شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

مس مس آ مٺا تنهنجو ديدار نصيب ٿيو،

مس مس آ مٺا تنهنجو ديدار نصيب ٿيو،
هي دوريون ڇڏي دلبر ڪجهه هاڻي قريب ٿيو.

تو ساهه ٿڌو ڀريو ٿي پيار پيو پڌرو،
اڄ اوچتو هي واقعو ڪيڏو نه عجيب ٿيو.

تو هڪڙو پهر پيارا آ نانءُ ڪيو منهنجي،
هاڻي ياعمر تنهنجي نالي هي غريب ٿيو.

جذبن کي ڪيئي جيئرو، سڀ پهرا ٽپي پهتين،
تاراج ته اڄ سارو رسمن جو صليب ٿيو.

لاعلاج ته ٻيا پڻ ها، پر ڀاڳ ٿيو منهنجو،
“خاطيءَ” جي قسمت تو جھڙو طبيب ٿيو.

