سکي زندگيءَ جو هو سپنو ڏٺو مون،
سو سپنو سندر سون ورنو ڏٺو مون.
اميدن چمن ۾ اچي وئي بهاري،
گلن جي نمونن به رنگت نکاري،
چنبيلي ۽ چمپا ڪو ڪرنو ڏٺو مون،
سو سپنو سندر سون ورنو ڏٺو مون.
اوندهه ۾ ڊوڙِي ٿڪجي پيس مان،
انهي ڪرڻي تائين نه پهچي سگهيس مان،
حقيقت ۾ شايد هو جگنو ڏٺو مون،
سو سپنو سندر سون ورنو ڏٺو مون.
اگر ڪاش! سپنا جي ساڀيا ٿين ها،
نه هي حال ڪيرئي جا هرگز هجن ها،
حياتيءَ ۾ “خاطي” کي مجنون ڏٺون مون،
سو سپنو سندر سون ورنو ڏٺو مون.