شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

اڄ رات سڄي مون ڏٺا،

اڄ رات سڄي مون ڏٺا،


ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

ڪا وادي پهاڙِي آ،
جت پاڻ آهيون مليا،


ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

ڪا شاڪ لڳي وئي ڄڻ،
هَٿَ جينءَ هٿنِ ڇهيا،


ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

پٿرن تي ويٺا آهيون،
پيا تيز وهن جهرڻا،


ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

تون مان ٻئي وڻ هيٺان،
برسات جا ها سٽڪا،


ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

هڪ وڻ جي مٿان ٿڙ تي،
ٿي پاڻ نالا لکيا،


ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

تيئن پاڻ اڏامون پيا،
جيئن ڪائي اڏامي هوا،


ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

گڏ رنگ برنگي سڀ،
پوپٽ به اٿئون پڪڙيا،


ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

ڏاڍي آ خوشي “خاطي”،
گڏ ڳايون پيا نغما،


ڄڻ لوڏ لهر سپنا.

اي ڪاش هي ڪيرئي جا،
سڀ شال ٿين ساڀيا،


ڄڻ لوڏ لهر سپنا.