شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

دادي لالي ٻائي سُرتاڻي

(1926–05–01 کان 2008–07–08) لوگ مسجد ۾ جنت تلاش ڪرتي هين ”غالب“، فرصت اتني نهين هوتي که، قدم مان ڪي چوم لين. اسان جي ميگهه ونس قبيلي جي عورتن به علم حاصل ڪري، مردن سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي، پنهنجي مظلوم قوم جي فلاح بهبود لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي. انهي مان سر فهرست دادي لالي ٻائي، جنهن جو جنم ڳوٺ چيلهار، تعلقه ڇاڇرو ٿرپارڪر ۾، مورخه پهرين مئي 1926ع تي پٽيل ميگهو مل سُرتاڻي ٻڙهيه جي گهر ٿيو، سندس ماتا ڀاڳان ٻائي پڙهيار جو ڳوٺ مالڻهور ويڻه تعلقه مٺيءَ جي هئي. سندس شادي هڪ مهان استاد ساهو مل نگاڻي، ڳوٺ ڪانڪيو تعلقه ڇاڇرو ضلع ٿرپارڪر سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پٽ، 1. شري نولراءِ D.O ۽ هيڊماستر هاءِ اسڪول چيلهار ٿي رهيو، هاڻي رٽائرڊ آهي 2. شري امولک ٿري، هيڊ ماستر هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد، هڪ شاعر ۽ اديب آهي، هن وقت رٽائر آهي. هڪ نياڻي نالي شانتي ٻائي، جيڪا هيڊ مسٽريس، گرلس هاءِ اسڪول جُهڏو آهي. دادي لالي ٻائي پنهنجي چاچي رائچند راٺوڙ (مصنف تاريخ ريگستان) ۽ سندس ڀاءُ ڀانو مل ميگهو مل سُرتاڻي جي ڪوشش سان، وڏي جاکوڙ ڪندي ان دؤر ۾ تعليم پرائيٗ جنهن دؤر ۾ هڪ عورت جو تعليم يافته هئڻ عجب جهڙي ڳالهه سمجهي ويندي هئي. دادي لالي ٻائي جن حالتن ۾ تعليم پرائي، انهي نموني سان سوچي به نه ٿو سگهجي ته اهڙي سختيءَ واري ماحول ۾، جتي استاد، هڪ ميگهواڙ شاگردياڻي هجڻ ڪري، سندس سليٽ کي هٿ لائڻ به نه چاهينديون هجن، اهڙي ماحول ۾ پڙهي، سنڌي فائينل جي امتحان ۾ سنڌ صوبي ۾ سال 1941ع ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري، اهم ڪم هماليه جبل جي چوٽي سر ڪرڻ کان به وڌيڪ مشڪل هو. سندس پرائمري استاد جي حيثيت سان سندس پهرين مقرري ميرپورخاص ويجهو اسڪول کاڻ ۾، 5 آڪٽوبر 1943ع ۾ ٿي. پوءِ پنهنجي ور، ماستر ساهو مل نگاڻيءَ سان گڏ مختلف هنڌن جھڙوڪ ڊيگاڻ، چيلهار، ڀوريلو ۽ کڏي جان محمد رند ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجا فرض پورا ڪيا. دادي لالي ٻائي کي پاڪستان جي ميگهه ونس جي پهرين عورت استاد هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. انهي عورت، جنهن ايندڙ نسلن جي نياڻين جي لاءِ تعليم جا دروازا کولي ڇڏيا، جيڪا نه صرف پاڻ پڙهي پر پنهنجي اولاد کي پڙهايائين، ۽ پوءِ ٽنڊو محمد خان جي ٻن ٽن نسلن جي استاد ٿي رهي. جڏهن ٽنڊو محمد خان جي ڪنهن به گهٽي مان سندس لنگهڻ ٿيندو هو ته هر ماڻهو عزت وچان اهي لفظ چوندو هو ته اسان جي دادي آهي. انهيءَ کان مٿي سندس عظمت جو ڪهڙو مثال ڏجي. دادي ليلا جسماني طور تي قد جي ننڍي هئي، پر سندس علمي ۽ سماجي طور تي شخصيت ايڏي ته قداور هوندي هئي، جنهن سان برابريءَ جي هام هرڪو هڻي نه ٿو سگهي. ٿر ۾ واسطيدار ماڻهوءَ جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻي هجي، ته سندس ڀاءُ ڀانو مل ۽ دادي لالي ٻائيءَ کان ويهي پڇجي، اوترو انهن ڌڻين کي ڄاڻ نه هوندي، جيتري قدر پاڻ انهن جي اُپٽار ڪندا. حقيقت ۾ ٻئي هڪ قسم جي انسائيڪلوپيڊيا هئا. 28 مئي 1956ع کان وٺي 31 آگسٽ 1982ع (رٽائرمينٽ) تائين پنهنجي سروس جا باقي 26 سال، ٽنڊوجان محمد تعلقه ڊگهڙي ضلع ميرپورخاص ۾ رهي. جتي هُن پنهنجي محنت جفاڪشيءَ سان نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو، اهڙو مثال مشڪل سان ملندو ۽ سندس اهو ڪردار ڪڏهن به وسارڻ جوڳو نه آهي. سندس تعليم جي جلايل ديپ، هر ميگهه ونس نياڻين جي هِردي ۾ تا حيات جلندي رهندي، ۽ علم جي هن چندن جي وڻ جي سُرهاڻ پوري ٿر جي ڀٽن، ڏوهرن ۽ هر جهوپي جهوپي ۾ اڄ به محسوس ٿيئي ٿي. اهڙي مهان هستيءَ کي پرنامَ! دادي لالي آخر تاريخ 18 جولاءِ 2008ع تي هن فاني سنسار کي الوداع ڪيو. ۽ هيءَ امر آتما پنهنجي پرماتما سان وڃي ملي. سندس مڙهه پنهنجي اباڻي ڳوٺ چيلهار، تعلقي ڇاڇرو ۾ پنهنجي ڀاءُ ۽ وَر سان گڏ آرامي آهي.