اسان جو پيار اڻپورو،
اسان جو پيار اڻپورو.
سڌو سچ پڻ چيوسين ٿي، ڪڏهن ڀوڳن مذاقن ۾،
ڪڏهن رومال ۾ ويڙهي، ڪڏهن گونگن اشارن ۾،
لکياسين شعر هي ڏاڍا، رسالن ۾ ڪتابن ۾،
الائي ڇو نه سمجهيائون، رناسين رهگذارن ۾،
ڪياسين وس ٻڌائڻ لئه، رهيو اظهار اڻپورو!
اسان جو پيار اڻپورو.
اسان جو پيار اڻپورو.
مرڪ جا خوب لهجا ۽، عجب چرپر به چپڙن جي،
غضب جا گل جهڙا غمزه، نزاڪت ناز نخرن جي،
ترن جي ڇا ته بيهڪ آ، وڌائن سونهن ڳلڙن جي،
اکيون ڍاپن نٿيون ڏسندي، سريلي سونهن سهڻن جي،
ڪيون محسوس دم دم ٿا، ٿيو ديدار اڻپورو!.
اسان جو پيار اڻپورو.
اسان جو پيار اڻپورو.
ڏنوسين ڏئي ڇڏيوسين بس، وري واپس نه ورتوسين،
اسان کي ڪنهن ڏنو ٿورو، ڦٻائڻ ڏوهه سمجهيوسين،
سچائي سادگي ۾ خود، کرو کوٽو نه پرکيوسين،
سڃاتوسين کڻي ڪنهن کي، نه ٻاڙو پو به ٻوليوسين،
وٺڻ وڪڻڻ نه ڄاتوسين، رهيو واپار اڻپورو!
اسان جو پيار اڻپورو.
اسان جو پيار اڻپورو.
نه پنهنجن يا پراون ۾، گهڻو مقبول ڪو ٿياسين،
سڏي وچ ۾ وهارن هُو، سو اِن لائق نه بڻياسين،
سدا تن جي اميدن تي، لهي پورو نه سگهياسين،
خلوص جي خول مان “خاطي”، نه نڪتاسين، نه وڻياسين،
تڏهن تن جو، اسان جو پڻ، رهيو سهڪار اڻپورو!
اسان جو پيار اڻپورو،
اسان جو پيار اڻپورو.