شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

اِتي بيهه ڪجھ اک ملائي وٺان مان،

اِتي بيهه ڪجھ اک ملائي وٺان مان،
هي جلوا اکين ۾ سمائي وٺان مان.

اکين منجهه صورت ڦرڻ جو فسانو،
حقيقت انهي کي بنائي وٺان مان.

سهڻي تنهنجي صورت اکين ۾ اتاري،
سدائين لئه سهڻا لڪائي وٺان مان.

پنهنجي منهن توسان پوءِ ڳالهيون ڪندس پيو،
سڄڻ روبرو ڪجھ ٻڌائي وٺان مان.

عمر کان رني دل نماڻي آ “خاطي”،
گھڙي کن انهي کي کلائي وٺان مان.

