مذاق ڄاڻي کلي ڏنو تو،
مون چيو ڄڻ کنوڻ ڪري پئي،
ٽهڪ ڏنو تو ته ٽاهه کائي،
چمن منجهان ڊيل ڄڻ اڏي پئي.
غمن الائي خوشين جا ڳوڙها،
تنهنجي ڳلن تي ڏسي لڳو ڄڻ،
گلاب نرگس کي هير لوڏيو،
ته ماڪ تن تان ڪري ٽمي پئي.
چمين مِٺين جي مٺاڻ کان وڌ،
مٺو مٺو آ سڀاءُ تنهنجو،
چپن کي چوري ٻه ٻول ٻوليئي،
موتين جي ڄڻ ته مالها ٽٽي پئي.
سفيد رخسار ڄڻ ته چاندي،
حياءُ کان لال ٿي پيا سي،
جي پاند منهن تان لٿو ته شيشي،
جي گهر ۾ ڄڻ باهه ڪا ٻري پئي.
انداز سهڻو ڪري جو بيٺين،
سڀئي شيون پنڊ پهڻ ٿي ويون،
جي ٻانهن لوڏي هلڻ لڳين تون،
ته توسان هر چيز گڏ هلي پئي.
نه سونهن تنهنجي چٽي سگهي ٿو،
نقاش قاصر نقل ڪرڻ کان،
برش قلم ڪيريو ٿڪا سڀ،
حسن ڪٿڻ لئه ڪٿا ٿڪي پئي.