جڏهن توکي سنسار سارو ڇڏيندو،
تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.
جڏهن مطلبي جڳ توکان منهن مَٽيندو،
تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.
جنهين جي اشاري تي اڄ تون ڪڏين ٿو،
ڇڏي هيٺ ڌرتي مٿي تون اڏين ٿو،
جڏهن پاڻ تنهنجا اهو پر پٽيندو،
تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.
رکيئي ماڻ ماپو منهنجي مفلسيءَ جو،
مگر ڪونه ڄاتئي قدر مخلصيءَ جو،
جڏهن ڪم ڪڍائُو ، نه ڀيرو ڀريندو،
تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.
نه نوڪر نه ناڻو سدائين محافظ،
ٿجي ڏاڍ سان ٿو نه سينن تي قابض،
جڏهن سا حقيقت تنهنجو مَنُ مڃيندو،
تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.
ڪيان ڪهڙا تنهنجا پتا پار پڌرا،
سَٺا ڪنهن ٿي تنهنجا ڀلا ناز نخرا،
جڏهن وقت توکي اهو ياد ايندو،
تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.
جهان جي جهنجهٽ ۾ جڏهن جيءُ جُهرندءِ،
ڪو همراز هم دم ڳوليو نه لڀندءِ،
جڏهن ڳجهه ڪو توکان نه پڇندو سليندو،
تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.
ڀٽائيءَ جي درگاههَ تي حاضريءَ کان،
دلي چين خاطر ٻڌڻ شاعري کان،
جڏهن سنگدل ساٿي توکي جهليندو،
تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.
سدائين نه “خاطي” متل هوندو ميلو،
اٿئي سج ٻه پاڇا جي سوچين سويلو،
جڏهن جيءُ تنهنجو وڇوڙو وڍيندو،
تڏهن توکي “خاطيءَ” جو احساس ٿيندو.