سَتَني سرن جو ٿيو پڙلاءُ،
خوش ٿي جڏهن جاني کليو.
ذلف جي ڌوئي ڇنڊڪو ڏنائين،
وڻ ٽڻ سارا لوڏي ڇڏيائين،
ڦڙ ڦڙ مان ٿي ڦهليو هڳاءُ،
وايو منڊل ڄڻ مهڪي پيو.
وار سڪائي هن جي ٽيڙيا،
مور پکيءَ ڄڻ کنڀ پکيڙيا،
ڇيڙڻ تن کي لڳو جو واءُ،
نانگن جو تن آ روپ جهليو.
سينگار ڪري جو چانڊوڪيِءَ ۾،
سير تي نڪتو سائي ٻنيءَ ۾،
قابلِ ديد هيو هي نماءُ،
ڄڻ وک وک سان ٿي چنڊ جھڪيو.
هن کي جن به ڏٺو ئي ناهي،
ڪيريو تن کي ڪيئن ٻڌائي،
تشبيهن مان حقيقي ساءُ،
آ “خاطي” ڪڏهين ڪونه مليو.