اي چنڊ ڇا ڏسين ٿو؟ منهنجو نصيب ٿيو آ،
ڏس ڏس نهار! مونکي هي ڪير قريب ٿيو آ.
وڌ چاندنيءَ چنچل، ڪومل پُسيءَ گُلَ کان،
پٽ کان نرم ۽ ڪنئورو مهمان مجيب ٿيو آ.
ڇا ڪو صبح مڃيندو؟ پر تون ته روبرو هين،
شاهد ٿجان هي هيڏو ويجهو حبيب ٿيو آ.
ڏس! هي ڪلهن ۾ ٻانهون مرڪي تڪڻ اکين ۾،
اڳ ۾ ڏٺئي ائين ڪو اڄ جيئن عجيب ٿيو آ.
چاهت، بهار، جوڀن، چانڊوڪي رات رم جهم،
خلوت صنم ۽ “خاطي”، موقعو عجيب ٿيو آ.