تڙپان جڏهن ڏسين تون ڏسجان بيهي تماشو،
تاڙين جي گونج ۾ تون رخصت ڪجان هي لاشو.
ان سونهن ۾ اضافو ٿئي ڀل ڪُسي وڃان مان،
لائي هٿن کي ميندي رت جي ڪجان مِٺا شو.
پنهنجا قريب ڪوٺي ونڊجان مٺا مٺايون،
جنهن پل کڄي جنازو کلي کائجان پتاشو.
جيئري تلاش آ جئن تنهنجِي مرڻ پڄاڻا،
هي روح ڀٽڪندو پيو هوندو تنهنجو تلاشو.
هڪ ڳالهه ياد رکجان بت! بي رحم اها ئي،
خوابن ۾ مون سدائين توکي هيو تراشو.
محبت جو ٻول مونسان تا زندگي نه ٻوليئي،
منهنجي مئي متان پوءِ “خاطي” چوين هو خاشو.