شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

سنت پاتارام صاحب

(1882ع کان 1979–7–07) سب تن تو چندن نهين، سورا ڪا دل نانهه، سب سمندر موتي نهين، يون ساڌو جگ مانهه. هن سنسار ساگر ۾ هر طبقي، هر قوم، هر قبيلي ۽ ملڪ ۾ سنت ۽ مهاتما ضرور جنم وٺي ايندا آهن. سنڌو ڌرتي اسان جي پويتر ماتر ڀومي آهي. اسان جي سرير ۾ سنڌ جي صديون پُراڻي مِٽيءَ جو ميلاپ آهي. اسين قديم رشين جو سنتان آهيون جن کي اڄ ڪلهه ميگهواڙ چيو وڃي ٿو. وڻن، ڍنڍن ۽ بادلن وانگر سنتن جو جنم به پرمارٿ جي واسطي آهي. ترورَ سرورَ سنت جَن، چوٿا بادل ميهه، پرمارٿ ڪي ڪارڻي، چارون ڌاري ديهه. اهڙا سنت وقت به وقت جنم وٺندا رهن ٿا ۽ پاڻ سان گڏ ٻين کي به تاري پار اُڪارين ٿا. مهراڻي جي پويتر ڀومي پڻ اهڙن سنتن کان وانجهيل نه آهي. انهي پويتر مٽيءَ تي جئه اوم ايشور جا ڀولا ڀالا، نيت صاف ۽ ملائڪ صفت ماڻهو رهن ٿا. اُتي چند سنتن پنهنجو پاڻ پسايو آهي. اسان جي ان مهراڻي جي مٽي صوفين، درويشن ۽ سنتن کي جنم ڏنو آهي. جن دنيا کي انسانيت جو درس ڏنو. اهڙن سنتن لاءِ گرو ارجڻ ديو مهاراج جن سُکمني صاحب ۾ فرمائين ٿا ته: آپ مُڪت، مُڪت ڪري سنسار، نانڪ تيس جن ڪو، سدا نمسڪار. شري ڪرشن گيتا ۾ فرمايو آهي ته جڏهن ڌرم گهٽجي ٿو، ۽ پاپ وڌي ٿو، تڏهن آئون پنهنجي ڀڳتن جي رکشا ڪرڻ لاءِ ڪنهن روپ ۾ پرڪاشت ٿيان ٿو. نيڪيءَ جي اسٿاپنا ڪرڻ ۽ بديءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ جُڳ جُڳ ۾ اوتار وٺان ٿو. اهڙن مُڪت پر اُپڪاري پُرشن مهاتمائن مان شري پاتارام صاحب به هڪ هئا. جنهن سال 1882ع جو شري هرچند ذات لهوا، ڳوٺ رامهور، تعلقه ڪنري، ضلع عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. سندس ماتا شري جو نالو پدمان ٻائي، ڌي پڏو مل، ذات جئپار، ڳوٺ اکاڻي، تعلقه ڇاڇرو، ضلع ٿرپارڪر جي هئي. ڀڳت پاتارام صاحب جن ڪنهن اسڪول ۾ وديا ڪونه پرايائون، پر بچپن ۾ ئي پورب جنم جي سنسڪارن ڪري منجهن ڌرمي ڀاؤ اچڻ لڳا. سندس ننڍپڻ ۾ ئي ڀڳتيءَ طرف لاڙو هو. پاڻ مندرن ۾ ويندا هئا ۽ ست سنگ ڏاڍي ڌيان سان ٻڌندا هئا. ڀڄن ڪيرتن ته ڄڻ سندس زندگيءَ جو هڪ حصو هو. ننڍڙي اوستا ۾ ئي سندس من نرمل هو. ٻين جي لاءِ پنهنجي دل ۾ جاءِ هئڻ ڪري، هر ڪنهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيندا هئا. سندس وشواس پڪو ۽ اٽل هوندو هو. هر وقت هري ڀڄن ۾ مگهن رهندا هُئا. ڪو وڏو اُستاد جھڙو يا عام ڀلي جھڙو ڪم ٿيڻو هوندو هو ته پاڻ اڳواڻ ٿيندا هُئا. جتي ٻيا ڪيٻائيندا هُئا اُتي پاڻ حاضر ٿي پرشارٿ جو اصل سندرو ٻڌندا هئا. سوامي جن جڏهن 12 سالن جي ڄمار ۾ هُئا، تڏهن کان گرو ڌارڻا ڪرڻ جو خيال ڪري، ٻين سنتن سان گڏ هلندا هُئا. سنتن جو قول آهي ته: ”گرو بنا مُڪتي نه هوئي.“ تنهن ڪري سندس گروءَ جي ڳولا جو خيال پڪو ٿيندو ويو، ۽ گرو جي ڳولا ۾ سندس من وڌيڪ مائرو ٿيڻ لڳو، ۽ پاڻ ويچارن ۾ لپٽجي ويا ته ڪنهن به طرح گرو ڌارڻ ڪجي. هڪ دفعي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪنهن اوسر تي ڀڳت پاتارام ڀڄن واڻي ڪري رهيا هئا، ته بانڪارام صاحب جن آواز ٻڌي ڏاڍو پرسن ٿيا، ۽ سيئو مل نالي پنهنجي شش کي چيائين ته اهو ڇوڪرو جيڪڏهن پنهنجي سنگ ۾ اچي ته ڏاڍو سٺو. آخر هڪ دفعي ڀڳت پاتارام سيئون مل کي وٺي بانڪارام صاحب جي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن نيو ڇوڙ پهتو ته خبر پيئي ته بانڪارام صاحب هتي آيل آهن. پوءِ سنت صاحب سان پنهنجي نام سمرڻ جي اِڇا پرگهٽ ڪئي. بانڪارام صاحب سچي شرڌا ڏسي پاتارام کي پنهنجو شش بڻايو ۽ نام دان ڏنو. ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ ۾ ستگروءَ جي ٻڌايل نيم ڌرم جو پالڻ ڪرڻ لڳا. ڀڳت پاتارام ننڍي هوندي ئي سنت شيوڪ ۽ مهمان نواز هُئا. ڪجهه وڏا ٿيا ته ورثي ۾ وئراڳ اُتپن ٿيو. سندس مائٽن شادي ڪرڻ لاءِ چيو ته صفا انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي سندس مائٽن سندس گرو صاحب کي شڪايت ڏني ته اوهان جو شش سنت پاتارام اسان مائٽن جي ڳالهه نه ٿو مڃي. توهان هُن جا گرو ديو آهيو، کيس سمجهايو ۽ شاديءَ لاءِ آماده ڪريو. انهي ڳالهه جي ڀڳت پاتارام کي جڏهن خبر پيئي ته هُن پنهنجو مٿو، ڏاڙهي ۽ مڇون ڪوڙائي، ڀگوون ويس پائي، آس پاس جي سڀني ڳوٺن مان گهمي ڦري آيو، ته هن حالت ۾ ڪوبه مون کي ڌيءَ ڏيڻ قبول ڪونه ڪندو، ۽ آئون شادي ڪرڻ کان بچي ويندس، ۽ برهم چريه ورت پالڻ ڪري سڌو سنياس اختيار ڪندس، ۽ پنهنجو منش جنم سڦل بنائيندس. پر هوڻهار ٻلوان آهي. لکيو منجهه نراڙ قلم ڪياڙي نه وهي. آخرڪار مائٽن ۽ گرو جي زور ڀرڻ تي ستگرو ديو بانڪارام جي آگيان پالڻ کي تمام ضروري سمجهي، اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽ سندس شادي سال 1915ع ۾ شريمتي چاندي ٻائي، ڌي ڀوڄو مل، ذات پتڙيا، ڳوٺ ٽالهي چانڊيا، تعلقه ڪنري، ضلع عمرڪوٽ سان ٿي. جنهن مان اولاد هڪ نياڻي ميران ٻائي ۽ ٽي پُٽ 1. سرڳواسي ڀڳت گنگارام صاحب 2. سرڳواسي ڀڳت ڀاڳو مل عرف ڀاڳچند، جو هڪ وڏو ڪوي هو، جنهن جو هڪ ڪتاب ڀاڳچند ڀڄن مالا شايع ٿيل آهي. 3. ڀڳت مهرچند، جو زنده آهي. ڀڳتي ڀاؤ ڪندو رهندو آهي ۽ گادي نشين آهي. ڀڳت پاتارام صاحب 5 درجا هنديءَ جي سکيا، سندس ست گرو صاحب کان ورتي، جو هندي پڙهي لکي سگهندو هو. شاديءَ کانپوءِ پاڻ بوٽن ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ ڀڳتي ڀاؤ به ڪندا رهيا. اڳتي هلي جڏهن پُٽ وڏا ٿيا ته گهر انهن حوالي ڪري، پاڻ سڄو وقت سماجي سڌاري ۾ لڳي ويا. پاڻ سڄي سنڌ ۽ ٿر ۾ مختلف جڳهن تي وڃي ڌرم پرچار ۽ خراب ريتن خلاف آواز اٿاريو، ۽ ماڻهن کي سٺن ڪرمن ۽ صفائي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پرچار ڪندو رهندو هو. انهي وقت سواريءَ جو بندوبست گهٽ هوندو هو، تڏهن به هو اُٺن تي سواري ڪري ست سنگ ڪندا هئا، ۽ وڏا اوسر ڪرڻ جي رسم کي ختم ڪرڻ ۽ خرچ گهٽائڻ ۽ تعليمي شعور پنهنجي قوم ۾ پيدا ڪرڻ لاءِ اپديش ڪندا رهندا هئا، جنهن جو ميگهواڙ جاتيءَ کي ڪافي اثر ٿيو، جو اڄ اوهان جي اڳيان آهي. پاڻ ساڌنا يوڳ اڀياس ڪري، پنهنجي سڌ اوستا کي پراپت ٿيا، ۽ اهو آنند وٺڻ لاءِ ٻين کي ست اپديش ڏيڻ لڳا، ۽ پنهنجو سڄو جِيوَن انهي شڀ ڪاريه ۾ صرف ڪيائون. ڀڳت پاتارام صاحب پاڻ جنهن پرمارٿ مارگ تي هليا، انهي رستي تي هلڻ لاءِ ٻين کي به پريرڻا ڏنائون. ڀڳت پاتارام جا انيڪ شيوڪ ۽ عقيدتمند هئا، جن ۾ پرم شش (1) ڀڳت صالحو رام کوکر مٺي واسي، جو هڪ مهان گويو ٿي گذريو آهي، جنهن پوري ٿر ۽ سنڌ ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. (2) ڀڳت ميوارام کپرو واسي، جيڪو ويدانتي، گياني ۽ تمام گهڻو شرڌا وارو شش هو. (3) ڀڳت گلابراءِ نبي سر واسي، جو تمام سٺا ڳائڻ جي ڪلا جا ماهر، ۽ ويدانتي پرش آهن. (4) ڀڳت شنڪر جٽاڌاري ديهه 333 لڳ جيمس آباد، تمام پريمي ۽ شرڌالو شش هئا. (5) ڀڳت ڏاهو رام نئون ڪوٽ واسي، تمام سٺا گويا گياني ۽ شيواڌاري هئا. انهن کانسواءِ ڪيترائي شش هُئا جن به ساڳئي راهه تي هلي جاتيءَ ۾ سڄاڳي ۽ ڀڳتيءَ جي خوشبوءِ پيدا ڪئي. هي سنسار هڪ مسافر خانو آهي، جنهن ۾ ڪي آيا ڪي ويا، ڪي ويندا. اهو هڪ قدرتي نيم آهي، تنهن انوسار آخر تاريخ 7 جولاءِ 1979ع جو هيءُ روشن ديپ، هميشه لاءِ اُجهامي ويو، ۽ سندس آتما پرماتما سان وڃي ملي. رُت آئي ويئي، تون نه آئين ڪَهي، ماڪ ۾ مينڌرا، ڪاڪ روئندي رهي.