ايندو ساوڻ وري، ديس پوندو ٺري،
ڌوڙ ڌرتيءَ مٿان مينهن پوندا وسي.
پيار جي ريت جو، گيت سنگيت جو،
ٿيندو سنگم وري، روحَ پوندا رِجي.
ڪيسين رهندي خزان، رُت ڏکن جي اڃان،
بهار ايندو وري، رنگ پوندا رَچي.
نيٺ ايندا پرين، دلربا دلنشين،
من اڱڻ تي وري، ڦول پوندا ڦٽي.
ڏات وئي آ رسي، نيڻ پيا ٿم پسي،
ايندو ساجن وري، گيت پوندا جُڙي.
نِت نئين چاهه سان ساهه ويساهه سان،
ٿيندا ميلا وري، پردهه پوندا ٽٽي.
قيدَ ويندا لهي، ڪوٽ پوندا ڪري،
خان محمد وري، “خاطي” پوندو کلي.