شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ڏيوجي مل

(01.03.1931 کان 10.04.1998) سواس سواس هرنام جپ، برٿا سواس نه کوءِ، ڪيا جانون انت ڪا، يه سواسا مت هوءِ. استاد ڏيوجي مل جهڙا عظيم انسان، يقيناً پنهنجي جنس ۾ ناياب ۽ اڪيلا هوندا آهن. انهن جو خال ڪڏهن به ڀرجڻ جو نه آهي. پنهنجي فن ۾ يڪتا، اصولن ۽ اخلاقيات جي ميدان ۾ معراج جي بلندين تائين پردان رکندڙ شخصيتن، جن جي فن ۽ عزم کي ڪڏهن به زوال نه هوندو آهي. جن جا مقصد ۽ آدرشي دائمي هوندا آهن. جن کي ڌرتيءَ جي هر ماڻهوءَ سان اڻ ميو پيار ورثي ۾ مليل هوندو آهي. اهڙوئي هڪ عظيم استاد سرڳواسي ڏيوجي مل ماستر پٽ شري مولچند ذات ڪڏيچو، ڳوٺ لوڻيهار ۾ پهرين مارچ 1931ع تي جنم ورتو، سندس ماءُ جو نالو سروپان ٻائي هو. سندس وڏا موچيڪو ڌنڌو ڪندا هئا، چمڙي مان سانداريون، ساندارا، جهاڙولا، ۽ ڪوس ٺاهڻ جا ماهر هوندا هئا. اڪثر 20، 25 ڪاريگر هڪ دڪان ۾ ويهي ڪم ڪندا هئا، جن ۾ هرجي مل، رڻمل، ميهو، مورو، نرڄو، هيرو، هنسو ۽ ٻيا شامل هئا. 1937ع ۾ جيئن ئي ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول منظور ٿيو، ته پاڻ پڙهڻ شروع ڪيائون. جتي پهرين استاد الهبچايو ميمڻ ڏيپلو واسي، ۽ بعد ۾ استاد امرچند اميدو چيلهار واسي تعليم ڏني. سرڳواسي ڏيوجي مل سان گڏ گنگارام هرجي مل، لڇمڻ داس رڻمل، جڳو مل، ميهو مل ۽ سارنگرام هرو مل پڙهيا. تاريخ، اپريل 1947ع ۾ فائنل پاس ڪيو. فائنل پاس ڪري غريبيءَ سبب گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا، ۽ ڪنجهيجهي جي ڀرسان لڏي ويل هندن جي زمين تي، ڪمند جي چيچڙي تي 30 رپيا ماهوار پگهار تي ڪم ڪيو، جتي مڪئي جي ماني ۽ ڳُڙ جي ڪڪري تي ڪافي عرصو گذران ڪيو، چيٽ ۾ وري ڪڻڪ جا لابارا شروع ٿيا، ته ڏيوجي پاڻ به ڀيماسر اسٽيٽ ۾ حاجي امام بخش ولد رئيس حاجي ٻڍوخان، ۽ حاجي شادي گشڪوري جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، ۽ بعد ۾ فضل ڀنڀرو لڳ ڳوٺ نبي بخش گشڪوريءَ ۾ رهڻ لڳو، جتي هن کي رئيسن جا ٻار ٽيوشن تي پڙهائڻ جي لاءِ مليا، جن ۾ گاهي خان، محمد حسن، غلام محمد، فقير محمد، صحبت خان ۽ ٻيا شامل هئا، جيڪي کيس قاضيءَ جي نالي سان سڏيندا هئا. 5 مهينا گذرڻ بعد رئيسن جي ٻارڙن سان گڏ راضي شاهه جي درگاهه تي اچڻ ٿيو، جتي نوڪريءَ لاءِ دعا گهري، ۽ اها دعا اگهامجي وئي ۽ ٿوري عرصي اندر استاد گورڌن داس آچاريه جي معرفت، 1948ع ۾ آرڊر مليو، ۽ پهريون اسڪول ميرپورخاص لڳ ميرو خان مريءَ مليو، پاڻ 1943ع جي ڪانگريسي چونڊن بابت به پنهنجي ڊائريءَ ۾ ڪافي ذڪر ڪيو اٿن. سرڳواسي استاد ڏيوجي مل 1960ع واي ڏهاڪي ۾، نارٿ ڪالوني پرائمري اسڪول مٺيءَ جو بنياد رکيو، جنهن لاءِ پلاٽ شام داس جوشيءَ کان مفت ۾ ورتو، جتي اسڪول ٺاهڻ بعد هُن تعليمي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون. ايتري قدر جو شهر جي وڏي ڳاڻيٽي ۾ ٻار سندس شاگرد رهيا، ۽ اڄ جيڪي سڌريل ماڻهن ۾ شمار ٿين ٿا. پاڻ شادي ڳوٺ آمريو مان، لالو ترڪيو جي گهران، اندازن 1957ع ۾ ڪئي، جنهن مان 3 پٽ سنتوش ڪمار، ايڇ. ايس. ٽي، کيت ڪمار وٽرنري ڊاڪٽر، اوم پرڪاش ايڇ ايس ٽي ۽ ٻه نياڻيون هنجو ٻائي ۽ ساونتري ٻائي اولاد آهي. ڏيوجي مل تعليمي سرگرمين کي جاري رکندي، 10 اپريل 1998ع ۾ ڳوٺ لوڻيهار ۾ هن فاني جھان کي الوداع چئي، آخري مالڪ جي ڌام تي پهچي ويا.