شاعري

ريجهايو روح رابيلن

خاطي بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي، اهو رومانس ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي ذات بابرڪات سان هجي، ڌرتي سان هجي توڙي محبوبه سان. ان هر جاءِ تي ان پيار کي اڇو اجرو رکيو آهي. هو احساسن جا عڪس ڀلي انداز ۾ چٽي ٿو، سندس عڪسي شاعريءَ ۾ داخلي توڙي خارجي احساسن جون تصويرون ڏاڍيون من موهيندڙ آهن. پيار پريت، قرب ۽ ڪهل، سڪ ۽ ڇڪ سان گڏ دک ۽ درد جي ڪهاڻي پڻ سندس شاعريءَ جا موضوع آهن..
Title Cover of book ريجهايو روح رابيلن

سدا سڪ اوهان جي رئاري ٿي مونکي،

سدا سڪ اوهان جي رئاري ٿي مونکي،
اچڻ جي عجيبا عنايت ڪيو ڪا،
غمن گوندرن ۾ گذر ٿي حياتي،
اچي هاڻ حاڪم حمايت ڪيو ڪا.

دنيا بيوفا پڻ ڌڪاري ڇڏيو آ،
اوهان خود اسان کي وساري ڇڏيو آ،
صلو ڇا اهو آ سچائي جو سهڻا،
اوهين پاڻ پيارا عدالت ڪيو ڪا.

سڄڻ تنهنجي زخمن صفا چور ڪيڙو،
اڃا ڪو تدارڪ نه تو مور ڪيڙو،
ڪيو لاعلاج آ حڪيمن طبيبن،
سڄڻ جِي پوان جي عيادت ڪيو ڪا.

مٺا روز “خاطي” روئي رت ٿو هاري،
اوهان جي اچڻ ڪاڻ واٽون نهاري،
اچي حال هيڻو هي هيڪر ڏسي وڃ،
پورِي پنهنجي ڪيرئي جي حاجت ڪيو ڪا.