شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ڀڳت صالحورام راڄو خاناڻي

(1895 کان 2005) ڪي اوڏيائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين، ڪي سنڀرجن نه ڪڏهين، ڪي نه وسرن مور، جيئن مينهن ڪُنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين. ڀڳت، راڳي صالحورام ڳوٺ ڊاڀي تعلقه ماتليءَ ۾ سال 1895ع ۾ کٽو مل ٻاروپار جي گهر اک کولي. پاڻ شادي شهر راڄو خاناڻيءَ مان تارو مل درڙي جي ڌي جيوان سان ڪئي. جنهن مان کيس 4 نياڻيون ۽ 2 پٽ وڏو مرچو مل، جو درزڪو ڪم ڪندو آهي ۽ ٻيو هيمنداس ڀڳت، جيڪو رازڪو ڪم ڪندو آهي ۽ گائڪ به آهي. ڀڳت صاحب طبيعت جو تمام ماٺيڻو، نرم دل ۽ طبعيت ۾ ٻاراڻي هوندي هئي. ڪڏهن به ڪنهن سان ٻاڙو ڪونه ٻوليو ۽ نه ڪوڙ ڳالهايو. ڀڳت صاحب جو ڌنڌو بوٽ ٺاهڻ ۽ گهوڙن جي تل ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو. پاڻ اڻ پڙهيل هو. پاڻ ٽن سالن جو هو ته سندس پتا گذاري ويو ۽ ٻارهن سالن جي عمر ۾ سندس ماتا به موڪلائي ويئي. سندس وڏو ڀاءُ رتن، جيڪو آواره قسم جو ماڻهو هو، جنهن پوءِ پنهنجو ڌرم مٽائي ڀڳت صالحورام کي بلڪل اڪيلو ڪري ويو. اڪيلائي کيس جهوري ۽ ڀوري وڌو هو، تنهن ڪري پنهنجي گهر کي تالو ڏيئي، ڳوٺ دٻاڙو تعلقه تلهار، سندس سئوٽ سکو مل وٽ رهڻ لڳو. سکو مل هڪ مشهور گائڪه هو ۽ جتي هن راڳ سکيو ۽ رياض ڪيو ۽ راڳ جي پوري سکيا ورتي، پوءِ وري سندس سئوٽ ڀاءُ مالو ٻاروپار جو انهي وقت جو مشهور ڳائـڻو ۽ راڳ جو شهنشاهه هو، تنهن کانپوءِ پاڻ مرادو ڳائڻ جي شروعات ڪئي. پاڻ يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائيندو هو. سندس راڳ ۽ آواز ۾ ايتري مٺاس ۽ رسنا هئي، جو ٻڌڻ وارن کي موهي وجهندو هو. هو مختلف ميلن، ملاکڙن ۾ ڳائيندو رهيو. ساڻس ناٿو شيدي، جيڪو گولاڙچي لڳ تلهار جو رهواسي هو، اهو ڍولڪ وڄائيندو هو ۽ هارمونيم تي يوسف نظاماڻي، جيڪو ٻڍڙي وارو لڳ تلهار جو رهندڙ هو. جيئن ته پاڻ شادي راڄو خاناڻيءَ مان ڪئي هئائين، تنهن ڪري پنهنجو اصل ڳوٺ ڇڏي ڊاڀي تعلقه ماتلي، ڇڏي هميشه لاءِ راڄو خاناڻيءَ ۾ رهڻ لڳو، ۽ پنهنجي سڄي حياتي راڳ کي ارپي ڇڏي. انهيءَ کانپوءِ ستسنگ ۽ ڀڄن سکيو انهيءَ ۾ استاد ٻاوو رڪمڻ داس جيڪو پار برهم مندر راڄو خاناڻيءَ ۾ رهندا هئا. ڀڄنن جي پوري سکيا ورتي. انهي وقت سندس عمر 35 سال هئي. سندس ساٿي ڪيول هو. انهي کانپوءِ فقط ڌرمي ست سنگن ۾ وڃڻ لڳو ۽ آواز ۽ سر تال جي ڪري کيس وڏي مڃتا ملندي رهي. ڀڳتي مارڳ ۾ سندس ست گرو سائين گياني داس، جيڪو ڪنگورو شاخ لڳ ڊگهڙي رهندو هو، هن جي آشيرواد سان ڀڳتي رنگ ۾ رچي لال ٿي ويو. پاڻ شاعري به ڪئي اٿس، پر پوءِ گروءَ جي چوڻ تي شاعري ڪرڻ بند ڪري ڇڏي. ڪيترائي راڳ راڳڻيون ڳائي سگهندا هئا. سندس پسنديده راڳ ڀوپالي، ڪلياڻ، ڪوهياري، سورٺ ۽ راڻو هئا، جن ۾ پوري پوري مهارت حاصل هئي. ڪيترائي سندس شيوڪ ۽ شاگرد آهن. جنهن ۾ سندس پٽ هيمنداس، عالم چند هيلاريو پير ڏيپلو هو، آچار مل عمرڪوٽ ۽ گائڪي شاگرد ڀڳت مهراڻ عمرڪوٽ وارو آهي. ڀڳت صاحب ڪافي درگاهن ۽ ستسنگن ۾ ڳايو ۽ پاڻ مڃايو. سائين ربو شاهه عمرڪوٽ جي ورسيءَ تي ڳايو، جتي کيس ايوارڊ ڏنو ويو. انهيءَ کانسواءِ پاڪستان ميگهواڙ ڪائونسل جي صدر ارجڻ داس به مڃتا طور امر وير لڌارام ايوارڊ سان نوازيو. هڪ دفعي ڏيپلو شهر ۾ ڏيپي ميگهواڙ جي ورسيءَ ۾ ڪافي ميگهه ونس ڀڳت آيا. جنهن ۾ صالحورام مٺي وارو، سومجي ڀاٽيا، ڀڳت پاڻ ۽ ٻيا به ڪافي سنت هئا، جن سڄي رات ست سنگ ڪيو ۽ پرڀات وبلي جڏهن راڻو ۽ سورٺ جي راڳڻي ڇيڙي، ته صبح جو سڀ ڏيپلي واسي مسلمان به پڇڻ لڳا ته ڪير ڳائڻا هئا، جن ڳايو پي، تمام وڏا فنڪار هئا. ايترو ته مٺو ۽ سُرتال تي ڳايو جو اسان کي تمام گهڻو پسند آيو. بس راڳ يا گلي ۾ سوز ڏيڻ وارو به مالڪ آهي، جنهن کي اها ڏات ملي. بس هن سنسار ۾ ڪيترائي سنت مهاتما اچن ٿا ۽ پنهنجو وارو وڄائي هليا وڃن ٿا. سندس يادون رهن ٿيون ۽ آواز جو جادو کين هميشه امر ڪري وڃي ٿو. سو اڄ ڀڳت صالحورام اسان وٽ نه آهي، پر سندس امر آواز اسان وٽ محفوط آهي ۽ رهندو، جو امر آهي. پاڻ سال 2005ع ۾ اسان کان وڇڙي ويو، سندس آتما وڃي پرماتما سان ملي.