ڪين سمجھو مان قلم مان مس ٺلهي ڳاڙيان پيو،
دل جي دردن کي لکي ڪاغذ مٿان هاريان پيو.
منهنجون ڪيهون روز ريهون ڪو ٻڌڻ وارو نه آ،
پنهنجي پَرِ ۾ مان پڪاري اڀ سڄو ڦاڙيان پيو.
آ پيالو ڄڻ پنو هي اوتي جذبا ان اندر،
لڙڪ لاڙي سور ڏک جي لوڻ کي ڳاريان پيو.
صاف لفظن ۾ کڻي چئو جيئرو آهين اڃا؟
دوستو ڇو ٿا پڇو مان ڪئن ڀلا گھاريان پيو.
هي به هن جي ياد جو مؤثر نمونو سمجھجو،
روز مان هن جي ذڪر سان دل دکي ٺاريان پيو.
هو ته پائي جھاتڙي گم ٿي ويو پردي اندر،
مان مسلسل ايندي ويندي سا دري تاڙيان پيو.
سال ٿيا ناهي مليو هو پر اڃا وسريو نه آ،
ديپ دل ۾ اڄ به هن جي ياد جا ٻاريان پيو.
وڻ وليون ٻوٽا پکي سارينِ جئن وسڪار کي،
تئن الا “خاطي” سڄڻ کي ساهه سان ساريان پيو.