شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

هر ڪنهن کي آهي تنهنجي ديدار جي تمنّا،

هر ڪنهن کي آهي تنهنجي ديدار جي تمنّا،
هر دل مٿان آ حاوي اِن پيار جي تمنا.

ماڻهو مَلَڪَ ۽ جن ڇا ، مڇيون گھرن دعائون،
سڀ جانور پکي پڻ تنهنجون ٿا ڪن پڇائون،
تو دلربا جي درشن اک ٺارَ جي تمنا.

گلشن جا گل ۽ مکڙيون ، وڻ ٽڻ ۽ گونچ سارا،
حيران سڀ ڏسڻ لئه سج چنڊ ۽ ستارا،
سڀني کي آهي جلوي ، جهلڪار جي تمنا.

بدحالَ مون مٿان بس تو يار جي نظر ٿئي،
ڪيرئي جي تنهنجي قدمن ۾ زندگي بسر ٿئي،
“خاطي” خان محمد خاڪسار جي تمنا.