شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

هيمراج پرمار

مور مئو پر ٽور نه مرندي، ماري ڇاڇا ماري سگهندين، گل گل ۾ آ خوشبو بي پناهه، باغ سڄو ڇا ٻاري سگهندين. سُرن جو سرتاج خوشبوءَ سان ٽمٽار گل، سرڳواسي هيمراج پرمار، گجرات صوبي جي سانتل پور کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي ٻکوترا، تعلقه سانتل پور، ضلع بناس ڪانٺا ۾ شري ماڻلداس پرمار ميگهواڙ جي گهر، جنم ورتو. ماڻلداس پرمار کي قدرت هڪ پُٽ ته ضرور ڏنو پر اُهو وري ٻنهي اکين کان محروم هو. تنهن ڪري نه ڪي هو انگريزن جي دؤر کي ڏسي سگهيو ۽ نه ڪي بناس ڪانٺا جي اُداس ڳاڙهي ڌرتيءَ کي ڏسي سگهيو. سور داس هئڻ ڪري نه ڪي گاهن، ٻارن ٻنين کي ڏسي سگهيو ۽ نه ئي وري گام جي هڪ جيڏن سان راندروند ڪري دل بهلائي سگهيو. ائين ڦِڪي ۽ اُداس زندگي گذاريندي، ڪنهن وقت اڪيلائي ۽ تنهائيءَ ۾ ويهي خدا کان ناراض ٿيڻ جو خيال آيس، ته شڪايت واري لهجي ۾ گيت جهونگارڻ لڳو ته، هڪ خوبصورت آواز هن جي گلي مان نڪرڻ لڳو، جنهن آواز ۾ مٺاس به هو ته درد به هو. هيءُ جيڪو پاڻ کي ڏسي نه سگهندو هو پر جڏهن هن پنهنجو ئي آواز پنهنجي گلي مان نڪرندي ٻڌو، ته پاڻ سان گڏ هن سموري آس پاس جي ماحول کي ڏاڍو پُراسرار بنائي ڇڏيو. ائين وقت جو پکيئڙو پرواز ڪندو رهيو، ۽ هِن به پرواز ڪندي، جڏهن جوڀن واري جوانيءَ ۾ قدم رکيو، ته آخري گيت پنهنجي گام ۾ ڳائي اچي حيدرآباد سنڌ ۾ ديرو ڄمايو، يا کڻي ائين چئجي ته حيدرآباد ۾ پنهنجو ٻکوترا گام ٺاهيو، جيئن مٽي ۽ وطن جي ياد سندس سيني ۾ سمايل رهي. حيدرآباد شهر ۾ رهندي ڳائڻ وڄائڻ کان علاوه صوفي ازم جو به پرچار ڪرڻ لڳو، ۽ پاڻ مڪمل طور صوفي بڻجي ويو. سدائين سادو لباس، ڪنڌ ۾ لڏندڙ ڳاڙهو ٽوال، وڏا وار ۽ يوڳ اسٽائيل ۾ ويهڻ وارو انداز هن جي سڄاڻپ بنجي ويو، ته سندس چاهيندڙن جو تعداد به وڌندو ويو ته سندس ڳلي مان نڪرندڙ آواز به ڏُور ڏُور تائين پکڙنجندو رهيو ۽ ماڻهو انهيءَ سحر واري آواز ۾ مدهوش ٿيندا رهيا، ته اهو سحر سانتل پور کان هجرت ڪري ايندڙ لکو پٽ ڏيوو راٺوڙ وٽ جيمس آباد ۽ پوءِ پنگريو پهتو، ته هڪ ئي درديلي ڌرتيءَ سان تعلق هئڻ ڪري انهن جي نينهن جو ناتو گرو چيلي ۾ تبديل ٿي ويو، ۽ اڪثر مهينن جا مهينا اهو سور داس فنڪار جمس آباد ۽ پنگريو شهر ۾ گذاريندو هو. اهو خوبصورت آواز وارو ڪلاڪار پياڪ به وڏو هو. هو موکي جي مٽن جا مٽ پي ويندو هو، ۽ بي حجاب پيئڻ کانپوءِ لطيف وارو تنبورو کڻي جڏهن سورٺ راءِ ڏياچ واري ٻيجل جيان ساز ڇيڙيندو هو، ته سڄو ماحول تبديل ۽ پُراسرار ٿي ويندو هو، ۽ هن فنڪار جون فنڪاري آڱريون تنبوري جي تارن کي ڇيڙڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجي گلي مان آواز ڪڍندو هو، ته سڄي ماحول کي عجيب و غريب بڻائي ڇڏيندو هو، ته جهونا جوڳي خبر نه آهي ڪهڙي خيالن ۾ يا ماضي جي مزارن ۾ جهاتي پائي روئڻ لڳندا هئا. پر هي سور داس ڪلاڪار انهن جا ڳوڙها ڏسڻ کانسواءِ، پنهنجي اندر جا اُڌما ٻاهر ڪڍندو رهندو هو. اندر ۾ ته هي روئندو هو پر اُن جي لڪل ڳوڙهن کي ڪير به ڏسي نه سگهندو هو. اهي صرف هُن جي سُر جا عاشق هئا يا ته اُهي اُن جي سُرن ۾ پنهنجو جوڀن ۽ جِيوَن ڳوليندا هُئا ۽ هڪ ئي هنڌ ۽ هڪ ئي آسڻ هڻي سڄي سڄي رات ڪلا جا سُر وکيريندو رهندو هو. نه وري موکيءَ جا مٽ ان کي مدهوش ٿيڻ ڏيندا هُئا. ۽ نه ئي وري گلي مان نڪرندڙ آواز ان کي ٿڪائيندا هُئا. هيمراج پرمار صاحب مڪمل اڻ پڙهيل هوندي به شاهه صاحب، سچل سرمست، سامي، بابا بلي شاهه، بابا فريد، ڪبير ڀڳت ۽ ميران ٻائيءَ کانسواءِ انيڪ صوفي شاعرن جا هزارين هندي، سنڌي، سرائڪي گيت، غزل ۽ ڪلام کيس بر زباني ياد هوندا هُئا، ته مختلف راڳن ۽ سُرن تي پڻ عبور حاصل هو. وڏن وڏن صوفي شاعرن جا ڪلام ڳائي ڪري پاڻ به صوفي ازم واري شاعري ڪري گيت ۽ غزل جوڙڻ لڳو، ته پاڻ ئي انهيءَ جي موسيقي ڪمپوز ڪندو هو. هيءُ هڪ بهترين موسيقار پڻ هو. گڏوگڏ انهي وقت جي قديم سازن جھڙوڪ باجو، ڍولڪ، ڌڪڙ، پڪواس ۽ لطيف وارو سازندو وڄائڻ جو به وڏو فن ۽ ڄاڻ رکندڙ هو. پنگريو شهر جي هڪ خاموش قبرستان ۾ سانتل پور ۾ جنم وٺي، 80 سالن جي ڄمار ۾ موڪلائي، آرام ڪندڙ ڀڳت ڏيوو راٺوڙ جيان جڏهن هن سور داس ڪلاڪار کي به وطن جي چٺي ۽ مٽي جڏهن گهڻو ستايو، ته هن به پنهنجي جنم ڀوميءَ واري ديس جي حاضري ڀري، من اندر کي شانت رکيو. مڪمل صوفي سنت فقير هئڻ ڪري هندوستان جي سڀني مندرن ۽ مزارن تي حاضري ڀري، وڏو روحاني سِڪون حاصل ڪيو. رام ديو پير صاحب جي سماڌي رڻونجها ۽ پرڪرڻ مندر جي حاضري ڀرڻ مهل، هن سورداس صرف سُر ۽ سنگيت جي ڪلپنا ڪئي، ته اها ڪلپنا پوري ٿي ۽ سور داس ڪلاڪار کي سُر ۽ سنگيت سان مالا مال ڪيو ويو. شري هيمراج پرمار صاحب کي سُر راڻي تي مُڪمل عبور حاصل هوندو هو. جڏهن سُر راڻو ڳائيندو هو ته هن تي هڪ عجيب قسم جو وجد طاري ٿي ويندو هو، ۽ پوءِ اهو وجد ٻڌندڙن تي جادوءَ جو اثر ڇڏيندو هو، ۽ ماڻهو اُنهي سحر ۾ تڙپندا گرفتار ٿيندا ويندا هئا ۽ جڏهن باک ڦٽندي هئي، تڏهن اسر مهل هن سور داس کي پنهنجي اندر ۾ راڻي جي مومل کي چتا تي چڙهڻ جو قرب محسوس ٿيندو هو، ته هن جون فنڪار آڱريون وڇوڙي واري سُر تي ورلاپ ڪنديون هيون، ۽ جڏهن سُر راڻو ڳائيندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ته اهو مومل ۽ راڻي جو وڇوڙو نه پر اصل روحاني ميلاپ آهي، ۽ ٻڌندڙن جي دلين ۾ اهو خيال جنم جنم جهوٽا کائيندو هو ته ڪاش ڪنهن ڪاري چڳ تي رات نه کٽي، ۽ پرهه نه ڦٽي ۽ مومل راڻي جو ملن هر جنم ۾ ٿيندو رهي، ۽ ماڻهو صدين تائين سُر راڻو آلاپندا رهن ۽ مومل ماڻيندا رهن. هن سور داس سنڌ ۽ هند جي سمورن ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ صوفي ازم جا صوفياڻا ڪلام ڳائي، هندو مسلم ايڪتا جو شاندار مظاهرو ڪيو، ۽ سموري سنڌ کي پڻ متاثر ڪيو ۽ هندو مسلم لوڪ، هن فنڪار کي ڪنور ڀڳت جو ٻيو جنم پڻ چوندا هئا. سموري عمر سُر سنگيت کي ارپندڙ هن فنڪار ڪڏهن به ڌن دولت جي پرواهه نه ڪئي، ۽ نه وري سيني ۾ پلجندڙ ڪنهن خواهش يا شهرت کي اڀارڻ ڏنو. سڄي عمر ڪنوارپ (برهم چاريه) ۾ ڪٽي ڇڏي پر ڪڏهن به هن ڪنوارن جذبن کي هن ڪوڙي سنسار جي ورچڙهڻ نه ڏنو. بس هن جي پنهنجي دنيا هُئي، هي هو ۽ ساز آواز هئا. هن جا ڪئين چاهيندڙ به هُئا ته هي به ڪنهن کي چاهيندو هو. جنهن جو نالو داني داس ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪو پڻ فقيري طبعيت وارو ساڌو سنت هو. جڏهن ساڌو سنت داني داس درويش حيدرآباد واري جي پيرن جي خاڪ کي چُمي، پنهنجي منهن تي مکي، ته بدلي ۾ هن بزرگ هن سور داس فنڪار کي دعائن سان رڱي، وڌيڪ سُر سنگيت جا نوان نوان لاڙا، گس ۽ انداز سيکاريا، ته هي سڄو سون بڻجي ويو، ڄڻ پارس، بس ڇُهڻ جي دير هُئي. هن جي آواز جو جادو جڏهن جھلم، بياس ۽ ستلج جي سينن کي چيريندو اڳتي راوي ڪناري تي پهچي ويو. تڏهن اهو دؤر اُهو هو جڏهن هندوستان جي فلم ”انمول گهڙي“ جو هيرو دليپ ڪمار ۽ هيروئن نور جھان هُئي، جنهن کي ملڪه ترنم جو لقب مليل آهي. پر جڏهن نابين هوندي سئنيما ۾ وڃي فلمون ڏسندڙ سور داس فنڪار جي خوبصورت ۽ درديلي آواز سنڌ جون سرحدون اورينگندو وڃي مهاراجه رنجيت سنگهه جي ڏيهه لاهور پهتو ته اُن آواز جو پڙاڏو وڃي اداڪاره ۽ فنڪاره ملڪه ترنم نور جھان جي ڪنن تي پهتو، ته اهڙو سريلو ۽ شاندار آواز، ۽ سُر ٻڌي نور جھان جا ڪن کڙا ٿي ويا. هي آواز جي دنيا جو هڪ انمول ۽ اڀرندڙ ستارو هو جنهن نور جھان جھڙي ان وقت جي وڏي ڪلاڪار راڻيءَ کي به متاثر ڪري وڌو، ته هن يڪدم نوان ويس وڳا پائي، چپن تي لالي پائوڊر لڳائي، لاهور کان نڪري اچي ٿڌي راتين کان مشهور شهر حيدرآباد پهتي، ۽ اچي انهي سور داس فنڪار سان ملاقات ڪئي، ته ٻنهي اکين مان محروم ۽ اُداس انسان سان ملي متاثر ته گهڻي ٿي پر سندس جادوئي آواز تي حيران به ٿي. ميڊم نور جھان جڏهن انهي سور داس فنڪار کي پاڻ سان گڏ گانا ڳائڻ لاءِ التجا ڪئي، ته هي فقير انڪار ڪري نه سگهيو، ۽ پوءِ نور جھان ۽ اُنهي سور داس فنڪار ٻنهي گڏيل ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڳائي، آواز جو جادو سموري ڏيهه ۾ ڦهلايو. جيڪو اڄ به جهونن جوڳين کي ياد هوندو. حيدرآباد جي نيو ميجسٽڪ سئنيما ۾ سڀ کان پهرين هنن گڏجي گانا ڳايا. نور جھان سان گڏجي گانا ڳائڻ جي شهرت جڏهن دور دور تائين پهتي، ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن پڻ هن جي آواز ۾ صوفين جا صوفياڻا ڪلام رڪارڊ ڪيا. جيڪي اڄ اسان جھڙن کي ٻڌڻ لاءِ ڪونه ٿا ملن. ۽ انهن کي ڳولهڻ جي سخت ضرورت آهي. جيئن اڄ اسين ماضيءَ جي گمنام ٿي ويل سور داس فنڪار جا ڳايل ڪلام ٻڌي، ماضيءَ جي دنيا ۾ سفر ڪري سگهون، ته گڏوگڏ ماضيءَ جي موسيقي ۽ سُرن سان روشناس ٿي سگهون. ماضي، جيڪو انسان جو خوبصورت آئينو هوندو آهي. هي سور داس سنت، حيدرآباد ۾ رهڻ دوران ڪيترائي چلا ڪڍيا، جنهن ۾ چاليهه ڏينهن تائين ڪجهه به نه کاڌائين ۽ وڃي حقيقي ۽ روحاني رمز کي پروڙي ورتائين، ته آخرڪار پنهنجي موت کان صرف هڪ هفتو اڳواٽ پنهنجي چاهيندڙن کي اهو ٻڌايو ته هو ايندڙ سومر واري ڏينهن اوهان جي دنيا کان موڪلاڻي ڪندو، ۽ منهنجي خواهش آهي ته منهنجا چاهيندڙ سومر تي موڪلاڻيءَ واري ڏينهن مون وٽ اچن، جيئن آئون انهن سان خوب آخري ڪچهري ڪري، انهن جو موجودگيءَ ۾ موڪلايان. گڏوگڏ هيءَ وصيعت به ڪري ڇڏي ته منهنجي مڙهه کي ٽنڊوالهيار واري راما پير جي مندر جي احاطي ۾ سماڌي ٺاهي دفن ڪن. دنيا جي دنياوي لوڪن ته اهو مذاق سمجهيو پر ان جي سچن چاهيندڙن ان کي سچو ۽ پڪو سمجهيو، ته هاڻ هي فقير پنهنجا لڏا کڻڻ وارو آهي، ۽ هن جي منزل هاڻي ٻئي دنيا ۾ آهي. پورو هفتو راما پير جو مندر، اُن جي چاهيندڙن سان ڀرجندو رهيو، ننگر پاڻي جو نياز به هلندو رهيو ته رات جو ست سنگ جون محفلون پڻ مچنديون رهيون (وڪرم سنبت مطابق 2026) عيسوي سال 1969ع سومر واري شام، هزارين چاهيندڙن جي موجودگيءَ ۾، بلڪل صحتمند حالت ۾ يوڳ اسٽائيل ۾ آسڻ ۾ ويهي، امرت جو فاني پيالو پي، هن فاني سنسار کان مرڪندي موڪلاڻي ڪئي، ته هزارن جي تعداد ۾ سندس چاهيندڙ، جن جا من ته اندر ۾ اداس هئا، پر انهن جا چهرا پرسڪون هئا. ان ڪري جو سندس سور داس سنت مرشد فقير ۽ ڪلاڪار جو چهرو پرسڪون هو. هن شخص کي ڪير به وساري نه ٿو سگهي، ته ماضيءَ جي مزار بڻيل تاريخ جو هڪ وڏو ۽ معتبر نانءُ، ذهن جي اسڪرين تي تري ايندو، جيڪو اڄ به ٽنڊو الهيار مندر ۾ آرامي آهي، جنهن جو نالو ميگهواڙ ٻاپو امر هيمراج پرمار آهي. ان مهان ميگهواڙ ڪلاڪار جو ذڪر، سائين تيرٿداس اميداڻي صاحب، پنهنجي ڪتاب ميگهه ونس اتهاس، ۽ ايف سي راٺوڙ پنهنجي ڪتاب، ”تاريخ، ڌرتي ۽ درد“ ۾ پڻ ڪيو آهي.