شرح حُجة الله البالغه, ليکڪ : مولانا عبيدالله سنڌي

شرح حُجة الله البالغه

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : شرح حُجة الله البالغه
ليکڪ : مولانا عبيدالله سنڌي
سنڌيڪار : مولانا محمد انس راڄپر
ڪيٽيگري : ڏاهپ / اخلاقيات
ڇپيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي
شايع ٿيڻ جو سال : 2016
شامل ڪيو ويو : 2017-03-17
ڏِٺو ويو : 10492 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1679 ڀيرا
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ڏاهپ / اخلاقيات مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ