شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

رخ تنهنجي مان ناز پرور رنگ نوان نروار ٿيا،

رخ تنهنجي مان ناز پرور رنگ نوان نروار ٿيا،
تو ڪئي جلوي نمائي، سڀ جھڪا سينگار ٿيا.

ذلف کولي تون جڏهن محفل اندر داخل ٿئين،
سونهن تو واري ڏسي، سهڻا لڄي لاچار ٿيا.

ذلف جھٽڪي سان هٽائي منهن جڏهن ظاهر ڪيئي،
ان ادا تي ڪيئي عاشق مون ڏٺو ٻلهار ٿيا.

عمر ساري جي سڪيا ها تنهنجي درشن واسطي،
دل جليا في الحال سرها اوچتو سرشار ٿيا.

تيز تجليون تنهنجي نيڻن مان ٿي نڪتيون نور جون،
تون جڏهن مرڪئين مٺا ٿي چؤطرف چمڪار ٿيا.

سونهن ۽ سرهاڻ سان محفل سڄي وئي واسجي،
گل پکيڙيئي گفتگو جا هر طرف هٻڪار ٿيا.

وقت کان عاشق گھڻا حيران هڪڙي جهلڪ لئه،
ڀاڳ “خاطي” ٿيا ڀلا جو دوبدو ديدار ٿيا.

