شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

پٽيل پونجو مل ٻڙهيو

(1930ع کان 1994ع) اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ ڪيترائي ماڻهو سرندي وارا ۽ ڪروڙ پتي به آهن، پر پنهنجي جاتيءَ جي شاگردن ۽ غريبن جي ساهتا ۾ بلڪل پوئيتي رهيا آهن. پر اهڙا به غريب، پر غريبن جا هڏ ڏوکي قومي هيرا به هئا، جن پنهنجو سڀ ڪجهه قوم جي ٻچن کي پڙهائڻ لاءِ ڇڏيو. اهڙوئي هڪ مهان انسان سرڳيه پونجو مل ولد ڌنجي مل ذات ٻڙهيو، عرف ”پٽيل پونجو“ ميگهواڙ 1930ع ڌاري ڏيپلي تعلقي جي اولهندي پٽي واري ڳوٺ ننائي، تعلقه ڏيپلو ضلع ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. ٿر جي ڏڪار، بيروزگاري ۽ بدحاليءَ جي ٻيڙي کيس ڀٽڪائي ڀٽڪائي بدين شهر پهچايو، جتي هو پراڻيون جتيون ڳنڍڻ، نون جتين ٺاهڻ جو ڪاريگر، ۽ نيٺ پنهنجي دڪان جو مالڪ بڻجي ويو. هن پنهنجي محنت سان گهڻو ڪجهه ٺاهيو، بدين جي لغاري ڳوٺ ۾ وڏو پلاٽ هٿ ڪري پنهنجو گهر ٺهرايو، ۽ ٻار پڙهايا. سندس اهو گهر اڳتي هلي ٿر جي ميگهواڙ برادريءَ لاءِ واحد اجهو بڻجي ويو. ٿري ماڻهن جي دستور موجب هڪ ماڻهوءَ جي ڪنهن شهر وڃڻ کانپوءِ ٻين جون قطارون لڳي وينديون آهن. پٽيل جي بدين ۾ آباد ٿيڻ تي سوين مٽن مائٽن اچي وٽس ديرو ڄمايو، جنهن ڪري سندس گهر جو نالو پونجاپور بڻجي ويو. پٽيل پونجو انتهائي سخي ۽ مهمان نواز شخص هو، سندس ان مهمانوازيءَ جي نتيجي ۾ پنهنجو ڪاروبار کپائي ويٺو، قرض جا ويڙهه ٿي ويس، وياج وروڪي ويس، پوءِ به همٿ نه هاريائين، سندس مهمان خانو نه صرف آباد رهيو پر سخي مرد ۽ برادري هڏڏوکي، هن پنهنجي گهر کي شاگردن جي هاسٽل ۾ بدلائي ڇڏيو، ڪيترائي غريب شاگرد، جن جا مائٽ سندن پيٽ خرچ مان ٿڪي پيا هئا، اهي انهن کي پونجا پور ۾ پٽيل پونجي جي حوالي ڪري ويندا هئا، انهن کي کاڌو پيتو ۽ رهائش ته ڇا، پر آئي ويل پڙهائي ۽ فيس ۾ به مدد ڪندو هو، جنهن ڪري ڪيترائي غريب ميگهواڙ 500 کن بدين ڪاليج پاس ڪري اڳتي وڌيا، جن ۾ خاص ڪري سروپ چند، سڄڻ مل، آڏو مل جئپال، ڳوٺ لالو وهنداڻي، سارنگرام ڊي. ايف. سي، موهن لال ولاسائي جا نالا کڻڻ جوڳا آهن. پٽيل پونجو مل 1994ع ۾ گلي جي ڪينسر جي مرض سبب لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس اولاد ان مهمان خاني کي اڄ به آباد ڪريو اچي. سندس اولاد ۾ ليمون مل، ويڪسينيٽر، ساڌو مل، بدين ۾ دڪان وارو، ڪرمون مل رازو مستري ۽ ڊاڪٽر راهول شامل آهي. جيڪو هن وقت حب چوڪيءَ ۾ هڪ اسپتال هلائي ٿو. سندس پريوار اڄ به ننائي ۽ بدين ۾ آباد آهي.