آجيان ڪئي پيار سان هر گھٽي هر گس هئي،
هن شهر ۾ چاهه جي ڪا چکي مون چس هئي.
مون جڏهن هن کي ڏٺو ساهه ڄڻ نڪري ويو،
هن جڏهن مرڪي ڏٺو پئي نچي نس نس هئي.
ٿي مسلسل محب وٽ مينهن مرڪن جو وٺو،
قرب جي ڪڪرن سندي ٿي وئي ڄڻ لس هئي.
نيوڪلاٿ ۾ حسن جا ڇا ته سهڻا رنگ ها،
ڪامڻين جي هل اتي ڪيڏي ڪلهي گس هئي.
اگھ وڏا، ريشم گلي پو به چاهت چوٽ تي،
وٺ وٺان واپار جي هر گهڙي هٿ- کس هئي.
مون بچڻ جا ڪيترا وس ڪيا حيلا ڪيا،
دل ته پنهنجي هئي مگر ٿِي وئي پَر _ وس هئي.
هاڻ ويراني ڏسي، هانوَ ۾ هٿ ٿا پون،
ڄامشوري پل وٽان ڪالهه ڪيڏي وس هئي.
“رنگ” مون وٽ جام هو، راند هاريان ڪين ها!
پر هنن دوکو ڪري ڪئي پتي جي ڏس هئي.
ٻاٽ ڪاري رات کي ڪير چيري چمڪيو،
بس رڳو هڪڙي ته تيلي سنهي باڪس هئي.
ننڊ کان نفرت اٿم ان گھڻا غافل ڪيا،
ها! نهوڙي پڻ سسئي ننڊ ۽ آرس هئي.
مون ٿڪي مايوس ٿي ڪين ڪا ساهي پٽي،
سوڀ “خاطي” عشق ۾ پو ملي مس مس هئي.