مليو هي درد مونکي پو ٿيو سڀ ڪجھ ته ڄڻ حاصل،
اها دل ڪين دل چئبي ڏکن کان خالي آ جا دل.
ڏنو مونکي مٺل منهنجي آهي هِي درد تحفي ۾،
ڪئي جا مهر محبوبن نه آهيان مان انهي قابل.
مزو منهنجي ئي مارڻ ۾ مليو هن کي جِي بسـم الله،
دعائون دل ته ڏيندي آ، هجي خوش شال هو قاتل.
ڀري جي سرڪ سورن جي، مون وانگي جي ڏسو هيڪر،
رهو پوءِ ڪين ڪي ڪڏهين گھڙي هڪڙي به ٿي غافل.
هنن سورن جي صدقي ۾ ملي منزل آ “خاطي” کي،
نه ڪا پرواهه ان جي آ سڏيو مونکي کڻي پاڳل.
مون ڏي تون ڊُڪي آئين ان مهل وڻئين ڏاڍو،
کلي نيڻ کڻي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.
هڪ ڦول اڳي چهرو، ذلفن جو مٿان ان جي،
گل ٻيو به ڪڍي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.
ڪڻيون پي ٽميون ڪي ۽ وارن ۾ ڪي اٽڪيل،
مينهن ۾ پسي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.
پهراڻ اڇو پائي، ڪارائيءَ ۾ ڪارو،
سڳڙو تون ٻڌي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.
ڪچڙيءَ منجھند جو ڪلهه نلڪي تي منهن ڌوئڻ،
ننڊ مان تون اٿي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.
چانڊوڪيءَ ۾ سهڻا چوڏهينءَ جي چنڊ هيٺان،
سنبري ۽ ٺهي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.
ڦاٽلڙا لٽا ٿورا ۽ وار ٽڙيل اڻڀا،
سرمو نه وجھي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.
رومال هيئي هٿ ۾ چشمو به لڳل “خاطي”،
جهلي ڪار لهي آئين، ان مهل وڻئين ڏاڍو.