شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

گنگارام آرٽسٽ

(1925-8-31 کان 1982-7-2) اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين، آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين، جي جيءَ کي جيئارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه) سنڌ جي لاڙ ڌرتي جتي احمد ملاح جھڙا شاعر پيدا ڪيا ته اُتي مهان آرٽسٽ به پنهنجي ڪُک مان جنم ڏنا. اهڙو ئي هڪ مهان آرٽسٽ ميگهواڙ گنگارام ڪانٺيسو، جنهن جو جنم شري رائسنگهه، شهر تلهار ضلع بدين ۾ تاريخ 1925-8-31 تي ٿيو. سندس ماتا جو نالو نيلا پرمار هو. پاڻ شادي حيدرآباد شهر مان شوو جي ڌيءَ ڏيمان، ذات پينگهور سان ڪئي. جنهن مان کيس ٻه پُٽ آهن شري گيلارام ۽ موهن لال، جيڪي حيات آهن ۽ اولاد سميت تلهار ۾ رهن پيا. گنگارام جڏهن پاڻ ماءُ جي پيٽ ۾ ڇهن مهينن جو هو، تڏهن سندس پتا گذاري ويو. گنگارام شروع ۾ لابارو ڪندو هو، ڦٽيون چونڊڻ ۽ ڪمند وڍڻ وغيره جو ڌنڌو ڪندو هو. هو ڇهه درجا سنڌي پڙهيل هو. اُن کانسواءِ، هندي، گجراتي لکي پڙهي ۽ سمجهي سگهندو هو. سندس استاد محمد سومار ساٽي هو، جيڪو شاعر به هو ۽ هڪ ڪتاب به لکيو، گنگارام جي والده سال 1955ع ۾ گذاري ويئي. گنگارام کي ننڍي هوندي کان ئي تصويرون ٺاهڻ جو شوق هو، پر سندس ماءُ منع ڪندي هُئي. 1955ع کانپوءِ هُن باقاعدي تصويرون ٺاهڻ شروع ڪيون. هن 1966ع تائين ٽيلر ماسٽر طور ڪم ڪيو. هن پهريائين تصوير مشهور گائڪ لتا منگيشڪر جي ٺاهي هئي، جيڪا تمام گهڻي سهڻي هُئي. گنگارام شروعات ۾ بلڪل غريبي حالت ۾ رهيو. هن وٽ 300 روپيه به ڪونه هئا جو سلائي مشين وٺي سگهي. هيءُ هڪ خواجي سيٺ جي سلائي مشين تي ڏهه آنا، ڇهه آنا جي حساب سان مزدوريءَ تي ڪم ڪندو هو. هن لتا منگيشڪر جي تصوير ٺاهي، دڪان تي ٽنگي ڇڏي، جيڪا اُن وقت هڪ انڪم ٽيڪس جي آفيسر ورتي ۽ ان جي تعريف ڪيائين. جتان سندس فن جي سڃاڻپ ٿي. فنِ مصوّريءَ ۾ هن جو ڪو به باقاعدي استاد ڪونه هو. هن پينسل ورڪ کانسواءِ، واٽر ڪلر ۾ به ڪمال ڪري ڏيکاريو. سنڌالاجيءَ وارن هن کي ڪجهه تصويرون ٺاهي ڏيڻ لاءِ چيو، پر هُن وقت جي ڪمي سبب ٺاهي نه ڏنيون، گنگارام سنڌالاجيءَ جي انتظاميه کي درخواست ڪئي ته مون کي سنڌالاجيءَ ۾ باقاعدي نوڪريءَ ۾ رکو، پر هنن انڪار ڪري ڇڏيو. هن مير بنده علي خان ٽالپر، ٽنڊو باگو جي مير غلام محمد ٽالپر ۽ درويش سيد سمن شاهه سرڪار جي اصل تصوير تان نقل ڪري وڏي تصوير ٺاهي، جيڪا اڄ ڪلهه خاص عام وٽ ڏٺي وڃي پئي. سائين سمن شاهه جي تصوير ٺاهڻ کانپوءِ هن تي فالج جو حملو ٿيو، جنهن ڪري هن جي جسم جو پاسو ڪمزور ٿي پيو، ۽ پوءِ پاڻ معافي وٺڻ سمن سرڪار جي درگاهه تي حاضري ڀري، ۽ هو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. ان کانپوءِ جج، سيد حسن علي شاهه بخاري سندس چاچي جي تصوير ٺهرائي، جيڪو به درويش هو. گنگارام بيمار ٿي پيو. اُن کانسواءِ هن پير سائين پاڳاري، مخدوم طالب الموليٰ جا به ڪيترائي فوٽو ٺاهيا. گنگارام کي دنيا جي جاگرافيءَ سان ڪافي دلچسپي هُئي. ان کانسواءِ، هن کي شاعريءَ سان به گهڻو لڳاءُ هو. اُن کانسواءِ ڊراما لکندو هو، ميڪ اپ مين به هوندو هو. ڊرامن ۾ ڊائريڪٽريءَ جا فرائض به پاڻ انجام ڏيندو هو. ڳائيندو به هو، پر پوءِ فالج جي حملي ڪري ڳلو خراب ٿي پيس. هن ٻه مهينا تلهار شهر ۾ ڀورا سنگ خاصخيليءَ کان هارمونيم سکيو هو. هن ڪيترائي ڊراما لکيا، انهن ۾ ڪردار به ادا ڪندو هو. سندس لکيل مشهور ڊراما 1. ديکها جائي 2. بي قصور 3. سلطنت 4. مغلِ اعظم وغيره مشهور آهن. گنگارام جو بولچند ڳائـڻو دوست هوندو هو. جڏهن پاڪستان ٺهيو تڏهن اهي دوست هن کان ٽٽي ويا. گنگارام جون ٺاهيل تصويرون، پاڪستان کان ٻاهر ايران، آفريڪا، جرمني، انڊيا ۽ سيلون ۾ به ويون آهن. هن اٽڪل ساڍا ڇهه هزارکن تصويرون ٺاهيون. فنِ مصوّريءَ کانسواءِ گنگارام بهترين ڪاتب به هو. هن وٽ ٻه تصويرن جا البم پيل آهن، جن ۾ هُن ڪيترائي شعر خوشخطيءَ ۾ لکيا آهن. گنگارام ٽي ڀيرا انڊيا گهمي آيو هو. انڊيا ۾ هن جا ڪيترائي بهترين دوست هئا. هن وقت سندس ننڍو پُٽ موهن لال تصويرون ٺاهيندو آهي. گنگارام صوفي خيالن جو فهميدي قسم جو ماڻهو هو، هو پُٽن کي چوندو هو ته ڪڏهن ڊگهيون قميصون، ڪڏهن ڇوٽيون قميصون پايو ٿا، اهو ڇا آهي؟ پنهنجي روٽيءَ ۾ گهٽ وڌائي نه ڪريو. اصول هڪ جھڙائي قائم ڪريو. گنگارام صاحب ٻئي کان پاڻ کي ظاهري طور گهٽ سمجهندو هو. هن کي سير تفريحه جو گهڻو شوق هوندو هو. جتي به قدرتي نظارا ڏسندو هو اُتي ڳچ وقت بيهي رهندو هو. هن تلهار شهر جو نقشو به ٺاهيو هو. شهر جو هر گهٽيءَ جي ماپ وکن، قدمن سان ورتائين. تخليقي آرٽ هن ڪري اختيار نه ڪيائين جو ان ۾ بُک کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. تنهن ڪري فوٽو ٺاهي روزي ڪمائيندو هو، چارڪول، پينسل سان فوٽو ٺاهڻ ۾ ڪماليت رکندو هو. هن هڪ دفعي هڪ مجسمو ٺاهيو هو، جيڪو بي حد حسين ۽ حقيقي پئي لڳو چارڪول سان فوٽو ٺاهڻ واٽر ڪلر سان فوٽو ٺاهڻ جو طريقو هي هوندو هو، جو اصلي فوٽوءَ تي گراف وسيلي نقل ٺاهيندو هو، جيڪو اصلي فوٽوءَ کان وڌيڪ سهڻو ۽ حقيقي لڳندوهو. سندس فن ۾ قدرتي ڏات هئي. پنهنجي حياتيءَ ۾ هو خاص ڏينهن تي اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ ڊراما ڪندو هو ۽ ڳائيندو به هو. هن تلهار شهر ۾ ڊرامو پيش ڪيو هو، جنهن جي ڊائريڪٽري به پاڻ ڪيائين ۽ ميڪ اپ مين به پاڻ هو ته موسيقي به پاڻ ترتيب ڏنائين. اهو ڊرامون پرنس ڪريم آغا خان کي پسند آيو، جنهن هن کي 3 هزار ڪيش انعام به ڏنو. گنگارام هر وقت سنڌ جي سينڌ سينگارڻ جي ڪوشش ڪئي پر افسوس! هن جي جيئري ڪنهن به قدر نه ڪيو. گنگارام صاحب جو گُرو سوامي ليلا شاهه صاحب هئا. سوامي جي خاص چيلا يا شيواڌاري، جن ۾ سوامي آشارام هو، سوامي ليلا شاهه تاريخ 9 مئي سن 1947ع تي اجمير انڊيا مان کيس خط لکيو، جنهن ۾ لکيو ته هو شهر تلهار کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال ڇڏي، ٻئي هنڌ هليو وڃي، يا انڊيا هليو اچي، پر گنگارام انهيءَ تي عمل نه ڪيو. هن کي زندگيءَ ۾ ڪيترائي دُک ۽ حادثا پيش آيا، جن هن کي دکي بنائي ڇڏيو. هو سندس زندگي حادثن سان ڀريل هئي، پر هن ڪڏهن به پاڻ کي دکي نه لکايو. هميشه گُل جيان ٽڙندي مشڪندي ملندو هو. آخرڪار هي گلاب جھڙو خوشبودار گُل تاريخ 1982-7-02 تي هميشه لاءِ ڪومائجي ويو. هُن جي خوشبوءِ اڄ تائين لاڙ ۾ مهڪندي رهي ٿي. هو امر آهي، امر رهندو. ڪنهين هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا، اوهين ياد آيا ته ڳوڙها ڳڙي پيا. (سائينداد ساند)