مونکي کلندي تو ڏٺو، پر ڪاش روئندي تون ڏسين،
منهن تان لارون لڙڪن سنديون، اي ڪاش وهندي تون ڏسين.
وسري ويون سڀ کل خوشيون، ٿي رات سڏڪن سان کٽي،
هِي بسترو ڪوسن ڳوڙهن سان ڪاش پُسندي تون ڏسين.
اوهيرا اوهيرا ڪري، جئن مينهن ساوڻ جو وسي،
منهنجي اکين مان آب تئن، ئي ڪاش وسندي تون ڏسين.
مرڪون چپن تي ٿو ڏسين، سمجھو ٿئي ڪو ڏک نه ٿم،
لوڪان لڪي جي لڙڪ لاڙيان، ڪاش اگھندي تون ڏسين.
سڏڪن اڇنگارن سندا، نغمه ڦٽن جي دل منجھان،
“خاطي” ڪڏهن محفل اندر، سي ڪاش چوندي تون ڏسين.