شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

سنڀو مل هميراڻي

(1948-01-05 کان 2003-08-02) هنجهن سين هيڪارَ، جي ڳُڻ ڪري نهاريين، ٻگهن سين ٻِيهارَ، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين. (شاهه) سنڌ جي پسمانده خطي ٿرپارڪر تي نظر وجهبي، ته انيڪ هيرا ۽ موتي داڻا ۽ مهان پُرش ذهن جي ٽچ اسڪرين تي تري ايندا. جن ۾ ”تاريخ ريگستان“ جي ليکڪ رائچند راٺوڙ کان ويندي سنڀو مل هميراڻيءَ تائين، سڳاڙچند سيجو کان ويندي مسڪين جھان خان کوسي تائين، شخصيتن جي سحر جو سلسلو اڃا گهڻو طويل آهي. سنڀو هميراڻي 5 جنوري 1948ع تي، ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ همير جي ڍاڻي ۾، استاد گورڌن داس جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو هيمان گنڍير، جيڪا ڳوٺ ڪانڪيو، تعلقه ڇاڇرو جي هئي. سنڀو مل پاڻ شادي شهر مٺيءَ مان، مهرو مل کوکر جي نياڻي چندران سان ڪئي، جيڪا ڀيرو مل ٻالاڻي، سابق MPA جي ڀيڻ آهي. جنهن مان کيس 4 نياڻيون ۽ 4 پٽ آهن. 1. ڪيلاش، پوليس ڪنسٽيبل، 2. سڀاش پوليس ڪنسٽيبل، 3. آڪاش ۽ وشال پڙهن پيا. هن وقت همير جي ڍاڻي مان لڏي مٺيءَ شهر ۾ رهن پيا. سنڀو مل 5 درجا پرائمريءَ جا پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهي، پوءِ ڀٽ ڀائـٽي وڃي هاير سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي، ۽ پوءِ ڪاليج جي تعليم حيدرآباد ڪاليج مان ورتي بعد ۾ ايم. اي. سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان ڪيائين. لکڻ جي شروعات به شاگردي واري زماني کان ڪيائين. سنڀو مل هميراڻيءَ کي 1970ع ڌاري پرائمري ماستريءَ جي نوڪري ملي. علم ۽ ادب سان ننڍپڻ کان لڳاءُ هئس انهي ڪري انگريزي تعليم دوران، هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي جي لائيبرريءَ ۾ مطالعو ڪندو رهيو. سال 1967ع ۾ مارئيءَ جي ميلي ڀالوا ادبي ڪانفرنس ۾ هن پهريون ڀيرو مقالو پڙهيو. بعد ۾ سندس لکڻين جي معيار کي ڏسي غلام محمد لغاري هفتيوار ”سچائي“ ۽ ”بيداري“ لاءِ ضلع ٿرپارڪر جو نمائندو مقرر ڪرڻ سان گڏوگڏ، ايڊيٽوريل بورڊ جو صلاح ڪار مقرر ڪيس. هن ٿر جي زندگي، تهذيب ۽ ثقافت تي ليک لکيا، جيڪي ڏاڍا مقبول ٿيا. سچائي ۽ بيداريءَ کانسواءِ ماهوار بادل، روح رهاڻ ۽ سهڻي رسالن ۾ شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون ڇپيون. ان کانسواءِ سنڀو مل هميراڻي هڪ اسٽيج ڊرامي ”عمر مارئي“ ۾ هيري جو ڪردار پڻ ادا ڪيو. هن جون لکڻيون سنڌي ٻوليءَ جي اڪثر معياري رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون، ۽ سندس شاعري به ڇپي، شاعري به پورهيت ۽ مسڪين ماڻهن جي دردن جو داستان آهي. سنڀو مل جو هڪ ٻيو پهلو سماجي ورڪر جو آهي. 1967ع کان ئي مسڪين جهان خان کوسي جي صحبت ۾ رهڻ جو موقعو مليس. مسڪين جهان خان سندس پيارو دوست هو. هو ٿر جي ڪيترن ئي تنظيمن جو ميمبر ٿي رهيو هو. سنڀو مل هميراڻيءَ جيان سندن خاندان به ادبي، سياسي ۽ سماجي ۽ اعليٰ انساني شعور رکندڙ رهيو آهي. سنڀو مل جو والد گورڌنداس به هڪ سٺو استاد ۽ اڳوڻي ضلع ٿرپارڪر جي ضلع اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿي رهيو آهي. سندس چاچو پنهون هميراڻي، مهاتما گانڌيءَ جي لوڻ تحريڪ، ضلع ٿرپارڪر جو اڳواڻ هو. تحريڪ آزاديءَ ۾ حصو ورتو. ان کانسواءِ هن خاندان، مختلف شخصيتن مثلاً مسڪين جهان خان کوسي، عالم چند ڪولهي ۽ گهمن سنگهه ڀيل سان گڏجي سوامي ڪرشنانند ۽ فاطمه جناح کان مدد وٺي، هريجن اسڪول کولرايا، سنڀو مل هميراڻيءَ جي خاندان جو ڳچ حصو تعليمي پيشي سان سلهاڙيل رهيو آهي، جن ۾ استاد جالو مل، نيٻراج مل، جوڌو مل ۽ سترام داس به شامل آهن. جيڪي پنهنجي دؤر جا معتبر استاد ليکيا وڃن ٿا. سنڀو مل هميراڻي ساڃاهه وند شخصيتن جي تربيت، ۽ هم خياليءَ کي پاڻ ۾ سمائيندي ديش ڀڳتي، سماجي خدمت ۽ ادبي ساڃاهه جي سورج جو عاشق ٿي پيو. هو امن جو ديپ هو، هن پنهنجي سُهائيءَ سان روشن ٿيندڙ سماج پنهنجي اکين سان ڏٺو. سنڀو مل ڪڏهن حيدر بخش جتوئي، ته ڪڏهن غلام محمد لغاري، ته ڪڏهن سائين جي. ايم. سيد جي آشياني ۾ سدائين اڳڀرو رهيو. سنڀو مل سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان قومي ٻوليءَ جي بقا لاءِ هليل تحريڪ ۾ حصو ورتو. شيخ اياز ۽ استاد بخاري جڏهن شاعريءَ وسيلي قوم کي جاڳائي رهيا هئا، تڏهن سنڀو مل به ان رُڃ ۾ ڳائيندو رهيو: ٿـر بــر ڪينجهـر ڪـارونجهر، بيت ڀٽائيءَ گونجن گهر گهر، مارو جئيندا زنده رهندا. سنڌ جي ٻن ناميارن اديب ڀائرن خاڪي ۽ تاج جويو کان وٺي، سنڌ جي ڪيترن ئي اديب، شاعرن ۽ ڪارڪنن آزمائش ۽ روپوشين جا ڏينهن سنڀو هميراڻيءَ جي گهر گوڙيهار ۾ گذاريا، جتي نه صرف انهن کي پنهنجي پناهه گاهه ملي، بلڪ فطري حُسناڪيءَ کي لفظن جي مالها ۾ پروئڻ جو موقعو به مليو. سنڌ جي مشهور شاعر راشد مورائي پنهنجو مشهور گيت (دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا! ٿورڙوئي وسين ها ته ڇا ٿي ٿيو) گوڙيهار جي ڀٽن تي ويهي لکيو. سنڀو مل ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ جي پروجيڪٽ لاءِ ٿرپارڪر جو سرپرست اعليٰ پڻ رهيو آهي، ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏجي پروجيڪٽ لاءِ باقاعده ڪم ڪيو، ۽ ڪيترو ئي مواد سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ حوالي ڪيو. سنڀو مل هميراڻي ڪيترائي تحقيقاتي مقالا لکيا، جن ۾ ”ڀٽائي، ٿر جي جاگرافيءَ جو ماهر“، ٿر جا استاد، تعليمي نظام، ميگهواڙن جا لوڪ گيت، ”سنڌ جي اڏاوت ۾ ميگهواڙ قبيلي جو ڪردار“ ۽ ”مارئيءَ جو ملڪ ۽ ذات“ قابلِ ذڪر آهن. سنڀو هميراڻي پ. ٽ. الف. جو سرگرم ڪارڪن ۽ عهديدار رهيو، ۽ استادن جي مسئلن جي حل لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. سنڀو هڪ آدرشي انسان هو. اياز وانگر هن اديب به ڪويتا وسيلي اسان کي الوداع ڪئي: وري مينهن وٺا، ساوا گاهه ڦُٽا، منهنجا پنڌ کُٽا، او منهنجا ساٿيئـڙا! ڇپر ۽ ڇانوري جھڙو شخص، قافلي جو روح روان، اسان کان موت جدا ڪري ويو. هن جي جدائيءَ سان اسان جي حياتي جي حوصلي جا پَل وِکري ويا ۽ روشنيءَ جو باب اڌ ۾ رُڪجي ويو. نوجوان شاعر حاجي ساند جي لفظن ۾ ”هر شخص ڀي ته ڇاهيو!؟“ صوفي هيو سامي هيو، تنبوري جي تنوار هيو، مُرليءَ جي لهر هيو، ڪبير جي ڪوتا جي خوشبو هيو، موهن جي دڙي جي دانهن هيو، ديبل جي دڙي جو عڪس هيو، آروڙ جي آهه هيو، پاري ننگر جو پرين هيو، گڍامراڻي (عمرڪوٽ) جي خودمختياريءَ جو ساکي هيو، هو شخص ڀي ته ڇا هيو. اهو شخص سنڀو هميراڻي هيو، آخر دنيا فاني آهي. تاريخ 2 جولاءِ 2003ع تي پساهه پورا ڪيائين، ۽ اسان کان هميشه وڇڙي ويو. سندس آخري سفر دوران وڏڦڙو وسي پيو، لڙڪن ۽ پلر جي پلوٽ سان کيس وهنجاريندي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٿر جي لوڪن ۾ روايت آهي ته ڪنهن جي آخري سفر دوران مينهن وسي، ته معنيٰ آسمان روئي پيو آهي. تاج جويي جي چواڻي: سنڀو هڪ هيو، سنڀو ٿيندو ڪين ٻيو، آءُ ڍاڻي همير جي، گڏجي مون سان رو، منهجو ساجن تو، لڪايو ڪيئن لوڪ کان!؟