شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

ٻه دليون ملن ٿيون دنيا ڇو سڙي ٿي،

ٻه دليون ملن ٿيون دنيا ڇو سڙي ٿي،
ڀلا ڇا ٿِي پيو جي محبت وڌي ٿي.

ڇا بگڙيو دنيا جو ٻه مرڪي مليا جي،
ويهي ڪنهن جي ڪنهن جا ٻه ڳوڙها اگهيا جي،
ڀلائي ڪرڻ سان ته دلڙي ٺري ٿي.

نه ڪوڙن ٺڳن ۽ نه چوريءَ کان نفرت،
نه جواري شرابي ۽ خونيءَ کان نفرت،
پريميءَ کان پو ڇو نفرت لڳي ٿي.

جتي گل ٽڙن ٿا ته ڀنئور ڦرن ٿا،
اهي بي ڊپا ٿي گلن کي چمن ٿا،
ته پروانه ايندا شمع جي جلي ٿي.

جن خان محمد نه محبّت ڏٺي آ،
انهن کي خبر ڇا ته محبت مٺي آ،
محبت ۾ ڪيرئي کي راحت ملي ٿي.