شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

استاد ڪرشن لعل

(1936ع کان 2001-9-6ع تائين) ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو، وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئرن جو. پارڪر جي سرزمين جي پنهنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ، ۽ نرالي تاريخي حيثيت رهي آهي. جنهن اهڙن ته انمول موتين کي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏنو، جن نه صرف ٿر ۽ سنڌ لاءِ پنهنجو ساهه ڏيئي ويساهه ڏنو، پر پوري دنيا ۾ پارڪر جي پويتر ڀوميءَ جو ڳاٽ اونچو ڪيو. جن ۾ مارئيءَ کان روپلي ڪولهي تائين ۽ مسڪين جھان خان کوسي کان وٺي ننگر جي مکي نهالچند ۽ وجئه ڪور ٻائي تائين هڪ ڊگهي لسٽ شامل آهي. اهڙي ئي هڪ ڪامل انسان جو جنم ڪارونجهر جي گود ۾، سال 1936ع ۾ شري ڏجارام ذات لڳھڙا جي گهر ٿيو. پاڻ ٻه ڀاءُ هڪ ڪرشن لعل ۽ ٻيو روپسي ۽ هڪ ڀيڻ ڀانو ٻائي آهي. سندس ماتا جو نالو ٻاجهو ذات گجر، ڳوٺ ٻورلو تعلقه ننگرپارڪر جي هئي. سندس والد گجراتي، هندي ۽ سنڌي پڙهيل هو، ۽ وڻڪر ۽ رازڪو ڪم ڪندو هو. سندس پتا ننڍپڻ ۾ فوت ٿي ويو، تنهن ڪري گهر جو سڄو بار سندس ماتا جي سِر تي آيو. جنهن محنت ۽ مزدوري ڪري پنهنجي پُٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، ۽ هن پرائمري تعليم ننگر پارڪر مان حاصل ڪئي. پوءِ انگريزيءَ لاءِ مٺي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، جو ننگرپارڪر مان 150 ڪلوميٽر پنڌ ڪري، تڪليف سان تعليم ورتي ۽ پوءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي مان ميٽرڪ سال 1956ع مان پاس ڪئي، ۽ سندس ڊرائينگ جي سند تي لوڪل بورڊ گورنمينٽ طرفان جونيئر اسڪول ٽيچر جو آرڊر مليو، ۽ ڀٽ ڀائٽي تعلقه کپرو ۾ رهيو. سال 1962ع ۾ لوڪل بورڊ وارن سندس نوڪري ختم ڪئي، ته هڪدم جي. ايس. ٽي. جو آرڊر مليو ۽ هاءِ اسڪول نئون ڪوٽ، جتان پوءِ ٽنڊو جان محمد ۽ هٿونگو بدلي ٿيو. کيس سندس ڀاءُ روپي جو سهارو هو، اهو به سال 1965ع ۾ موڪلائي ويو، جنهن جو کيس تمام گهڻو صدمو رسيو، جو برداشت ڪرڻ کان ٻاهر هو. ڪرشن لعل پهرين شادي ڳوٺ کارسر تعلقه ننگر پارڪر مان، هرجي مل جي نياڻي تاجو ٻائيءَ سان ڪئي جا ذات جي ڪڏيچي هئي، ۽ ڊليوريءَ دوران فوت ٿي ويئي. وري ٻي شادي ڳوٺ سوراچند مان، پريما رام واڍا نجار جي سُپتري ڌنو ٻائيءَ سان ٿي، جا هڪ پتي ورتا استري ثابت ٿي ۽ وڏي ڀاڳوان هئي جنهن کيس هڪ ڌي ۽ 8 پُٽن جو اولاد ڏنو. 1. رميش HST 2. پرڪاش HST 3. اشوڪ ASI 4. واشديو انٽرپاس ذاتي ڪاروبار 5. منسک BA ذاتي ڪاروبار 6. سريش پوليس SRP حيدرآباد 7. ڪيلاش آرمي EME ڪور ڪراچي، ۽ 8 جئه رام پوليس SPA ڪراچي حال سندس نياڻي لڇمي ٻائي جيڪا سُکپور ۾ پرڻايل آهي جو خوش گهراڻي ۾ آهي. سندس ڌرم پتنيءَ جي شيوا ۾ مهمان نواز پتي ورتا ناري زندگيءَ جي سفر ۾ شامل ٿي. سائينءَ کي سنڌي، انگريزي، فارسي، گجراتي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين تي عبور حاصل هو. اسڪول ۾ سبجيڪٽ ۾ حساب، الجبرا ۽ تاريخ ۾ قابل استاد ليکيا ويندا هئا. 1986ع کان 1993ع تائين هُن سنڌ جي اٽڪل 22 مڊل ۽ هاءِ اسڪولن ۾ نوڪري ڪئي. جنهن ۾ ڀٽ ڀائيٽي، ننگرپارڪر، ٺٽو، ڪنري، ڏانو ڌانڌل، ٽنڊو جان محمد، رسول آباد، جهڏو، ڪانٽيو، ديهه 170، نئوڪوٽ، کپرو وغيره شامل آهن. هُن جتي به نوڪري ڪئي، اتي سچائي ۽ ايمانداري ۽ نوڙت جا اهڙا نقش ڇڏي آيو، جو صدين تائين اتي جي ماڻهن جي دلين تي اُهي نقش، پڪي رنگ سان چٽيل رهندا. اَمُلهه انسانن جي ڪردار جي مهڪ صدين تائين محسوس ٿيندي آهي. ڪرشن لال پنهنجي جيوَن کي علم جي جوت جلائڻ ۽ جھالت جي ٻاٽ کي شڪست ڏيڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙي اعليٰ معيار وارا استاد جن قومن جي ڪرمن ۾ نصيب ٿيا، اُنهن قوم جي هيرن کي پنهنجي صلاحيتن ذريعي جهومر سان جهومرائي ڇڏيو. تاريخ جي دڳن تي اُهي ديپ دُکائي ڇڏيا، جنهن کي جهالت جو جهونڪو ڪڏهن به اجهائي نه ٿو سگهي. سائين هڪ بهادر انسان هو. ڪڏهن به ڪنهن اڳيان جُهڪيو نه، ۽ ڪڏهن به اصولن تي سودو نه ڪيو. سدائين مصيبتن کي مُرڪي سويڪار ڪندو هو. سائين هڪ داني پرش هو، جو غريب شاگردن کي ڪپڙا، ڪتاب، پينون ۽ فيون پنهنجي گهران ڏيندو هو، جو ڪنهن کي خبر نه هئي ۽ هُن غريب شاگردن کي يونيورسٽين تائين مالي ساهتا ڪئي. تمام مهمان نواز هوندو هو. سائين ڪرشن لال هڪ درويش صفت انسان هو. جنهن سڄي حياتي ايڪتا، اهنسا، سچ ۽ حق جو وکر وهايو. ظاهر آهي ته اهڙا انسان ٻين ڪاڻ جئيندا آهن. پارڪر جي خطي اهڙا مڻيادار ماڻهو پئدا ڪيا، جن عمل، علم، قلم، سورهيائپ ۽ سچائيءَ جي ميدان ۾ ڀير تي ڏونڪو هنيو. پر درٻاري تاريخ نويسن، درٻارن کي سُورما ڪري پيش ڪيو آهي. پارڪر جي صدين جي تاريخ کي لڪايو آهي. روپلي ڪولهي جي سورهيائپ تي دنيا جا مظلوم ناز ڪن ٿا. پر مقامي تاريخ نويسن پنهنجي اڇوتپڻي جو مظاهرو ڪندي روپلي کي اها مڃتا نه ڏني جيڪا هو لهي. سائين ڪرشن لعل پنهنجي جيون چرتيه ڪتاب ۾ پارڪر جي پٿريلي مٽيءَ مان، انهن عظيم ڪردارن کي کوٽي ڪڍي تاريخ کي جيڪي هي ورق ڏنا آهن، ان کي پارڪر جي اصل تاريخ چيو وڃي ٿو. سرڳيه ڪرشن لال هڪ ملنسار، ماٺيڻو ۽ مريادا وارو ماڻهو هو. جنهن هميشه اهڙو وکر وهايو جو پئي پراڻو نه ٿيو. هن جنهن ڪڙم ۾ اک پٽي، اهو ڪڙم انساني اڻ برابريءَ جي اڏيءَ تي لڇندو رهيو. اهڙي ماجرا کان نفرت جي سُتي هن جي ماءُ جي پيٽ ۾ ئي ملي چُڪي هئي. پر هن جنم وٺي جڏهن هوش سنڀاليو ته آس پاس جي ماحول کيس گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيو. ان ڪري هن جبل جهاڳڻ کي بهتر سمجهيو پر سندس ماتا جي اندر جي آس هن کي علم واري راهه جو راهي بنايو. هن جيڪو ڪجهه پڙهيو سکيو، ان کي ٻين تائين پهچايو. پيغمبري پيشي ۾ هن پنهنجي نانءُ نمايان رکيو. هر شخص کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهڻ، سٺي تعليم ڏيڻ جون هدايتون ڪندڙ هيءُ شخص سچ ته تعليم ۽ اخلاق جو ادارو لڳندو هو. اهوئي سبب هو جو ننگرپارڪر شهر توڙي ٻهراڙيءَ جي رهواسين جي دلين ۾ سائين ڪرشن لال جي سون سريکي ساروڻين جا اڄ به سُر ڇڙن ٿا، ۽ سندس شخصيت لاءِ عزت ۽ احترام موجود آهي، ۽ جنهن جو سلو سندس اولاد کي نصيب ٿي رهيو آهي. هن صاحب تعليم جي پرچار ڪري سوين ذهن سنواريا، غريب شاگردن کي ودياوان ڏنو، اگهور ننڊ مان سڄاڳ ڪيو. سائين هميشه چوندو هو توهان ۾ جيتري گهڻي روشني هوندي، اوترا پروانا گهڻا مڙندا. ڪرشن لال پريم سان پڙهائڻ لکائڻ، غريبن کي ڀنڊارو کارائڻ، اعليٰ سوچ رکندڙ، پنهنجن پراون کي هڪ ڪري سمجهڻ، ۽ سناتن ڌرم جي ڄاڻ رکڻ وارو هيءُ ڪارونجهر جو مهان پُرش ٿي گذريو آهي. اهڙي خدمت ڪندڙ هن وقت ڪو ورلي ملندو، جنهن پنهنجو اوتار سڦل ڪيو. جيئن مُشڪ ۽ کٿوري ويڙهي رکي ٿي سگهجي، ائين ڪنهن اهلِ علم ماڻهوءَ جي مهانتا به ڪنهن کان ڳجهي نه ٿي رهي. ننگر پارڪر ۾ اڳ ۾ امتحان جو سينٽر نه هو، جو هُن سال 1995ع ۾ سينٽر مقرر ڪرايو، جو اڳ ۾ اسلام ڪوٽ هو. پاڻ ڪچهريءَ ۾ هميشه ڪامريڊ لينن کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي تائين، روپلي ڪولهي جي دليري ۽ ڄام ساقيءَ جي سختين سهڻ جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. سائين جي تعليم جي روشني ۾ ڪيترا آفيسر ٿيا. خاص ڪري ڊاڪٽر شنڪر لال ڪاسبو، ڊاڪٽر چيتن ڪولهي ڪوئاڙا، ڊاڪٽر اورنگزيب ساند، ڊاڪٽر علي مردان کوسو سائين جا شاگرد هُئا. سائينءَ جي ڀٽ ڀائٽي اسڪول ۾ رهڻ وقت، ڪيترائي ٿر جا شاگرد اُتي وڃي پڙهندا هئا. اهو اسڪول حاجي محمد عثمان مري، هڪ فرشته نما انسان، اسڪول ۾ پڙهندڙ سڀني شاگردن جو خرچ، کاڌو پيتو، فيس وغيره پاڻ ڪندو هو. انهي سڄي ڪم لاءِ سائين ڪرشن لعل مقرر ڪيل هو، جنهن پنهنجي ايمانداري ۽ فراخدليءَ سان ٿري شاگردن جي مدد ڪئي، ۽ اُهي اڄ وڏين وڏين نوڪرين تي آهن. سائين به حاجي محمد عثمان مريءَ جي صحبت ۾ گهڻو ڪجهه پرايو، جنهن جو مثال سندس ڪردار آهي. پارڪر ۾ ميگهواڙ جي تنظيم جو اڳواڻ ۽ پايو وجهندڙ سائين ڪرشن لعل هو. سندس دوست، مرحوم سڳاڙچند سيجو، مرحوم استاد ڀيم سين، مئنيجر خوشحال داس، ٽيڪم داس ڪولهي، حاجي محمد عثمان مري کاهي وارو، مسڪين جھان خان کوسو، سيٺ خوشيرام، خوشحالداس، دلپراءِ، امرسنگهه قابل ذڪر آهن. سندس نالي، ”ڪارونجهر جو ڪرشن“ نالي ڪتاب به ڇپيل آهي. سائين تعليمي ماهر سان گڏوگڏ هندو ڌرم جي ڄاڻ رکندو هو. هندو ڌرم ۾ پورو پورو وشواس هو. گيتا جي، رامائڻ، ويد ۽ شاسترن جو ڄاڻو هو مذهبي ڄاڻ وسيع هئي. روزانه پرهه جو سنان ڪري گيتا پاٺ ڪندا هئا ۽ پابنديءَ سان پوڄا پاٽ ڪندا هئا. ڌرماتما ۽ غريبن جا هڏ ڏوکي هئا. سچ ۽ نيڪ نيتيءَ سان هلڻ لاءِ ڇوڪرن کي تلقين ڪندا هئا، گڏوگڏ سندن سماجي حيثيت به هئي. هندو توڙي مسلمانن ۾ عزت هئي. پاڻ ملنسار، خوش طبع، مددگار ۽ سماج سڌارڪ هئا. ميگهواڙن ۽ ريتن رسمن جي ڪافي ڄاڻ هئي. مطلب ته هڪ چندن جي وڻ مثل هئا جنهن جي خوشبوءِ پوري پارڪر ۾ ڇانئيل رهندي هئي. دنيا هڪ مسافر خانو آهي. جيڪي آيا آهن سي ضرور واپس ويندا، سائين ڪرشن لال به پنهنجي زندگيءَ جو سفر پورو ڪري، تاريخ 2001-09-06 تي پنهنجو سٿول سرير ڇڏي، سندس طائر (چيتن شڪتي) پروازڪري سرڳ پوري ۾ هليا ويا. سندس نالو امر رهجي ويو، جو صدين تائين قائم رهندو. پارڪر جي ميگهواڙ برادري ۾ وري صدين کان پوءِ ڪرشن لعل جھڙا محب پُرش پئدا ٿيندا. مڃتا طور اڳوڻي صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق پاران، ننگرپارڪر جي دوري دوران، ننگرپارڪر شهر جي مين بوائز پرائمري اسڪول جو نالو، نامياري استاد ۽ ماهر تعليم ڪرشن لعل ڊي. جيسواڻيءَ جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن جو نوٽيفڪيشن 1969ع ۾ گورنمينٽ آف سنڌ ايجيوڪيشن ائنڊ لٽريسي ڪراچيءَ پاران جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ سان، ننگر پارڪر جي سڄاڻ ڌرين پاران خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي.