دل به توکي ڏنم، جان توکي ڏنم،
ساهه صدقي ڪيم، تنهنجي خاطر صنم،
سور سر تي سٺم، ڏک ڏاڍا ڏٺم،
حال هيڻا ٿيم، تنهنجي خاطر صنم.
توسان هر موڙ تي آ وفا مون ڪئي،
ڪهڙي ڄاڻي خدا ٿو خطا مون ڪئي،
منهنجو ڪهڙو جرم، جو مليو غم الم،
ٿي خوشي وئي ختم، تنهنجي خاطر صنم.
دوستن ۽ عزيزن به پاڳل چئي،
هٿ ڪڍيو سو جواني به اجڙي وئي،
سڀ طرف کان ستم، روز مليو زخم،
سڏڪي سڏڪي رنم، تنهنجي خاطر صنم.
توکي راضي رکڻ ڪاڻ ڪوشش ڪري،
هر شيءِ حاضر ڪيم جهول “خاطي” ڀري،
خاص رکجو ڀرم، ۽ ڪجو پيا ڪرم،
مون آ ورتو جنم، تنهنجي خاطر صنم.