ٿِئين تشريف فرما تون، توتان قربان ڇا ڪريان،
الائي ڪيئن عنايت ٿي، اچڻ جي ڇا بها ڪريان.
وڇايان وار قدمن ۾، توکي دل ۾ سمايان مان،
مناسب جاءِ ٻي ڪانهي، اکين ۾ اچ لڪايان مان.
ڏيان مان حاضري ڪهڙي، ڪهڙي قيمت ادا ڪريان.
الائي ڪيئن نصيبن سان، ٿيو مون وٽ اچڻ تنهنجو،
وريا اڄ بخت منهنجا ۽، بڻيو گلشن اڱڻ منهنجو،
هجن ها ڪاش سئو سرڙا، سڀئي توتان فدا ڪريان.
نه هو لائق نماڻو هي، ڪرڻ ايڏي لطف تنهنجي،
نه آ چيز اهڙي جو، هجي شاني شرف تنهنجي،
رڳو نوڙت نيازي آ، اها ئي پيو عطا ڪريان.
نه وڃ تون شام ٿي وئي آ، اڃا “خاطيءَ” کي حب تنهنجي،
تنهنجي هن خاص خادم کي، اڃا تائين طلب تنهنجي،
ڀلا ڪيئن موڪلايان ۽، اوهانکي الوداع ڪريان.