سڄي رات ڇوليون! ڇلندي گذاريم،
هو مانڌاڻ من ۾، لڇندي گذاريم.
لڳو تيز طوفان دل جي دنيا ۾،
وسي گڏ وِڄن سان گڙندي گذاريم.
ٻڌو هوم ٻيڻا ٿين ٿا ٻڏيء جا،
ملي شال ميهر ٻڏندي گذاريم.
نه سک سان سمهڻ ٿي ڏنو يادگيرين،
اميدن ۾ ٻرندي، اجھندي گذاريم.
بٺي ڀاڻَ جي کي، لڳي باهه جئن ٿي،
اندر ئي اندر تئن، دکندي گذاريم.
پريشانِيُنِ سان پيو پاند پُختو،
رڳو راحتن سان رسندي گذاريم.
رُئڻ ٿي گھريم پر نه روئي سگھيس ڇو؟
لڳو پو به ليڪن، روئندي گذاريم.
اڳي پوبه لنگھڻو، هيو لڪ ڏکئي مان،
سٺو پاڻ ان مان، سجھندي گذاريم.
سدا سمجهيم ٿي، وڌندو رهان ٿو،
نهاريم جو پويان، کٽندي گذاريم.
ڏکن ڏاڍا “خاطي” ڏئي ٽانڊا ڇڏيا،
حياتي ڦلن جئن، ڀُڄندي گذاريم.