آڙاهه عشق جي جِي اڌمن ڀري ڪهاڻي،
ڪنهن سان ڀلا سا سليان صدمن ڀري ڪهاڻي.
دلڙي جلي ڀسم ٿِي آ برهه باهه ٻاري،
ڦٽڙا ناسور ٿِي پيا، تن مان آ خون جاري،
دل ۾ دکن ٿا دونهان، دردن ڀري ڪهاڻي.
ڪانهي ڪا موج مستي، وسري وئي خوشي آ،
شب روز آهي ڳڻتي، ٿي زهر زندگي آ،
آ سوز ۽ سورن جي سڏڪن ڀري ڪهاڻي.
مجبورين آ مون سان بس ڇيهه ڪري ڇڏيو جو،
سانڍي نٿو سگهان مان هي هانءُ ٿو ڏري پيو،
اٿلي پئي اکين مان لڙڪن ڀري ڪهاڻي.
ڪوئي نه حال محرم، ڪوئي نه حال ڀائي،
تڙپائي ٿي غمن ۾ پلپل پئي تنهائي،
فيراق ڦوڙائي جي فڪرن ڀري ڪهاڻي.
اڌ پنڌ ۾ او “خاطي”! گهائي صنم نظر سان،
ٿي ڌار همسفر ويو جيون جي شاهراهه تان،
رهجي وئي اڌوري قربن ڀري ڪهاڻي.