شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ميوو ”مجروح“ ٿري

(1966–08–01 کان 1985–10¬–22) جي ڌُران ئي ڌاريان، سي پڻ شاهوڪار، پر لولي لاءِ لاچار، سانگي منهنجي سنڌ جا. هن ڌرتيءَ تي ڪيترائي آدرشي انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن انفراديت کان مٿي نڪري اجتماعي جياپي ڪاڻ جيئڻ، پنهنجي زندگيءَ جو اصول بڻائي ڇڏيو، ۽ پنهنجي پوري زندگي انياءَ خلاف ويڙهه ۾ گذاري ڇڏي. اهڙي املهه ماڻهن مان ميوارام ”مجروح“ ٿري به هڪ هو، جنهن جو پنهنجي ننڍڙي وهيءَ ۾ ادا ڪيل ڪردار يقينن مثالي هو. ميوو مجروح ٿري پهرين آگسٽ 1966ع تي ٿر جي قديمي ڳوٺ پاٻوهر ۾، هندو ازم جي ذات پات جي سماج ۾ اڇوت سمجهي ويندڙ ميگهواڙ ذات ۾، شري ڀمرو مل پنئار جي گهر جنم ورتو، سندس ماتا جو نالو بچان ڌي مولچند، ذات پنهون ڳوٺ ڀڪوئو تعلقه مٺيءَ جي هئي. کيس ٻه ڀائر آهن هڪ شري ليمون مل، جيڪو پرائمري ماستر آهي ۽ ٻيو ريجهو مل، جيڪو درزڪو ڪم ڪندو آهي. کيس ننڍي هوندي ئي راڳ ۽ وديا سان تمام گهڻو چاهه هوندو هو. سهڻي سڀاءُ ۽ نهٺائي جي ڪري هر ڪو کيس ڀائيندو هو. هر ڪنهن سان کلي ملڻ سندس اصول هو. جڏهن پڙهڻ جي لائق ٿيو ته مائٽن کيس ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ذهانت ۽ هوشياريءَ جي ڪري ٻين ڇوڪرن کان هميشه پڙهائيءَ ۾ اڳڀرو رهيو. سندس هوشياري ۽ قابليت جي ڪري پهريون ۽ ٻيون درجو ڊبل پرموشن ذريعي سال 1974ع ۾، ۽ ٽيون ۽ چوٿون درجو 1975ع ۾، ۽ پنجون درجو 1976ع ۾ پاس ڪيائين. اهڙيءَ طرح پرائمريءَ جا پنج درجا پنج سالن جي بدران ٽن سالن ۾ پاس ڪري، ساڳئي ڳوٺ جي برانچ مڊل اسڪول ۾ داخل ٿيو. 1979ع ۾ برانچ مڊل اسڪول مان مڊل اسٽينڊرڊ جو امتحان پاس ڪري، اسڪالرشپ به کنيائين. هن 1981ع ۾ ميٽرڪ ۽ 1983ع ۾ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد مان انٽر پري انجنيئرنگ پاس ڪيو. انٽر کان پوءِ ڪمزور مالي حالتن سبب وڌيڪ پڙهائي جاري رکي نه سگهيو، ۽ روزگار جي تلاش ۾ حيدرآباد پهتو، جتي سنڌ جي ناميارن اديبن، شاعرن ۽ سماجي ڪارڪنن جي صحبت نصيب ٿيس. پاڻ ڪجهه وقت ماهوار ”پارس“ ۽ هفتيوار ”هدايت“ ۾ به ڪم ڪيائين، آخر ۾ عظمت ادبي اڪيڊميءَ جو انچارج به رهيو. حيدرآباد ۾ مصروفيتون وڌڻ ۽ سستين هوٽلن جو کاڌو کائڻ سبب سندس طبيعت خراب ٿي پئي. مدي جي بخار سبب ڊاڪٽرن آرام جي صلاح ڏني ۽ پاڻ آرام خاطر گهر رهڻ کي ترجيح ڏني، ۽ نئون ڪوٽ ڀر سان (جتي سندس پيءُ هارپو ڪندو هو) اچي رهيو. مدي جي بخار سبب سخت کاڌو کائڻ جي منع ٿيل هئس پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ضد ڪري ٻاجهر جي ماني کاڌائين، جنهن ڪري آنڊي ۾ ڦٽ ٿي پيس. پهريائين علاج لاءِ نئوڪوٽ جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، ۽ بعد ۾ سول اسپتال سانگهڙ نيو ويو جتي نا تجربيڪار ۽ اڻڄاڻ ڊاڪٽر حنيف اعواڻ سندس آنڊي جو آپريشن ڪيو، جيڪو ڪامياب نه ويو. 09 سيپٽمبر کان 09 آڪٽوبر تائين ايل ايم سي اسپتال حيدرآباد ۾ زير علاج رهيو، جتان لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪري، 29 آڪٽوبر تي ٻيهر آپريشن ڪيو ويو، پر سندس زندگي بچي نه سگهي، تاريخ 22 آڪٽوبر 1985ع جي صبح جو 9 بجي هي املهه انسان اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. کيس سندس اباڻي ڳوٺ پاٻوهر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. علاج دوران کيس 44 رت جون بوتلون لڳيون، علاج دوران گهڻگهرن سندس زندگي بچائڻ لاءِ هڙان وڙان مدد ڪئي، جنهن ۾ ڏامرو مل ۽ سائين ديال داس رٽائرڊ تپيدار وڌيڪ سرگرم هئا. سُر سنگيت سان شروع کان وٺي وڌيڪ چاهه هئس. هو بهترين راڳي پڻ هو، شعرو شاعري هن هاءِ اسڪول مٺيءَ مان شروع ڪئي. ان وقت جي هيڊ ماستر محمد عثمان کٽي سندس صلاحتين کي پروڙي ورتو. هڪ فنڪشن ۾ هاسٽل ۾ ملندڙ دال تي شاعري ڪرڻ جو چيو، ۽ مجروح ”دردن واري دال“ جي عنوان سان مزاحيه ۽ پُراثر شعر ٺاهي شاعريءَ جي ابتدا ڪئي، هن جي رومانوي شاعريءَ ۾ جذبن کي جاڳائڻ ۽ احساسن کي ڇهڻ جو مثالي ۽ نرالو انداز آهي. شاعريءَ ۾ سندس رهبر سنڌ جا نالي وارا شاعر محمد عثمان کٽي، معمور يوسفاڻي ۽ ٻيا رهيا. ڪاليج جي زماني ۾ هو شاگرد جدوجھد جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو، ان وقت هن مزاحمتي شاعري پڻ ڪئي، جنهن ۾ هن هارين جي ڏکن کي بيان ڪندي، انهن جي حقن جي والهانه طور وڪالت ڪئي آهي. مثال طور: حيا نٿو ڪرين هارين جو هو ويندي وڏيرپائي، رعب رکي هارين تي ٿو ڪرين آڪڙ اجائي. * وڏيرا وڏائي جي هڻين ڇو ٿو ڄاڙي؟؟؟ مگر تنهنجي هاري ڪٽيندا ڪياڙي. * اتحاد ڪريو اتحاد ڪريو اڄ قوم پنهنجي آباد ڪريو، هي جابرن جي جوءِ ۾ رهي ٿو، طرحيه طرحين جا سور سهي ٿي، جيئن واهن ٿا تيئن وهي ٿي، اڄ قوم پنهنجي آزاد ڪريو. * ڌريان ئي ڌاريا، سي پڻ شاهوڪار، پر لولي لئه لاچار، سانگي منهنجي سنڌ جا. هڪ هنڌ هو ڀڳوان سان به شڪايت ڪندي چئي ٿو ته: عجب جھڙيون لڳن ڳالهيون خدا تنهنجي خدائيءَ ۾، اٿم افسوس هيڻن سان رهين ڇو ٿو جدائيءَ ۾. * غريبن ۽ يتيمن جون هتي عزتون پيون لٽجن، ڪنوارا گهوٽ پيا ڪسجن، نياڻيون روز پيون کسجن، قسم سان چوان ٿو ايئن مان ڪمي ناهي ڪڌاني ۾. هندوازم جي غير انساني نظام، جنهن ننڍي کنڊ جي وڏي آباديءَ جي زندگين کي جھنم ۾ بنائي رکيو، تنهن بابت مجروح جو چوڻ آهي ته: اسان ڪافي سٺيون آهن مگر هاڻي نه سهنداسين، اسان آخر جيئڻ خاطر به ڳولي راهه لهنداسين. * ڪنن ۾ گرم پاڻي شيهو جن پلٽايو، اهڙا ئي وير، ويرين کان وڄائي سڀ وٺنداسين. هر سال 22 آڪٽوبر جو ميوارام ”مجروح“ ٿري جي ورسي ڳوٺ پاٻوهر ۾ ملهائي ويندي آهي. جنهن ۾ سنت ٿر جا ڪيترائي دوست، اديب، شاعر ادبي روح کي ڀيٽا ۽ شرڌانجلي پيش ڪندا آهن. تون ته ورڻو هئين وسڪارن ۾، ڪونه موٽئين ميگهه ملهارن ۾.