شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

دکن دردن ڀريون ڳالهيون،

دکن دردن ڀريون ڳالهيون،
چري دل جون چريون ڳالهيون،
ٻڌڻ سان تون به تڙپين ها،
پرين پنهنجو جي سمجهين ها.

نه پنهنجائپ اها چئبي،
مٺا محبت نه آ مئبي،
بنا ڪٿ پيار ارپين ها،
پرين پنهنجو جي سمجهين ها.

نه پنهنجائپ حسابن ۾،
نه پنهنجائپ حجابن ۾،
اهي ڳالهيون به پرکين ها،
پرين پنهنجو جي سمجهين ها.

سڄي دنيا ڇڏي آيس،
سڄڻ تنهنجي تڏي آيس،
خطا “خاطيءَ” کي بخشين ها،
پرين پنهنجو جي سمجهين ها.