٿس فخر رهندو. شري رائچند راٺوڙ صاحب جن تاريخ 1912-12-08 تي، شري چتون مل ميگهواڙ، ذات ٻڙهيو، ڳوٺ چيلهار، تعلقي ڇاڇرو جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو شريمتي هانسو ٻائي هو. پاڻ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول چيلهار مان حاصل ڪئي، ۽ فائينل جو امتحان پاس ڪرڻ سان کيس پرائمري ماستريءَ جي نوڪري ملي ۽ سال 1928ع ۾ ملي ۽ مين پرائمري اسڪول چيلهار ۾ ماستر مقرر ٿيو. هن 1947ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ هُن ٻه سال ٽريننگ حاصل ڪئي. پاڻ ڪجهه وقت اڳ ۾ خيال ڪيائون ته ٿر بابت جون حقيقتون هٿ ڪريان، ۽ انهيءَ ڏِس ۾، ڪوشش ڪرڻ شروع ڪيائين. ٿر ۾ اُن وقت اخبار يا لائبريري نه هئڻ ڪري، علم دوستيءَ جي ڳالهه ڪرڻ، معنيٰ رڳو ٽوڪون پلئه پونديون هيون. چوندا هئا ته تنهنجو مغز خراب ٿيو آهي، ٻيا عالم اديب مُلڪ مان مري ويا آهن، جو تون هليو آهين تاريخ لکڻ! ڪڏهن ڪڏهن دل مايوس ٿي ويندي هئس، پر دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته ضرور تاريخ لکبي، ۽ 10-12 سالن ۾ هتان هُتان ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا هٿ ڪري مطالعو ڪيائين ۽ مليل مواد گڏ ڪندو رهيو. ڪٿي ڪِن سگهڙن ته ڪٿي سرجُهور پير مردن کان احوال پڇي لکندو رهيو. پر نيٺ مايوس ٿي پيو. سال 1947ع ۾ جناب محمد اسماعيل عرساڻي صاحب مٺيءَ ۾ فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي آيو. سائينءَ سان ڳالهه ڪيائين ۽ ڪچو ڦڪو لکيل مواد ڏيکاريائين، صاحب مواد ڏسي خوش ٿيو ۽ ڪتاب لکي پوري ڪرڻ لاءِ همٿايو، ۽ پڻ مدد ڪرڻ جو انجام به ڪيو. 1950ع ۾ جناب مير محمد بخش خان ٽالپر صاحب سان ميرپورخاص ۾ ملاقات ٿي، لکيل مواد کيس ڏيکاريو، ڏسي خوش ٿيو ۽ پسند ڪيائين، ۽ ٻيا ڪجهه ناياب ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنائين، ۽ پڻ همٿايائون، جنهن ڪري مليل ڪتابن جي مطالعي بعد سڄو مواد نئين سر سڌاريائين. استاد رائچند راٺوڙ صاحب سنڌ جو اهو محنتي محقق ۽ تاريخ دان هو، جنهن ٿر جي تاريخ کي سهيڙي، ”تاريخ ريگستان“ جھڙو انمول ڪتاب اسان کي ڏنو. جيڪو سنڌ ۾ تحقيقي ادب جي حوالي سان هڪ وڏو شاهڪار ڪتاب آهي. شري رائچند راٺوڙ جي جنم وقت چيلهار، جيڪو چيلي چارڻ جي نالي سان نالو پيو، هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. سندس پتا چتون مل هڪ مشهور پيري هو، هو پير کڻي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪندو هو. هن پنهنجي پيري پيءُ جي ڪم مان اتساهه وٺي، ٿر سڄي جا پيرا کڻي، سڄي ٿر جي سڃاڻپ پوري دنيا ۾ ڪرائي. تتل واريءَ جھڙي علائقي ۾ ڪشالا ڪڍي، پيرن پيادل ۽ اُٺن تي سفر ڪري، ٿر جي تاريخ جي حوالي سان صحيح معلومات گڏ ڪئي، ۽ ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم ڪيو. ٿر جي تاريخ سهيڙڻ لاءِ هن ٿر جي مقامي استادن جي پڻ مدد ورتي. ٿر ۾ سفري سهوليتن جي اڻهوند جي باوجود، هن ٿر جي مختلف ۽ مفيد معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، ۽ ٿر جي ڏوراهن ڳوٺن تائين ويندو هو ــ ۽ اُتي هو ڳوٺ جي چڱن مڙسن ۽ مقامي استادن جي مدد سان، ٿر جي علم، ادب فن، تاريخ، لوڪ موسيقي، رهڻي ڪرڻي، ثقافت، ريتن رسمن، رهندڙ قبيلن، وڻن، ڀٽن، گاهه، پراڻن قصن ۽ جاگرافي ۽ سماجي حالتن مطابق مواد گڏ ڪندو رهيو. استاد رائچند پنهنجي نوڪريءَ واري عرصي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهيو. خاص ڪري مٺي، ٽنڊوجان محمد، آهوري، ڀوريلو، رائلو، جوڳي مڙهي ۽ ٻين ڪيترن ڳوٺن ۾ هُن استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. سال 1946ع ۾ استاد رائچند راٺوڙ، مٺيءَ ۾ پڻ بدلي ٿي آيو ۽ مٺيءَ کانپوءِ جڏهن چيلهار بدلي ٿي آيو، تنهن وقت هن هڪ ننڍي لئبرري پڻ قائم ڪئي. مهراج ٻالچند ۽ گڻيس داس جي ننڍڙي دڪان ۾ قائم اُنهي لائبريريءَ ۾، ان وقت جا دوست محمد سومار بجير، سائين ڀانومل، ٻالچند مهراج، گڻيس داس ۽ ٻيا علم دوست تاريخ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هُئا. علائقائي تاريخ جي حوالي سان ”تاريخ ريگستان“ هڪ منفرد مقام رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ رائچند آسان ٻولي ۽ ٿر جي موضوعن تي تفصيلي روشني وڌي آهي. ٿر جھڙي علائقي ۾ جتي سهوليتن جي اڻهوند هجي، اُتي هڪ ماستر (استاد) ماڻهو ٿر متعلق معلومات قلمبند ڪري، ته منهنجي خيال ۾ اهو هڪ وڏو قلمي پورهيو آهي. استاد رائچند راٺوڙ جي تحقيقي ڪم مان، اسان پنهنجي شاهوڪار لوڪ ادب ۽ تاريخي قصن جون پاڙون کوٽي هٿ ڪري سگهون ٿا. رائچند راٺوڙ پنهنجي ڪتاب ۾ ٿر جي ثقافت، ٻولي، ادب، فن رهڻي ڪرڻي، جاگرافي ۽ سماجيات تي جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهڙو ٿر جي تاريخ تي ٻئي ڪنهن اديب يا محقق ناهي لکيو. رائچند راٺوڙ پنهنجي ڏات ۾ هڪ مڪمل ادارو هو، جنهن جو تحقيقي ڪم تاريخ ۾ پنهنجي اهم حيثيت رکي ٿو. اهڙي شاهه ڪار ڪتاب لکڻ تي رائچند راٺوڙ کي انهي وقت پي. ايڇ. ڊي. ڊگري ملڻ گهرجي ها. سندس ذاتي زندگيءَ جو ذڪر ڪندس ته سائين رائچند راٺوڙ صاحب ٻه شاديون ڪيون هيون، پهرين شادي شريمتي لڇمي ٻائي، ڌي امرو مل، ذات ڪتيرو، ويٺل ڳوٺ نهٽو سان ڪئي، جنهن مان کيس اولاد ٻه نياڻيون هڪ ساوتري ٻائي ۽ ٻي چندران ٻائي ۽ 4 پٽ 1. جوهر لال، جو مختيارڪار هو (فوتي) 2. پرتابراءِ آڊٽ آفيسر (فوتي) 3 پرڀو لال ”ناشاد“، بعد ۾ شيخ نفيس ”ناشاد“ سڏجي ٿو (زنده)، جو سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ۽ 4 ساجن داس (فوتي) ــ سندس پهرين گهر واريءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، وري ٻئي شادي شريمتي چاندي ٻائي، ڳوٺ حيات هاليپوٽو، تعلقه ڇاڇرو سان ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، پر ننڍي عمر ۾ ٻه سالن جو ٿي فوت ٿي ويو. ٿر جي تاريخن بابت ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، ته سال 1804ع ۾ ڪپتان اسٽينلي نيپئر ريڪس ڪڇ ڀڄ ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو، جنهن سڀ کان پهرين انهي وقت جي حالتن مطابق تاريخ Memoir on Thurr and Parkar Districts at Sindh لکي، جا 1859ع ۾ بمبئي سرڪار طرفان شايع ٿي. پوءِ سال 1924ع ۾ مسٽر ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ٿر بابت هڪ ننڍو ڪتاب، ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“ لکي ڇپائي پڌرو ڪيو. سال 1934ع ۾ مسٽر تيج سنگهه سولنڪي تپيدار هڪ ڪتاب ”امرڪوٽ جو اتهاس“ لکيو ۽ پوءِ منگهارام اوجها به ”پراڻو پارڪر“ لکيو. انهن سڀني ليکڪن ٿر جي مختلف هنڌن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ڪتابن کي پڙهي هن سنڌ ملوڪ ڌرتيءَ بابت ڪانه ڪا پروڙ حاصل ڪري سگهجي ٿي. پر سڀ کان وڏو ڪم استاد رائچند راٺوڙ صاحب جو آهي. جنهن تاريخ ريگستان ٻن حصن ۾ لکي، نالي جي مصران چئي ڇڏي آهي. اهڙو تفصيلي احوال اڄ تائين وري نه لکيو ويو آهي. ٿر جي سمورن تاريخ نويسن جي عمارت جو بنياد به انهي هڪڙي تاريخ دان جي لکيل تاريخ تي بيٺل آهي. هيءُ ڪتاب ٿر جو مڪمل انسائيـڪـلوپـيڊيا آهـي. ميـگـهواڙ جاتيءَ جي هـن مـهـان آدرشـي انسان، تاريخ لکي ميگهواڙ جاتيءَ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. سائين رائچند راٺوڙ صاحب ڪيترائي ڊراما ۽ مضمون به لکيا هئا، جيڪي ٽماهي مهراڻ رسالي ۾ ڇپيا هئا. ان کانسواءِ ڪتاب پير پٿورو به شايع ٿيل آهي. آخر ۾ کيس ٽي. بي. جھڙو موذي مرض ٿي پيو، ۽ ڪافي علاج باوجود حالت سڌري نه سگهي، ۽ نيٺ تاريخ 31 مئي 1968ع جو وڃي پنهنجي سچي مالڪ سان مليو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ چيلهار ۾ آهي. سنڌ جي هن عظيم تاريخ دان جي قلمي پورهئي جو قدر ڪندي، سنڌ حڪومت، چيلهار جو مين پرائمري اسڪول، رائچند راٺوڙ جي نالي منسوب ڪيو آهي. رائچند راٺوڙ جو قلمي پورهيو اسان وٽ امانت آهي. انهيءَ جي قلمي پورهئي کي مڃتا ڏيڻ لاءِ صحيح طريقو هيءُ آهي، ته انهيءَ جي اڻ ڇپيل مواد کي ڇپائي، ڪتابي صورت ۾ آڻي پڌرو ڪيو وڃي.