تنهنجي حجابن ۾ آ ڪشش ديدار تنهنجي ۾ ڇا هوندو،
ساءُ ملي ديدار منجهان گفتار تنهنجي ۾ ڇا هوندو.
تو جي کلي هٿ يار ملايا مون به چمي چشمن رکيا،
هٿڙا ملائم هيڏا نرم رخسار تنهنجي ۾ ڇا هوندو.
ريءَ ڪجل هِي نيڻ ڪڪوريل، ڄڻ ته ملهاري چپڙن تي،
سادگي ايڏي سونهن ڀري سينگار تنهنجي ۾ ڇا هوندو.
تنهنجي جفا مسرور ڪري ٿي رنگ وفا جا ڇا هوندا،
قرب ملي انڪار منجهان اقرار تنهنجي ۾ ڇا هوندو.
سوچ عقل عاجز ٿي پيا اسرار اڃا تنهنجا اڳتي،
ڪاوڙ ماکي مصري آ “خاطي” پيار تنهنجي ۾ ڇا هوندو.