شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

سترام داس ڪاڳيه

(1920–11–01 کان 1999–12–11) اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا، ڳلن تا ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن، سندي سِڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي. دنيا ۾ ڪجهه هستيون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ماڻهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ زنده رهنديون آهن. هون به سماج ۾ استاد جو مان ۽ مرتبو اعليٰ ترين ۽ بلند آهي. اهڙيون ڪجهه ساروڻيون لکان ٿو، هڪ مهانُ استاد، شري سترام داس بابت، جنهن جو جنم تاريخ 1920–11–01 تي شري ڀيمراج ڪاڳيه جي گهر، ڳوٺ ڪرنور تعلقه ڇاڇرو ۾ ٿيو. ان کانپوءِ جلد سندس مائٽن لڏي اچي داديون هاليپوٽا ۾ رهائش اختيار ڪئي. پاڻ مائٽن جا اڪيلا پُٽ هئا، کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. انهي وقت اسڪول تمام ٿورا هوندا هئا. شروعاتي تعليم 1925ع ۾ هيرار ڏيٿا، تعلقه ننگرپارڪر ۾ ڪانگريسي اسڪول ۾ پڙهيو، ۽ پوءِ پرائمري اسڪول ڪانڪيو، تعلقه ڇاڇرو ۾ تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ هوشيار شاگرد هئا ته کيس سرڪار طرفان اسڪالرشپ منظور ٿي ملندي رهي، ۽ 7 درجا پاس ڪري فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. سندس پتا جو نالو ڀيمراج ڪاڳيه ۽ ماتا جو نالو نامان ٻائي هو. پاڻ شادي سال 1945-03-07 تي، شريمتي لڪشمي، ڌي بالم ڪڏيچه، ڳوٺ کينسر تعلقه ڇاڇرو مان ڪئي جنهن مان اولاد هڪ نياڻي ٿي، جا ننڍي هوندي فوت ٿي ويئي، ۽ 4 پٽ 1. تاراچند، جيڪو پرائمري ماستر هو، هن وقت حيات نه آهي، 2. ڇگن لال 6 درجا پڙهيل هو، جو 2010ع ۾ فوت ٿي ويو. 3. پرتابراءِ جو وٽرنري اسٽاڪ اسسٽنٽ جي پوسٽ تان رٽائر ٿيو ۽ حال حيات آهي 4. نهچلداس، جيڪو HST جي پوسٽ تان رٽائر ٿيو ۽ حال حيات آهي. هُن SV-JV ڪورس 1941ع کان 1942ع ۾، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان پاس ڪيو، جتي سنڌ جو مهان ڏاهو انسان، سائين ابراهيم جويو سندس استادن ۾ شامل هئا. S.V/J.V جي امتحان ۾، تعليمِ نفسيات جي مضمون ۾ سترام داس سموري سنڌ جي شاگردن مان پهريون نمبر حاصل ڪيو، جنهن تي ان وقت جي انسپيڪٽر آف اسڪولس، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي تعريفي سَندَ ۽ روڪ رقم پنهنجي هٿن سان انعام طور ڏني. سال 1938ع ۾ ڳوٺ راوت سر تعلقه ڇاڇرو ۾ هڪ انگريز آفيسر آيل هو، جنهن پڇيو ته ڪو پڙهيل شاگرد آهي؟ انهيءَ تي مولوي عبدالحق، جيڪو راوت سر جو رهواسي هو، تڏهن ٻڌايو ته هڪ شاگرد سترام داس آهي، داديو هاليپوٽا جو رهواسي، جيڪو فائنل پاس آهي. اتي کيس گهرايو ويو، جو سائين سترام داس پنهنجي پتا سان گڏ راوتسر ويو، جتي کيس پرائمري ماستريءَ جو آرڊر ڏنو ويو، ۽ پهريائين اسڪول راوت سر ۾ دخل ڪار ٿيو. سائين سترام داس هڪ تمام هوشيار استاد ٿي گذريو آهي. خاص ڪري حساب ۽ گرامر جا ماهر هُئا. پاڻ 1934 کان 1980ع تائين مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪيائون. جھڙوڪ چارنور، تاج محمد شاهه سڏاڙو تعلقي ڇاڇرو، جنجهي، جتي ڪافي وقت رهيو. سائين سترام داس ڪيترن ئي سالن تائين گورنمينٽ قاضي سلطان پرائمري اسڪول، ڪنريءَ ۾ به طور نائيب هيڊ ماستر خدمتون سرانجام ڏنيون، ۽ سال 1980ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. اُتي جا ماڻهو تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. 1952ع ۾ گوڙيهار اسڪول ۾ رهيو، جتي شري پنهون مل سان ڪافي گڏ رهيو، ۽ ڪانگريس ۾ شامل ٿي، پنهون مل سان گڏ سماجي ڪمن ۾ بهرو وٺندو رهيو. انهي وقت ڳوٺن مان ڦوڙي وغيره ڪري شاگردن جي معاشي مدد ڪندا هُئا، خاص ڪري انهي وقت ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ کي پڙهائيءَ جو خرچ، مني آرڊر ذريعي موڪليندا هئا، جو اڄ هو هڪ وڏو ڊاڪٽر آهي. سال 1952ع ۾ ٿر ۾ مڪڙن ڀينگ ڪئي. جنهن مان تمام گهڻي ڪهه پيدا ٿي جو فصل ۽ وڻن جا پن به سڀ کائي ويئي، جنهن لاءِ سرڪار شروعات کان ئي اُپاءَ ورتا. پرائمري اسڪول بند ڪري، ماسترن کي مقرر ڪيو ويو، ته مزدورن جي مدد سان چريون کوٽائي، ڪَهِه (ڦڪا) مارائڻ شروع ڪئي وئي. اٽڪل چئن هفتن ۾ سڀ ڪَهِه (مڪڙن جي ٻاچ) ناس ڪرائي ويئي. انهي ڊيوٽيءَ دوران سائين سترام داس جي ڏنل ڊيوٽيءَ کي سارهائيندي، کيس مڃتا طور وزارتِ داخلا حڪومتِ پاڪستان طرفان آفرين نامون ڏنو ويو. سال 1971ع ۾ جنگ دوران، سڀني هندوئن کي ضلع بدر ڪيو ويو. سائين سترام داس کي سن ضلع دادوءَ ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي سندن سائين جي. ايم. سيد سان ملاقات ٿي، ۽ سدائين ڪچهريون ٿينديون رهيون، ۽ انهن مان هُن ڪافي ڪجهه پرايو. هُن پنهنجي وقت ۾ هوشيار شاگرد پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي وڏيون منزلون ۽ شهرتون ماڻيون، انهن ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي، امير علي جنجهي سابق دسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، سهيل سانگي، الله داد ٻوهيو ۽ ڊاڪٽر پرڌان مشهور آهن. ڊاڪٽر پرڌان چوندو آهي ته سائين سترام داس پهرين چماٽ مون کي هئين هئي. انهيءَ مان ايڏو فيض مليو، جو آئون اڄ هن وڏي عهدي تي آهيان. سائين هڪ مهان استاد سان گڏ هڪ مهان شخصيت پڻ هو. جنهن جي آشيرواد اڄ به رنگ لائيندي ٿي اچي. دنيا فاني آهي، آخر هڪ ڏينهن هر انسان جي موڪلاڻي ٿيئي ٿي، ۽ سائين به تاريخ 1999-12-11 تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. پر سندس ياد اسان جي دلين تي پڪاسو جي مصوّري وانگر پڪي، ۽ چٽي رنگ سان چٽيل آهي، جا ڪڏهن به مٽجي نه سگهندي. ڀِٽن جو روح سڏي پيو توکي، وري هيل جانم وري آءُ ٿر ڏي!