شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

استاد تاراچند

تون سرتاج سُرن جو، محتاج رهيون محفلون، سڀ راڳڻيون داسيون لڳن، تنهنجي در جون. سنڌ صوفين جي سر زمين آهي. هتي قديم زماني کان راڳ رنگ جون محفلون متل رهن ٿيون. هن ڌرتي ڪيترن ئي ڪلاسيڪل راڳي استادن کي جنم ڏنو، جنهن ۾ خان صاحب استاد منظور علي خان، استاد عاشق علي خان، استاد بڙي غلام علي خان، استاد اميد علي خان، انڊور گهراڻي جھڙن املهه هيرن جنم ورتو ۽ سُرن جي سُرهاڻ پکيڙي. اهڙو ئي هڪ آفاقي آواز جي مالڪ، استاد تاراچند ميگهواڙ نک کريت، ڀلو مل ڳوٺ معروف ڀنڀرا، تعلقه هالا ضلع حيدرآباد حال مٽياريءَ ۾ تاريخ 1948-5-18ع تي جنم ورتو. جنهن جي آمد تي سُرن فضائن مان زمين تي لهي اچي خود سندس سواگت ڪئي. اهو ئي استاد تاراچند جو خيال رکندي اُن کي جلا بخشي، جنهن وائيءَ کي سرگمن جي سُتي پياري دنيا ۾ امر ڪري ڇڏيو. استاد تاراچند جي ماتا جو نالو جسمان جويو، ڌي سومرو ڳوٺ دلپوٽه لڳ ٽنڊو آدم جي هُئي. پاڻ شادي شريمتي سمجهو ڌي مالوجي اينهپو ويٺل هالا شهر مان ڪئي. جنهن مان کيس هڪ نياڻي ۽ ڇهه پُٽ آهن. 1. مٺو مل ڊرائيور سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهي. 2. شو لال جي سعودي ۾ پرائيويٽ نوڪري آهي. 3. جيوڻ لال ٻني ٻاري جو ڪم. 4. هيرانند، جيڪو ٺيڪيدار آهي. 5. راجيش ڪمار، جيڪو ڊرائيور آهي. 6. ڀرت ڪمار، جو گهر جو ڪم ڪار ڪري ٿو. سڀ شادي شده آهن. استاد تاراچند کي ٻه ڀائر هئا. 1. دادو وڏو جو 2013-11-26 تي سرڳواسي ٿي ويو، ۽ ٻيو ننڍو ڀاءُ ڏيوو مل جو زنده آهي. کيس 4. ڀيڻيون هيون، جي سرڳواسي ٿي ويون آهن. استاد تاراچند 5 درجا سنڌي پرائمري اسڪول معروف ڀنڀرا، تعلقه هالا مان حاصل ڪئي. غربت هئڻ ڪري وڌيڪ پڙهائي جاري نه رکي سگهيو. پاڻ هندي به پڙهيل هئا، جا مهراج رتن لال هالا وٽ سکيو. پاڻ سنڌي، اردو ۽ هندي سٺي نموني پڙهي لکي سگهي ٿو. جيئن ته سندس خاندان اصل کان گويا هئا، تنهن ڪري ڳائڻ پنهنجي مائٽن کان سکيو. چوڏهين پيڙهي آهي، جنهن ۾ پاڻ ڳائي رهيو آهي. پاڻ مڪمل راڳ جي سکيا استاد امانت علي خان، جو خان صاحب استاد بڙي غلام علي صاحب جو ڀاءُ هو، اصل قصور پٽياله گهرانه سان تعلق هو ــ ان کان 1966ع ڌاري راڳ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ لاهور ۾ گوين جي ايسوسيئشن هوندي هئي، جتي هر مهيني سڀ گويا گڏ ٿيندا هئا ۽ راڳ جي چٽا ڀيٽي ٿيندي هُئي، جنهن ۾، پاڻ کي گويو تسليم ڪرايو ۽ ڳائڻ شروع ڪيو. 1967ع پاڻ سندس مائٽن سميت معروف ڀنڀرا کان لڏي اچي لطيف جي نگريءَ ۾ هميشه لاءِ آباد ٿيا. پاڻ پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن جي محفلن ۾ ڳايو. لاهور، ڪوئيٽا، سبي، ڪراچي، حيدرآباد، جيڪب آباد ۽ خاص ڪري سڄي سنڌ ۾ ڳايو، ۽ داد حاصل ڪيو. ڀٽائي صاحب جي درگاهه تي به پروگرام ڪيا. ٻڍل فقير درگاهه، سچل سائين، منٺار فقير درگاهه ۽ ٻين ڪيترن ئي درويشن جي درگاهن تي ڳايو آهي. ۽ هڪ دفعو قلندر شهباز جي درگاهه تي، سندس استاد امانت عليءَ سان گڏ پنهنجن ڪنڌن ۾ هارنوميم وجهي شهر وچان ڳائيندا ويا، ۽ بودلي فقير جي به حاضري ڀري. انهي کانسواءِ انڊيا جئه پور ۾، ٽنڊو آدم جي سنت ٽينئون رام جي درٻار ۽ سنت ليلارام جي آشرم تي ڳايو، جتي انڊيا جي ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو پر استاد تاراچند جي سنڌي گائڪيءَ کي وڌيڪ پسند ڪيو ويو ۽ انعام سان نوازيو ويو. استاد تاراچند کي راڳ جي پوري ڄاڻ آهي، جنهن موجب مکيه 6 راڳ آهن 1. راڳ ڀيرو 2. راڳ هنڊول 3. راڳ ميگهه 4. راڳ شري 5. راڳ ديپڪ 6. راڳ مالڪوس. هر راڳ جون پنج پنج راڳڻيون آهن. ڪُل 30 راڳڻيون آهن. اُهي سڀ ڳائي سگهي ٿو ۽ کيس پوري مهارت آهي. پاڻ خاص ڪري ڀيروي گهڻي ۾ گهڻو ڳائيندو آهي ۽ پِيلو ۽ نند ڪلياڻ سندس پسنديده راڳڻيون آهن، جيڪي گهڻو ڳائيندو آهي. پاڻ هڪ ڪلاسيڪل گويو آهي. وڏي راڳ ۾ خيال، ٺومري، ترانه ۽ دادرا ڳائيندو آهي. انهيءَ کانسواءِ ڪافي، غزل ۽ ڀڄن به ڳائيندو آهي. پاڻ هڪ موسقيار آهي ته ڌنون به پاڻ تيار ڪندو آهي. هُن سنڌي، هندي، گجراتي، پنجابي، سرائڪي ٻولين ۾ ڳائي رڪارڊ قائم ڪيو آهي. استاد تاراچند ريڊيو پاڪستان تي لائيو پروگرام ”اڄ جو فنڪار“ ۽ ٻين پروگرامن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سؤ کان مٿي پروگرام ڪيا، جن ۾ پنهنجي ڌنن ۾ ڀٽائي صاحب، سچل سرمست ۽ ٻين صوفين جا ڪلام ڳايا ۽ داد حاصل ڪيو. انهيءَ کان علاوه ٽي. وي تي خاص ڪري ”ڪچهري“ ۾، جيڪو پروگرام فتح خان ڪندو هو انهيءَ ۾ ۽ ٻين ٽي. وي. پروگرامن ۾ به ڪافي رڪارڊنگ ڪرائي آهي. ٽي. وي. تي گهٽ ۾ گهٽ 20-25 پروگرام ڪيا آهن. انهي کانسواءِ هن وقت ڀٽ شاهه ريڊيو اسٽيشن تي ڀٽائي صاحب جا ڪلام ڳائي پيو، جتي 50 کن پروگرام ڪري چُڪو آهي. استاد تاراچند لطيف صاحب جي پيغام کي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي سنگم سان، سهڻي نموني پوري پاڪستان ۾ روشناس ڪرايو، نه صرف ايترو پر پنهنجي ڏات وسيلي سنڌي ثقافت، تهذيب تمدن، راڳ ۽ ڪلاسيڪل موسيقي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ متعارف ڪرايو. ڪلاسيڪل راڳ ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جو پهريون ڪلاسيڪل گويو آهي، ۽ پنهنجي جاتيءَ جو نالو روشن ڪيو ۽ پنهنجو نانءُ تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرايو. استاد تاراچند هڪ حليم طبع، ٻاجهارو انسان آهي. هر ڪنهن سان نهايت ئي سهڻي اخلاق ۽ ادب سان پيش ايندو آهي. ايتري قدر جو، مڙني وصفن جي ڏات مليل آهي. پنهنجي ڏات ۽ ڪلام جي نيهن سان ڪيترن ئي شاگردن کي فيضور ڪيو. سندس گهٽ ۾ گهٽ 150 کان مٿي شاگرد آهن، جنهن ۾ خاص ڪري نيوند ڪمار، جيڪو هن وقت آمريڪا ۾ رهي ٿو، تمام سٺو گويو آهي. ان کان سواءِ مخدوم نويد زمان ولد طالب العوليٰ، محمد هاشم چنڊ، ڀڳت ڀاڳچند وغيره. استاد تاراچند کي هارمونيم، سُر منڊل، تانپوري، طبلو ڍولڪ، يڪتارو، کڙتال ۽ بينجو وڄائڻ ۽ راڳ جي مڪمل ڄاڻ آهي. انهن سڀني سازن توڙي ڳائڻ جي اڄ تائين سکشا ڏيئي رهيو آهي. هُن هر جمعي جو ڏينهن شاگردن لاءِ وقف ڪيو آهي، جتي ڪيترائي شاگرد سکيا وٺندا آهن. استاد تاراچند هارمونيم پاڻ ٺاهيندو آهي ۽ وڪرو ڪندو آهي وڏو ڪاريگر آهي، جنهن جو سامان لاهور ۽ انڊيا مان گهرائيندو آهي. استاد تاراچند ڊاڪٽر لونگ اميداڻيءَ جي معرفت، ڪراچيءَ ۾ شانتي ننگر ۾ راڳ جي سکيا جو ٽرنينگ سينٽر کوليو، جتي خاص ڪري آغا خان اسپتال جا ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون راڳ جي سکيا وٺنديون هيون ۽ هر هڪ کان ماهوار 2000 روپيه ملندا هئا، ۽ اُهي شاگرد 15 کن هئا. انهي کانسواءِ شانتي ننگر جي اسڪول ۾ ٻارن کي به راڳ جي سکيا ڏيندو هو. هُن پنهنجي پوري زندگي ڪلاسيڪل راڳ کي ارپي ڇڏي آهي. سندس پسنديده گائڪ استاد بڙي غلام علي خان، استاد برڪت علي خان، استاد عاشق علي خان انڊور گهراڻو، جيڪي خاص ڪري ڪلاسيڪل گويا سندس پسنديده استاد هئا. انهيءَ کان علاوه ڪي ايل سهگل، محمد رفيع، طلعت محمود، استاد محمد جمن، لتا منگيشڪر ۽ عابده پروين سندس پسنديده فنڪار آهن جن کي پسند ڪندو آهي. سندس پسنديده شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، رکيل شاهه، مصري شاهه، سچل سرمست، بُلا شاهه، غلام فريد ۽ سلطان باهو آهن، جن جا ڪلام اڪثر ڳائيندو آهي، ۽ ڀڄنن ۾ ڪبير ڀڳت، برمانند ۽ ميران ٻائيءَ جا ڀڄن ڳائي، پنهنجي ميگهه ونس جاتيءَ جي محفلن ۾ ڳائي داد حاصل ڪيو آهي. هيءُ ڪلاسيڪل راڳ جو املهه هيرو آهي.